• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محترم جناب ثناء الله صارم جن سان ڪجهه وقت رهاڻ

رحيم بخش

ايڊيٽر
ڪجهه وقت رهاڻ محترم جناب ثناء الله صارم جن سان
ڪراچي مان آيل هڪ دوست محترم طارق عالم جيڪو سنڌ جون اسلامي لائبرريون جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي ان سان گڏ درگاه عاليه راشديه پير جو ڳوٺ وڃڻ ٿيو اتي محترم جناب ثناء الله مڱڻيجو عرف صارم سنڌي ، جن سنڌي ۾ سوين خوبصورت فانٽ ڊزائن ڪيا آهن سندن ويب سائيٽ mangnejo.com
تي سندن ٺاهيل فونٽ موجود آهن ان پياري دوست سان به ملاقات جو شرف حاصل ٿيو سندن توسط سان ڪافي آساني ٿي جو ائين رات جو لائبريري بند هوندي آهي ليڪن قبلا سائين مفتي محمد رحيم سڪندري ، جن سنڌي ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو پڻ ڪيو آهن انهن جي عنايت سان رات جو لائبريري کولي وئي لائبريري پوري سنڌ ۾ نمايان حيثيت رکندڙ آهي تمام بهترين نوادرات جي زيارت ٿي ڪتاب به لا تعداد هئا ليڪن سڀ کان بهترين لائبريري جي سيٽنگ هئي بلڊنگ به خوبصورت هئي سائين ثناء الله جن جا احسان جن سهڻو ساٿ ڏنو سکر ۾ هڪ دوست حافظ محمد سليمان ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ ۽ ٻين ڪافي دوستن تمام گهڻو پيار ڏنو. الله تعالي سنڌ ۽ سنڌ واسين کي آباد رکي.
 
جواب: محترم جناب ثناء الله صارم جن سان ڪجهه وقت رهاڻ

سائين محترم رحيم بخش، ماشاء الله اوهان جهڙي طرح سان دوست ثناءُ الله جو تعرف ڪرايو آهي، جنهن مان سندس علمي ڄاڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل ڪم جي پڻ ڄاڻ ملي ٿي ۔۔۔ سنڌ هميشه تمام سهڻا انسان پئدا ڪيا آهن ڪي مشهور ٿيا ته ڪي وري پنهنجي پنهنجي وس آهر پاڻ ملهائن ويٺا، پر عام جيي نظرن کان اوجهل آهن ۔۔۔

هر ماڻهونءَ موتين کاڻ ۔۔ سنڌ جي سهڻي دوست ثناءُ الله کي سنڌ سلامت سلام پيش ڪري ٿي، سنڌ ۾ علم جا خزانا آهن ۽ علمي گهراڻا هن وقت به ڪتابن جا خزانا رکنٿا ۔۔۔ پير جو ڳوٺ پڻ سنڌ جو مشهور ۽ علم دوستن جو شهر رهيو آهي ۔۔۔

اميد ته صارم صاحب جي علمي ڄاڻ ۽ روشنيءَ مان سنڌ سلامت پڻ مستفيض ٿيندي رهندي ۔۔۔ اوهان جا ٿورا جو اوهان هيرن جهڙن دوستن جو تعرف ۽ انهن جي خدمتن جو قدر ڪندي سنڌ سلامت سان ونڊ ڪريو ٿا ۔۔۔

سهڻن ماڻهن جا ڪم به سهڻا

رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
 
جواب: محترم جناب ثناء الله صارم جن سان ڪجهه وقت رهاڻ

سائين ماشاءَ الله
پير جهنڊو واري لائبريري جي ڏسڻ جو سعادت حاصل ٿي اٿم پر پير ڳوٺ لائبريري ڪانه ڏٺي اٿم، لائبريري جي عمارت ۽ موجود مواد بابت بهترين اوهان معلومات ڏني دوستن کي عاجز جا سلام ضرور ڏجو، مهرباني۔۔۔
 
Back
Top