پڙهيل لکيل زال عمر وڌائي ٿي : تحقيق

'مختلف موضوع' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏9 جون 2011۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    سويڊن ۾ ٿيندڙ هڪ تحقيق موجب اعلي تعليم يافته زال پنهنجي ۽ پنهنجي مڙس جي عمر وڌڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي جنرل آف ايپ ڊيمي اولوجي اينڊ ڪميونٽي هيلٿ سروس جي هن تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته يونيورسٽي مان پڙهيل عورتون پنهنجي ۽ پنهنجي مڙس جي زندگي ۾ مثبت اثر وجهن ٿيون جنهن سان انهن جي ۽ انهن جي مڙسن جي عمر ۾ اضافو يقيني آهي، اهڙا مرد جن جون زالون گهٽ پڙهيل لکيل آهن انهن جي پڙهيل لکيل عورتن جي مڙسن کان اڳ مرڻ جا چانس 25 سيڪڙو تائين آهن، محققن جو چوڻ آهي ته پڙهيل لکيل عورت پنهنجي گهر وارن جي صحت جو خيال رکندي آهي ۽ انهن جي مسئلن کي جلد حل ڪري زندگي پرسڪون اندازسان هلائيندي آهي۔
    هن تحقيق سان اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته تعليم ، صحت ۽ زندگي جا طور طريقا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن جيڪر اسان کي پنهنجي زندگي ۾ خوشي ڏسڻي آهي ۽ عمر ۾ اضافو ڪرڻو آهي ته اسان کي عورتن کي تعليم ڏيارڻي پوندي اسان کي پنهنجي صحت ۽ زندگي لا۽ اها سيڙپ لازمي ڪرڻي پوندي۔
     
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: پڙهيل لکيل زال عمر وڌائي ٿي : تحقيق

    ادا اهو به سٺو۔ اسان جي عمر وڌي وئي۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پڙهيل لکيل زال عمر وڌائي ٿي : تحقيق

    يار سليمان وساڻ صاحب اصل پريشاني ڏئي ڇڏيئي
    مون جي زال پڙهيل لکيل اصل ناهي چئبو ته ٻه ڏينهن اهي به گهٽيا

    سدائين گڏ
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پڙهيل لکيل زال عمر وڌائي ٿي : تحقيق

    هاهاهاها۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ابا فقير سائين هي ونڊ مون ڪونه موڪليو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر هاڻي مان به پڙهيل لکيل زال جي چڪر ۾ آهيان۔

    اوهان وٽ هڪ بهترين حل موجود آهي ، ان جو استعمال ڪيو ۔۔۔۔ اوهان ٻي شادي بجاء ڀاڄائيء کي پڙهائڻ شروع ڪيو ۔۔۔ان کان بهتر عمل ۽ بهتر حل منهنجي نظر ۾ ٻيو ڪو به ناهي۔۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پڙهيل لکيل زال عمر وڌائي ٿي : تحقيق

    ڳالهه ته سچ آهي پر پڙهيل ڳڙهيل زال هجي ته مڙس کي جاهلانه انگل به نه ڪرڻ ڏيندي آهي ۽ نه وري سندس اوٽ پٽانگ دوستيون برداشت ڪندي آهي ۽ انڪري مرد پاڻ تي پابنديون محسوس ڪندو آهي ۔۔۔۔

    الله تعالا زال جي فطرت ۾ گهر ۽ گهر جي سنڀال جو فڪر مرد کان گهڻو رکيو آهي، انڪري اهڙيون زالون جن ۾ پڙهيل لکيل هجڻ سبب شعور سلالو هوندو آهي سي گهر ۽ انجي حفاظت ۾ وڌيڪ محتاط ۽ جاندار هونديون آهن ۔۔۔

    اسانکي معاشري ۾ عورت جي تعليم ۽ مرد جي تعليم جو برابر بندوبست ڪرڻ گهرجي ۔۔۔ علم روشني آهي جت به هوندو ته روشني پئدا ڪندو نه ڪي اوندهه اها ڳاله ته يقيني آهي ۔۔۔

    سٺي صلاح آهي

    باقي آئينا جا ٻه رک به آهن؛ ڪي پڙهيل لکيل جاهل به هوندا آهن ۔۔۔ ته ڪي وري اڻ پڙهيل مفڪر به هوندا آهن ۔۔۔بس جينهنکي الله ايمان ۽ سمجهه جي سگهه عطا ڪري ۔۔۔؟؟؟
     
  6. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: پڙهيل لکيل زال عمر وڌائي ٿي : تحقيق

    سليمان صاحب واهه جي ڳالهه ٻڌائي آهي، هروڀرو ٻي شادي ڇو ڪجي پنهنجي موجودهه زال کي کڻي پڙهائجي ته اها به سڌري پوندي ۽ مسئلو به حل ٿي ويندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو