دوستو سلام
گهڻي عرصي کان منتظم اعلى ادا رشيد سمون کي اهو عرض ڪندو رهيو هوس ته سنڌ سلامت تي اي بوڪس جو هڪ نئون سيڪشن ٺاهيو جتي سنڌي زبان ۾ ڪتابن جو ذخيرو جمع ڪجي۔ هن کان پهرين به ڪافي دوستن ان تي گهڻو ڪم ڪيو آهي خاص ڪري سائين ماجد ڀرڳري جن شاه لطيف جو ڪلياڻ آڏواڻي وارو نسخو ۽ ٻيا ڪتاب پي ڊي ايف ۾ ٻيا ڪتاب آندا۔ انکانسواء وائس آف سنڌ جي دوستن ڪافي ڪتاب اي بوڪس ۾ آندا، سنڌي ادبي سنگت سکر جي دوستن وري الطاف شيخ جي ڪتابن تي سٺو ڪم ڪيو۔
پوء به مون اهو محسوس ڪيو ته هي ڪتاب مختلف ويب سائيٽن تي موجود هجن جو ڊيٽا بيس ڪريش ٿيڻ يا ويب سائيٽ بند هجڻ ڪري ٻئي هنڌ به سولائيء سان ملي وڃن۔ ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ سلامت جي ٻاهرين ملڪ ۾ رهندڙ ڪنهن دوست پليجو صاهبجي ڪتابن جي گهر ڪئي هئي پر افسوس جو اها سائيٽ جنهن تي اهي ڪتاب موجود هئا هاڻي بند ٿي چڪي آهي پر اهي ڪتاب مون ڊائونلوڊ ڪري رکيا هئا ۽ دوست جو مسئلو حل ٿيو۔ وائيس آف سنڌ هڪ بهترين سنڌي سائيٽ آهي ۽ دوستن تمام سٺو ڪم ڪيو آهي ۽ گهڻا ئي ڪتاب اتي موجود آهن پر هاڻي اها به گهڻو وقت بند ملي ٿي۔
آخرڪار منتظم اعلى صاحب اسان جو انگل پورو ڪيو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر جو سيڪشن متعارف ڪرايو۔ مون کي خوشي آهي ته سنڌي ڪتابن جو ذخيرو اوهان کي سنڌ سلامت تي به آساني سان ملي ويندو۔