جن کي طلب ۾ آهي تات پرئنين جي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
جن کي طلب ۾ آهي تات پرئنين جي​

جن کي طلب ۾ آهي تات پرئنين جي
جن لؤن لؤن ۾ آهي لات پرينئن جي
تن کي ٿيئڻي آهي ملاقات پرينئن جي

طالب به آهي ته ۽ مطلوب به آهي
عاشق به آهي ته محبوب به آهي
جُهت جنيئين ۾ ڏينهن رات پرينئن جي

تن کي ٿيئڻي آهي ملاقات پريئن جي​

ڳولي ڳولي ٿو ڳوليان مٺا
ڦولي ڦولي ٿو ڦولهيان مٺا
جن ڳولي ذات ۾ ذات پرينئن جي

تن کي ٿيئڻي آهي ملاقات پرينئن جي​

ڪالهوڪا رقيب اڄوڪا رفيق
گنهگارن تي ڏاڏل ڏاڍو آهي شفيق
جن جي جيءَ وسي ٿي برسات پرينئن جي

تن کي ٿيئڻي آهي ملاقات پرينئن جي​
 
Back
Top