سنڌ سلامت تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نالي سان نئين سيڪشن جو واڌارو

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]دوستو سلام

    گهڻي عرصي کان منتظم اعلى ادا رشيد سمون کي اهو عرض ڪندو رهيو هوس ته سنڌ سلامت تي اي بوڪس جو هڪ نئون سيڪشن ٺاهيو جتي سنڌي زبان ۾ ڪتابن جو ذخيرو جمع ڪجي۔ هن کان پهرين به ڪافي دوستن ان تي گهڻو ڪم ڪيو آهي خاص ڪري سائين ماجد ڀرڳري جن شاه لطيف جو ڪلياڻ آڏواڻي وارو نسخو ۽ ٻيا ڪتاب پي ڊي ايف ۾ ٻيا ڪتاب آندا۔ انکانسواء وائس آف سنڌ جي دوستن ڪافي ڪتاب اي بوڪس ۾ آندا، سنڌي ادبي سنگت سکر جي دوستن وري الطاف شيخ جي ڪتابن تي سٺو ڪم ڪيو۔

    پوء به مون اهو محسوس ڪيو ته هي ڪتاب مختلف ويب سائيٽن تي موجود هجن جو ڊيٽا بيس ڪريش ٿيڻ يا ويب سائيٽ بند هجڻ ڪري ٻئي هنڌ به سولائيء سان ملي وڃن۔ ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ سلامت جي ٻاهرين ملڪ ۾ رهندڙ ڪنهن دوست پليجو صاهبجي ڪتابن جي گهر ڪئي هئي پر افسوس جو اها سائيٽ جنهن تي اهي ڪتاب موجود هئا هاڻي بند ٿي چڪي آهي پر اهي ڪتاب مون ڊائونلوڊ ڪري رکيا هئا ۽ دوست جو مسئلو حل ٿيو۔ وائيس آف سنڌ هڪ بهترين سنڌي سائيٽ آهي ۽ دوستن تمام سٺو ڪم ڪيو آهي ۽ گهڻا ئي ڪتاب اتي موجود آهن پر هاڻي اها به گهڻو وقت بند ملي ٿي۔

    آخرڪار منتظم اعلى صاحب اسان جو انگل پورو ڪيو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر جو سيڪشن متعارف ڪرايو۔ مون کي خوشي آهي ته سنڌي ڪتابن جو ذخيرو اوهان کي سنڌ سلامت تي به آساني سان ملي ويندو۔
    [/JUSTIFY]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نالي سان نئين سيڪشن جو واڌارو

    سائين محترم دوست محمد سليمان وساڻ صاحب

    اها ته تمام وڏي خوشي جهڙي ڳالهه آهي جو سنڌ سلامت فورم تي اي بوڪس جي حوالي سان هڪ سيڪشن جو واڌارو ڪيو

    ويو آهي انهي عمل سان هاڻي سنڌ سلامت فورم تي جيڪي دوست ڪتابن جا شوقين آهن اهي به ايندا رهندا

    تمام بهترين اضافو آهي فورم تي ۽ توهان جي خواهش جو احترام به ته ڪرڻو هو

    تمام وڏي خوشخبري ٻڌائي اٿئون ادا

    سدائين گڏ
     
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نالي سان نئين سيڪشن جو واڌارو

    ادا تمام سٺي ڳاله ٻڌائي اٿئو
    هاڻي سنڌي ڪتاب۔رسالا سنڌ سلامت تي پڙهبا۔
    مهرباني ادي رشيد کي
     
  4. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: سنڌ سلامت تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نالي سان نئين سيڪشن جو واڌارو

    ادا اهڙو بهترين ڪم ڪرڻ تي سنڌ سلامت سٿ جس لهڻي ، ڪتابن جي حوالي سان وڏي ضرورت هئي،
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نالي سان نئين سيڪشن جو واڌارو

    فيصلو ته ماشاءَ الله تمام بهترين آهي، هن سيڪشن جي اضافي سان ساري سنڌ ۽ سنڌي دوست مبارڪ باد جا مستحق آهن۔
    پر هڪ سيڪشن اڳ به رکيل هو اي بڪس جي نالي سان، دوستن کان گذارش آهي ته ٿوري وضاحت ڪن ته اي بڪس ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ ڪهڙو ڊفرنس هوندو؟
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نالي سان نئين سيڪشن جو واڌارو

