انٽر نيٽ تي ٻارن لاء وائيس آف سنڌ پاران هڪ ٻيو ڪتاب سنڌ ۽ هند جون ٻاراڻيون ڪهاڻيون پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن جو مرتب محمد علي ماجد آهي۔ هن ڪتاب جي اي بوڪ ڪمپوزنگ محترم عبدالجبار شيخ (سکر) ڪئي آهي۔ هن ڪتاب ۾ ادل سومرو ، ج ع منگهاڻي سميت مختلف ليکڪن جون اٺ چونڊ ڪهاڻيون شامل آهن۔ هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
ٻاراڻو ادب ته جهڙوڪر لکجڻ ئي بند ٿي ويو آهي۔ ننڍي هوندي گُل ڦُل ۽ ارچڪ مرچڪ پڙهبو هو۔ پر هاڻي ته شايد ئي سنڌي ۾ ڪو ٻاراڻو مئگزين ڇپجندو هُجي۔ اهو ئي سبب آهي جو نئين نسل کي ڪتابن کان چڙ ٿي پئي آهي۔ بابا جي سختين ۽ منع ڪرڻ باوجود لڪي لڪي اهي ڪتاب پڙهبا هئا۔ اڄ بابا خوش ٿي چوندو آهي ”ڀلو ڪيئي جو اهي پڙهيئي۔ گهٽ ۾ گهٽ ڪتابن سان دل ته وئي اٿئي۔ پوءِ اهي ڪورس جا هُجن يا ٻيا“
هن وقت ٻاراڻي ادب جي حوالي سان ڪو لڳاتار شايع ٿيندڙ رسالو شايد ئي ڪو هجي، ڪنهن وقت ۾ گل ڦل، گلڙا شڪارپور)،گلڙا ٽنڊوڄام) روشن دنيا ٽنڊوڄام، سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن سائين اسرار شام وارو، وهاب جروار وارو رانديڪو، روشن راهه سرفراز عباسي ڪراچيءَ مان ) شايع ٿيندا هئا، انهن کان علاوه ننڍن وڏن شهرن مان وقت به وقت رسالا نڪرندا رهندا هئا، هن وقت شايد گل ڦل کان سواءِ ڪو رسالو ريگيولر ناهي، ان سبب ڪري ئي اسان جو نئون نسل ڪتابن کي ڇڏي ڪري هاڻي ٻين اڻ وڻندڙ مشغولين ۾ پنهنجو وقت ضايع ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ وڊيو گيم ۽ ڪمپيوٽر تي فيس بڪ جي دنيا ان کي ادب کان تمام گهڻو پري ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ اسان سڀني کي گڏ ويهي ڪجهه نه ڪجهه سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي۔ مٿيون ڪتاب سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ سٺو واڌارو آهي۔ جس لهڻو
ادا توهان ته اڄ پراڻيون يادون تازا ڪري ڇڏيون آهن هي سڀ رسالا موتي داڻا هئا وڏي شوق ۽ انتظار سان اهي رسالا پڙهندا هئاسين پر هاڻي واقعي ٻاراڻي ادب ۾ ڪو رسالو ڪونه رهيو آهي
جنهن به دوست وٽ ٻارڻو ادب هجي يا پُراڻون سنڌي ۽ واڻين جي دور جا پهرئين کان پنجي تائين ڪتاب ته اسڪين ڪري ڊجيٽائيز ڪن يا پي ڊيف ڪنورٽ ڪري شيئر ڪن ته نئون نسل ڏسي تي اسانجو ان وقت اهو سيليبس هو جنهن سنڌ ۾ عقل ۽ فهم وارا ڏاها پئدا ڪيا هُئا ۽ جيڪي پوري دُنيا ۾ نالي وارا، ادب خدمت ڪندڙ رهيا. جيئن ته سڀ نشي پتي کان بي عيبا هُئا يا انهن ۾ نشي جي ڪا به علت ڪونه هُئي ماسواءِ سگار ۽ سگريٽ پيئڻ جي. پر جڏنهن ته پوءِ جو علم جيڪو 1977 کان پوءِ سنڌ واسين کي مليو ان سنڌ جي ماڻهن ۾ اخلاقي، توڙي سماجي واڌ نه آندي ۽ نتيجن سنڌ علم کان ڏور رهي موالي، ڌاڙيل گيري، ڪارو ڪاري، ڪانڀو خانن، پاٿاريدارن، جاگيرداري ۽ جهالت سان ڀرپور ڪلچر ۾ ڦاسي پئي .ڇو جو اڪثريت علم پکريندڙن ۽ علمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ، جي جيڪڏنهن مڪمل اڀياس ڪجي ته اڪثريت اُهي مليا جيڪي شراب، ٺري ، چرس ، ڀنگ واپرائڻ کان پوءِ ئي نشائي ڪلچر ۾ غرق ٿي سنڌي شاعري، ادب، پکيڙيندڙ هُئا ۽ پبليڪيشن ۾ به اُهي قابض رهيا. ان کان پوءِ ماحول اهڙيو جُڙندو ويو جو اسانجي محفلن جو اختتام به پيئڻ پيارڻ تي پئجي ويو جيڪو اڄ به جاري ۽ ساري آهي ڀلا پوءِ ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته علم جي فروغ ٿئي.