يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن
سويڊن ۾ ٿيندڙ هڪ تحقيق موجب اعلي تعليم يافته زال پنهنجي ۽ پنهنجي مڙس جي عمر وڌڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي جنرل آف ايپ ڊيمي اولوجي اينڊ ڪميونٽي هيلٿ سروس جي هن تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته يونيورسٽي مان پڙهيل عورتون پنهنجي ۽ پنهنجي مڙس جي زندگي ۾ مثبت اثر وجهن ٿيون جنهن سان انهن جي ۽ انهن جي مڙسن جي عمر ۾ اضافو يقيني آهي، اهڙا مرد جن جون زالون گهٽ پڙهيل لکيل آهن انهن جي پڙهيل لکيل عورتن جي مڙسن کان اڳ مرڻ جا چانس 25 سيڪڙو تائين آهن، محققن جو چوڻ آهي ته پڙهيل لکيل عورت پنهنجي گهر وارن جي صحت جو خيال رکندي آهي ۽ انهن جي مسئلن کي جلد حل ڪري زندگي پرسڪون اندازسان هلائيندي آهي۔
هن تحقيق سان اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته تعليم ، صحت ۽ زندگي جا طور طريقا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن جيڪر اسان کي پنهنجي زندگي ۾ خوشي ڏسڻي آهي ۽ عمر ۾ اضافو ڪرڻو آهي ته اسان کي عورتن کي تعليم ڏيارڻي پوندي اسان کي پنهنجي صحت ۽ زندگي لا۽ اها سيڙپ لازمي ڪرڻي پوندي۔