    هڪ ڊفرنس ته نظر اچي پيو جو ڪتاب گهر ۾ ڪيٽيگريز آهن جنهن سان مطلوبه ڪتاب جي ڳولا ۾ آساني ضرور ٿيندي۔
     
  7. سيد بشارت حسين

    سيد بشارت حسين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2011
    تحريرون:
    53
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ سلامت تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نالي سان نئين سيڪشن جو واڌارو

    سائين محترم محمد سليمان وساڻ صاحب اها ته تمام وڏي خوشي جهڙي ڳالهه آهي۔ توهان جا لک ٿورا۔
     
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نالي سان نئين سيڪشن جو واڌارو

    سائين محمد سليمان پيارا توهان جا رايا تمام ڪارائتا هوندا آهن واقعي اسان جا سنڌي ڪتاب اسان جو سرمايو آهن انهن کي انٽرنيٽ تي جيتري قدر ممڪن ٿئي هر جاء موجود هجڻ گهرجن ته جيئن هر سنڌي ڀاء کي سندس مطلوبه ڪتاب آسانيء سان ملي سگهي سائين عبدالرشيد جن جي مهرباني جو پاڻ اهڙو سهڻو قدم کنيائون.
     
  9. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: سنڌ سلامت تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نالي سان نئين سيڪشن جو واڌارو

    منهنجي خيال ۾ ڪيٽيگريون گهٽ آهن اڃان ٻولي ، گرامر، ڪمپيوٽر جي ڪيٽيگري ناهي جڙي، جڏهن ته هڪ جنرل بڪس لا به ڪيٽيگري ٺاهڻ گهرجي ، جڏهن ته ڪتاب ڪيئن ونڊ ڪبا اهو به سمجهايو ته بهتر رهندو
     
  10. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نالي سان نئين سيڪشن جو واڌارو

    ادا سڀ کان پهرين ته لک لک واڌايون جو انهي سيڪشن جو اضافو ٿيو۔ انهي ڏينهن سليمان وساڻ صاحب انهي ڪم جو ذڪر ڪيو پر پنهنجي طبيعت (ڳالهيون وڏيون ڪم گهٽ) واري سوچ جي حساب سان مون کي لڳو پئي ته اهو ڪم ٿيندو پر دير سان۔ پر ادا اڄ خبر پئي ته نه ٻيلي سنڌسلامت ٽيم وٽ قول ۽ فعل منڊي تي ٽڪ آهي۔ هتان چيو ناهي هُتان ٿيو ناهي۔ تمام سٺي ڳالهه آهي ته هاڻي ڪتاب به ملندا سنڌسلامت تي۔

    رهي ڳالهه ته شيئر ڪيئن ڪبا ته ظاهر آهي ريپڊ شيئر يا اهڙين ٻين سائيٽس تي اپلوڊ ڪري انهن جا لنڪ رکبا (پر اها منهنجي سوچ آهي متان وڏن وٽ ڪو ٻيو حل هجي)۔ باقي هڪ ننڍڙي صلاح آهي ته ڪيٽيگريز کي جنرلائيز ڪيو۔ مثلاً الطاف شيخ جا سفرناما نه پر صرف سفرناما(ڇو ته اوهان کي جڏنهن به الطاف صاحب کان علاوه ڪنهن ٻي جو سفرنامون رکڻو پيو ته وري هڪ نئين ڪيٽيگري ٺاهڻي پوندي۔) ايئن ڪرڻ سان ٿورن عنوانن سان گهڻو ڪجه ڪوَر ٿي ويندو۔ نه ته هر ڪنهن جي فرمائش الڳ هوندي ۽ ظاهر آهي پوري نه ٿيندي۔ متفرَق به رکو۔ اها ڪيٽيگري گهڻو ڪجه ڪوَر ڪري ويندي۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نالي سان نئين سيڪشن جو واڌارو

