وڪي ليڪس

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ muhammad
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

muhammad

سينيئر رڪن
ڀارت جيش محمد ۽ لشڪر طيبه اڳواڻن کي دهشتگردن جي فهرست ۾ شامل ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو:وڪي ليڪس

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وڪي ليڪس انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارت پابندي مڙهيل تنظيمن جيش محمد ۽ لشڪر طيبه جي ٽن اهم اڳواڻن کي گڏيل قومن جي دهشتگردن واري فهرست ۾ شامل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو هو، 10-2009ع دوران بيجنگ کان واشنگٽن موڪليل خط مطابق ڀارت جيش محمد جي اڳواڻ مسعود اظهر کي گڏيل قومن جي دهشتگردي واري فهرست ۾ شامل ڪرائڻ پئي گهريو، جڏهن ته ڀارت جي لشڪرطيبه اڳواڻن عبدالرحمان مڪي ۽ اعظم چيما کي به دهشتگردن جي فهرست ۾ شامل ڪرائڻ جي خواهش هئي.
 
Back
Top