ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ بينظير پارڪ ۾ هڪ نوجوان کي پڪڙڻ کانپوء رينجرز جي حوالي ڪيو ويو جنهن بغير ڪجهه ڏسڻ وائسڻ جي ان هٿين خالي نوجوان تي فائرنگ ڪري ڏني۔ جيڪو زخمن جا سور نه سهندي وفات ڪري ويو۔ قانون جي رکوالن جي ايئن قانون جون ڌڄيون اڏارڻ کانپوء ڪير قانون تي عمل ڪندو۔ ايف آء آر ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته نوجوان وٽان هڪ روالور مليو آهي پر موقعي تي موجود ماڻهو چون ٿا ته نوجوان دانهون ڪندو رهيو ته هي روالور نقلي آهي۔ هوڏان پوليس يف آء آر ۾ چاڻايو آهي ته نوجوان پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آهي پر هن وڊيو سندن ڪوڙ جو ڀانڊو کولي ڇڏيو آهي۔