    دوستن جون مهربانيون

    ڪيٽگريين کي وڌائي ۽ گهٽائي سگهجي ٿو اهو ڪو مسئلو ناهي۔ ڪتابن جي گهرج مطابق اهو سڀ ڪري وٺنداسون۔ ٻي ڳالهه ته هي سيڪشن صرف سنڌي اي بوڪس لاء آهي، جڏهن ته ڪمپيوٽر ۽ ٻين ڪتابن لاء اسان وٽ ڪمپيوٽر سيڪشن ۾ اي بوڪس جو ڪمرو موجود آهي۔

    ڪتاب اپلوڊ ڪرڻ لاء ڪنهن به سائيٽ تي موجود پي ڊي ايف جي لنڪ به لڳائي سگهجي ٿي پر اسان ڪوشش ڪيون پيا ته الڳ سان اپلوڊ ڪري هتي ونڊ ڪجي۔ ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته جيڪڏهن مطلوبه سائيٽ بند ٿي وڃي يا ان جي سرور ۾ ڪو مسئلو پيش اچي ته اسان هتي ان ڪتاب ڱي پڙهي سگهون يا ڊائونلوڊ ڪري سگهون۔

    مهرباني
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نالي سان نئين سيڪشن جو واڌارو

    ادي سليمان وساڻ سان گڏ اسانجو به ديرينه مطالبو ۽ خواهش هئي ته ڪتابن لا الڳ ٿلڳ هڪ لائبريري هجڻ گهرجي جت علمي ادبي، تاريخي، ثقافتي، سائنسي، سياسي ۽ ٻين موضوعن جا ڪتاب هڪ هنڌ گڏ ڪري رکيا وڃن ته جيئن سنڌ سلامت تي ايندڙ هر رڪن جنهن کي ڪتابن جي تاس هجي ته ان جي تاس پوري ٿي سگهي ۔۔۔ اهو ڪم اسين رشيد سمون تي ڇڏيو هو، انڪري ته رشيد سمون جادوگر آهي، هميشه شو منتر ڪري ڪافي ڪم ڪري وٺندو آهي ۔۔۔ پاڻ ته گهر جي ان ڀاتي جيئان آهيون ته وڏو ڀا ڪمائي ته اسين کائون ۔۔۔۔

    خئير سليمان دوست جي فطرت آهي ”نه ڇڏو“ سو جيڪو خيال من ۾ سو اصل پورو ٿئي ئي ٿئي ۔۔۔ انڪري ٿورا سليمان جا جو هن رشيد کي ننڊ ڪرڻ نه ڏني هوندي ۽ رشيد وري سليمان کي ننڊ ڪرڻ نه ڏني هوندي ۽ لائبريري ٺهي راس ٿي هوندي ۔۔۔

    تمام سهڻو عمل آهي، هاڻ هڪ ئي ڪمري ۾ ڪتاب هوندا ته ان ڪمري ۾ وڃي پنهنجي پنهنجي ضرورتن جا ڪتاب پڙهي سگهبا ۔۔۔ دوستن کي گذارش آهي ته هو مختلف مضمونن جا ڪتاب پنهنجي پنهنجي خاني ۾ رکن ته جيئن روشني وڌندي رهي ۔۔۔

    آ ادي عبدالحفيظ جي ڳالهه سان پڻ سهمت آهيان ته ڪيٽيگري کي ڪو نالو ڏيڻ معني انکي تالو هڻڻ آهي ۔۔۔ جيئن سفرنامن بابت ادي جي را بلڪل سهي آهي ۔۔۔ ائين ئي ٻين مکيه ڪيٽيگريز کي پڻ مخصوص ڪرڻ ضروري ناهي ۔۔۔ ائين ته پو سنڌ ۾ ڪيترائي خاص نالا آهن ۔۔۔ ٻي صلاح ته هڪ متفرقه، يا مختلف ڪتابن جو ڌاڳو هوندو ته ان ۾ به هر طرح جا ڪتاب رکي سگهبا ۔۔۔

    آ سنڌ سلامت جي انتظاميه سميت سنڌ سلامت جي هر رڪن کي واڌايون ڏيان ٿو ۔۔۔ سنڌ سلامت جي انتظاميه ۽ سنڌ سلامت جا دوست هميشه ڪنهن نئين سوچ سان خالص سنڌي ٻولي جي هن ويب سائيٽ کي سهڻو، ڪارائتو ۽ پائدار ڪرڻ جو فڪر ڪندا رهنٿا، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو وقت ايندو جو سنڌ سلامت سموري سنڌ جي هر طبقي جي پسنديده سائيٽ ٿي منظر عام تي ايندي ۽ سنڌ جي ٻار ٻار جي وات تي سنڌ سلامت جي ساک جو نعرو هوندو ۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت

    سنڌ جا سڄڻ دوستو! اڄ اسان پڙهيل ڳڙهيل سنڌين تي جيڪي انٽرنيٽ تي اچون ٿا ۽ ڪجهه لکي سگهون ٿا، انهن تي هڪ خاص ذميواري آهي ته هو سنڌي ٻولي جي پراڻي علم کي محفوظ ڪريون ۽ نون علمن کي انٽرنيٽ تي آني ٻولي جي وڌ کان وڌ خدمت ڪري ٻولي جو مان وڌايون ۔۔۔

    سنڌي ٻولي قومي ٻولي ۽ سنڌ سلامت ساٿ سلامت

    رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
     
  13. MEER HASSAN MANDHRO

    MEER HASSAN MANDHRO
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2011
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    STUDENT
    ماڳ:
    BADIN
    جواب: سنڌ سلامت تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نالي سان نئين سيڪشن جو واڌارو

    تمام سٺو ڪم آهي اميد آهي ته اڳتي وڌاءيندا
     
  14. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نالي سان نئين سيڪشن جو واڌارو

    ادا تمام سٺو ڪم آهي
    هاڻي ته سنڌي ڪتاب اڻ کٽ ملندا
    زبردست ادا
     
  15. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نالي سان نئين سيڪشن جو واڌارو

    ڳالهه واقعي ڪجهه سائين نثار ابڙو سائين جن جي لفظن جهڙي هئي ۔۔۔ جنهن ڪري هي اضافو پڻ عمل ۾ آيو۔۔
    ان جي باوجود جو دوستن ڪافي محنت سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر کي سنڌي ادب جي بهترين ڪتابن سان سجايو آهي۔۔ ۽ هاڻي ڪتاب ڳولڻ آسان به ٿيو آهي ۔۔۔ پر ان ۾ اڃان به بهتري جي گنجائش موجود آهي۔۔ جنهن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي۔۔۔ ۽ انشاء الله ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اڃان به ڪا بهتر تبديلي آڻبي ۔۔۔
    دوستن جي محنت پنهنجي جاءِ تي پر داد ۽ تحسين جا اصل حقدار اهي ساٿي آهن جن محنت سان انهن ڪتابن کي لکيو آهي يا وري اهي ويب سائٽس آهن جن انهي ڪمن کي سهيڙي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ عام ڪيو آهي۔۔۔ اڄ جڏهن سنڌ سلامت ڪتاب گهر جو ڦيرو ڀريو ته خوشي ۽ حيرت ٿي ته اسان جي اهڙن سجاڳ دوستن ڪافي محنت ڪئي آهي پر جي غور ڪجي ته موجوده مواد سنڌي ادب جي سمنڊ ۾ ائين آهي جئين اٽي ۾ لوڻ۔۔ ان ڪري ضرورت ان عمل جي آهي ته سنڌي ادب جا اهڙن شاهڪار ڪتابن کي وڌ م وڌ ايلڪٽرانڪ ڪتابي صورت ۾ آڻي هر ڪنهن جي لاءِ عام ڪيو وڃي۔۔
    ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت طرفان به ڪتابن کي اي بوڪ جي صورت ۾ آڻڻ جو هڪ منصوبو ذهنن ۾ موجود آهي جنهن جو ذڪر مون فون تي ادا سليمان وساڻ صاحب جن سان پڻ ڪيو آهي۔۔ جنهن تحت سنڌ ادب جي انهن شاهڪار ڪتابن کي اي بوڪ جي صورت ڏني ويندي جيڪو اڄ تائين انٽرنيٽ تي اپلوڊ نه ٿيو آهي۔۔۔ ان سلسلي ۾ ڪتابن جي چونڊ لاءِ محترم نثار ابڙو سان گڏو گڏ سنڌي ادب جي وڏڙن سان پڻ صلاحون ڪيو وينديون۔۔ جنهن کان پوءِ اهڙا ڪتاب لکڻ لاءِ دوستن جي حوالي ڪيا ويندا۔۔۔
    مون کي اهو ٻڌائيندي سرهائي ٿي رهي آهي ته جڏهن مون اها ڳالهه ڪجهه دوستن اڳيان آندي ته موٽ مثبت ۽ شاندار ملي۔۔۔ ۽ ڪجهه دوستن پنهنجو خدمتون پيش ڪيون جن ۾ ۔۔
    محترم زاهد سومرو۔۔
    محترم عرس پريو۔۔
    جناب بشارت حسين شاهه صاحب ۔۔
    ۽ ڪجهه اهڙا دوست جيڪي ڪمپيوٽر تي ڪم ته ڪندا رهن ٿا پر نيٽ جي نه هئڻ جو شڪار ٿي سنڌ سلامت کان ڏور آهن۔۔۔
    مون کي يقين آهي ته گهڻو نه سهي ته ٿورو ئي سهي پر سنڌ سلامت پڻ سنڌي ادب جي خزاني کي دنيا جي سنڌين لاءِ عام ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندي۔۔
    هڪ ٻي ڳالهه جيڪا ڪافي عرصي کان ذهن ۾ هئي سا اها ته سنڌ سلامت تي ايندڙ مواد هاڻي ايتري تعداد ۾ اچي چڪو آهي جو جي چونڊ ڪري هاڻي کان ڪتابي صورت ڏجي ته ڪافي ڪتاب بڻجي سگهجن ٿا ۔۔۔ پر جيئن ته مالي پريشانين ڪر في الحال اهو ڪرڻ ممڪن نه آهي ان ڪري اهڙي مواد کي پڻ اي بوڪ جي صورت ڏئي سگهجي ٿي ته جيئن نيٽ جي سهولت نه رکندڙ ساٿين کي به سنڌ سلامت جو مواد آف لائين پڙهڻ لاءِ ملي سگهي۔۔
    اهي ڪجهه مستقبل جا ٽارگيٽ آهن جن کي حاصل ڪرڻ تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏهن سنڌ سلامت جا توهان جهڙا ساٿي سهڪاري رهن۔۔۔ اسان کي يقين آهي ته توهان اسان جي ان مشن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پنهنجو مڪمل سهڪار ڏيندا رهندا۔۔۔

    جلد ئي سنڌ سلامت طرفان پهريون ڪتاب اي بوڪ جي صورت ۾ تبديل ڪري ساٿين اڳيان آڻبو ته جيئن پنهنجي هن مشن ۾ اهو پهريون قدم ثابت ٿئي ۽ قافلو روان دوان ٿئي۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  16. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سنڌ سلامت تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نالي سان نئين سيڪشن جو واڌارو

    ادا سليمان صاحب وڏي مھرباني ادا تمام سٺي ڳاله ٻڌائي اٿئو
    هاڻي سنڌي ڪتاب۔رسالا سنڌ سلامت تي پڙهبا۔
     
  17. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: سنڌ سلامت تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نالي سان نئين سيڪشن جو واڌارو

    دوستن جا رايا پڙهياسين تمام ساراهه جوڳا اقدام کنيا ويا آهن۔۔۔۔ هي سنڌي ڪتاب گهر ٺهي چڪو آهي۔۔۔ مان اوهان وس وارن کي عرض ڪندس ته مون کي غريب جي لا ڪا خدمت درڪار هجي ته حاضر آهيان۔۔۔۔۔ دوست مونکي هڪ اڌ ڪتاب مهيا ڪن ته مان انهي کي ٽائيپ ڪرڻ شروع ڪري ڏيان ته جيئن سنڌ سلامت تي پنهنجي تخليق وڌ هجي ۔۔۔۔۔۔۔۔

    وڌيڪ اوهان دوستن جي جيڪا صلاح۔۔۔۔ مون حقير سان رابطي ۾ رهڻ لا ادا رشيد سمون جي کي ڪال ڪندا اهو سڄو سارو احوال مون تائين پهچائيندا۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو