بهرحال آئون پنهنجي طرفان هن بحث کي ختم ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته اصلاح جي ڪا راهه نظر نٿي اچي. قرآن ۽ حديث مان ڪو دليل ڏيڻ بجاءِ عقلي ۽ مطنقي دليل ڏنا وڃن ٿا. شعائر الله سان هٿ چراند پئي ڪئي وڃي، الله تعاليٰ سان مذاق ڪئي وڃي
نه ادا ابو زين اوهان کي ايترو جلدي هٿ کڻڻ ڪونه ڏيندا سي مس ته فاٿو آهين

دوستي ياري پهنجي جاء تي بحث ۾ اصل گهٽ ڪونه ڪبي

۽ مون کي اميد آهي ته اهو بحث اسان جي ڀائپي تي اثر انداز نه ٿيندو ۔
ادا اسان جو عقيدو صحيح ڪر پوء ڀلي وڄجا۽ يار
ادا مون اوهان کي صرف قرآن مان ان ڪري دليل ڏني ڇو ته قرآن ۾ جڏهن هڪ ڳالهه موجود آهي ته اسان ان کي حديث ۾ چو ڳولهيون ؟ ها ان ڳاله جي تفسير کي اسان حديث جي روشني ۾ ڏسي سگهون ٿا پر نه جي مقابلي ۾ اجتهاد جائز نه آهي ۽ مان جيڪا آيت اوهان سامهون دليل طور پيش ڪئي ۽ ان جي ترجمي ۽ تشريح ڪندي اوهان پاڻ به اقرار ڪري ويا ته الله تعالي هر جاء تي موجود آهي ۔ هاڻي فيصلو اوهان جي هٿ ۾ آهي اوهان مهنجي سوال جو به جواب نه ڏنو آهي ۔۽ انشاء الله ان جو جواب به مان ڏيندس اوهان کي جي اوهان جواب نه ڏنو ته ۔
مان قرآن مان ان ڪري دليل ڏني مان اوهان کي ابتدا ۾ به چيو ته جڏهن قرآن مجيد ۾ الله جو هر جاء تي هجڻ ثابت آهي ته حديث يا سلف جو سهارو ڇا جي لاء وٺجي؟؟
ڇو ته حديث ، روايت جي ڪوڙي ، مدلس، ضعيف هجڻ جو احتمال آهي پر قرآن مجيد ته سچو آهي نه ؟ ان ۾ ڪابه گنجائش نه آهي ۔
اوهان مون کي قرآن مان ڪابه هڪ آيت ڏيکاريو جنهن مان اهو ثابت ٿيندو هجي ته الله هر جاء تي موجود نه آهي ؟؟؟
ان جي بر عڪس مان اوهان کي قرآن مجيد مان الله جو هر جاء تي هجڻ جون دليلون ڏئي چڪو آهيان ۔جن آيتن جي تشريح ڪندي اوهان پاڻ به اقرار ڪري چڪا آهيو ته الله هر جاء تي موجود آهي۔
اوهان جن حديثن جي زريعي استدلال ڪيو اهي عقلي لحاظ کان مردود هيون انهن جو حال اوهان پاڻ ڏٺو ۔
هاڻي اوهان وٽ ڪجه به نه رهيو آهي سواء چند قصن جي ۽ ڪجه دعوائن جي ۔
باقي جيسيتائين انهن حديثن جو تعلق آهي ته اڃ اسان به حديثون پڙهون ٿا اوهان جي سامهون نو برابلم '

دوستو اسان جي ڀاء ابو زين اها دعوي ڪئي ته اهلسنت جو جو مذهب اهو آهي ته الله آسمان تي ويٺو آهي ۔
اهل سنت والجماعت جو مذهب آهي ته الله تعالي عرش تي قائم آهي ۽ سندس علم پوري ڪائنات کي گهيري رکيو آهي ۽ مخلوق ۾ حلول ٿيڻ کان الله تعاليٰ کي پاڪ قرار ڏنو آهي. انهيءَ جي ابتڙ معطلة يعني جهميہ ۽ انهن جي پيروڪارن الله تعاليٰ کي مخلوق ۾ حلول ڪيو آهي ۽ الله تعاليٰ جي عرش تي مستوي ٿيڻ کان انڪار ڪن ٿا ۽ اُهي چون ٿا ته الله تعاليٰ هر جاءِ تي موجود آهي
ادا اسان اهل تشيع وٽ الله تعالي هر جاء تي موجود آهي ڇو ته جڏهن زمين آسمان نه هو تڏهن کان ان جي ذات موجود آهي ته پوء هڪ جاء کان ٻي جاء تي منتقل ٿيڻ(جيئن ادي ابو زين ڇيو ته ڪنهن مهل ڪڪر تي هو ڪنهن مهل هوا تي ته هاڻي اسمان تي آهي ) الله جي نه پر مۡخلوق جي صفت آهي نه ڪي ۡخالق جي ۔حادث جي صفت آهي نه ڪي ازلي جي ۔هو ته ازل کان موجود آهي جڏهن کان ڪجه به نه هو ۔
بحرحال قصو ڪوتاه اهل سنت جا چار وڏا فرقا آهين انهن سڀني جي راء ڇا آهي اوهان خود پڙهڻ کان پوء فيصلو ڪيو ته ادي ابو زين ڪهڙي اهل سنت جي ڳاله پيو ڪري ڇوته اهل سنت جي چئني امامن جو به اهو ئي عقيدو آهي ته الله تعالي هر جاء تي موجود آهي ۔ جهڙي طرح اوهان وٽ ما سلف جا اقوال ۽ فتاوي موجود آهين اهڙي طرح مون وٽ به هڪ نه هزارين علماء اهل سنت جا اقوال ۽ فتوائون موجود آهين جن جو الله هر جاء تي آهي هجڻ جو عقيدو آهي جن مان ڪجه جي راء پيش ڪيان ٿو باقين جي اوهان کي لنڪ ڏيان ٿو اوهان پاڻ پڙهي ڏسو ۔ ته دماغ ٺڪاڻي اچي ويندو۔
http://www.darulfatwa.org.au/content/view/893/310/
مذهب حنفي جي امام ابو حنيفه رضي الله۔ جي راء
قال الإمـــام المجتهد أبو حنيفة النعمـــــان بن ثـــــــابت رضي الله عنه (المتـوفى سـنة 150 هـ) في كتـــــــــــــابــــه (الفقه الأبسط) مــــــــــا نصه: " كــــــــــــــان الله تعالى ولا مكان قبل أن يخلق الخلق وكــان الله تعالى ولم يكن أَيْنٌ ولا خَلْقٌ ولا شيء وهو خالق كل شيء" اهـ.
الله تعالي ان وقت به هو جڏهن ڪا به شي نه هئي نه زمان هو نه مڪان هو مڪان نه هو الله ان ۡمخلوق کي پيدا ٿيڻ کان به پهريان هو ۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔
امام شافعي رضي الله عنه جو بيان
قــــال الإمـــــام المجتهد محمد بن إدريــــس الشـــــافعي رضي الله عنه (المتوفى سنة 204 هـ) ما نصه: "إنه تعالى كــــان ولا مكان فخلق المكان وهو على صفة الأزلية كما كــــــان قبل خلقــــــه المكــــــانَ لا يجوز عليه التغييرُ في ذاته ولا التبديل في صفاته" اهـ. كما نقله عنه الزبيدي فـي كتابه (إتحاف السادة المتقين)
الله ان وقت کان موجود آهي جڏهن کان نه زمان هو نه مڪان هو ۽ هو ازل کان هو ان کان بعد ۾ زمان ۽ مڪان کي پيدا ڪيائين ۽ ان جي ذات ۽ صفات ۾ ڪابه تبديلي پيدا نٿي ٿي سگهي (جيئن ادي زين چئي رهيو آهي ته ڪنهن مهل ڪڪرن تي ته ڪنهن مهل هوا تي ته ڪنهن مهل آسمان تي مطلب ته تبديلي تي تبديلي ۔)
ادا هاڻي تون ٻڌاء ته مان تهنجي ڳاله مڃان يا امام شافعي رض جي؟؟؟
امام احمد بن حنبل رضه جو بيان
كان الإمام المجتهد أحمد بن حنبل رضي الله عنه (المتوفى سنة 241 هـ) لا يقول بالجهة للبارئ. نقل ذلك عنه الإمام الحافظ ابن الجوزي الحنبلي في كتابه (دفع شبهة التشبيه).
اامام احمد بن حنبل فرمايو ته ائين نه چئو ته الله ڪنهن هڪ طرف ۾ آهي ۔(جيئن اسان جي ادي چيو آهي ته الله آسمان تي آهي۔)
ان کان علاوه مان هڪ نه هزارين سني علماء، مفتين ۽ مذهب آئمه جون فتوائون ڌيکاري سگهان ٿو جن جو اهو عقيدو آهي ته الله هر جاء تي موجود آهي
وڌيڪ جنهن به ادي کي تفصل کپي مان لنڪ ڏئي رهيو آهيان پهنجي تسلي ڪري سگهي ٿو ۔
http://www.darulfatwa.org.au/content/view/893/310/
آخر ۾ مان امام جعفر صادق جو هي قول اوهان جي سامهون پيش ڪري بحث کي ۡختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس
امام فرمايو ته
من زعم أن الله في شيء أو من شيء أو على شيء فقد أشرك إذ لو كــــــــــــان على شيء لكان محمولاً ولو كان في شيء لكان محصورًا ولو كـان من شيء لكان مُحدَثًا – أي مخلوقًا ۔
جنهن اهو خيال ڪيو ته الله ڪنهن شي ۾ آهي يا ڪنهن شي تي آهي ته ڪنهن شي مان آهي ته ان شرڪ ڪيو ڇو ته اگر الله ڪنهن شي تي هجي ها ته ان جو مطلب هو ته هو محمول آهي۔ اگر هو ڪنهن شي منجهه هجي ها ته ان جو مطلب آهي ته هو ان ۾ قيد آهي يا ان ۾ محصور آهي ۔يا سمايل آهي ۽ اگر هو ڪنهن شي منجهان هجي ها ته ان جو مطلب آهي ته هو مخلوق آهي ته حديث آهي نه ڪي قديم ۽ انهن سڀني صفتن کان الله پاڪ آهي ۔ ان ڪري هو نه ڪنهن شي ۾ آهي نه ڪنهن شي تي آهي نه ڪنهن شي ما\ن آهي۔
پر ادو ابو زين ضرور چوي ٿو ته الله آسمان تي آهي ۔ادا مان تهنجي ڳاله مڃان (جيڪا عقل ۽ نقل جي لحاظ کان رد آهي ) يا امام جعفر صادق جي ڳاله مڃان؟؟
ادي ابو زين لکيو ته
الله تعاليٰ سان مذاق ڪئي وڃي ٿي
ادا ابوزين صرف ابن تيمه جي چند ڪتابن کي پڙهي ڪري ماڻهون کي راء قايم نه ڪرڻ گهرجي ۽ راء به اها جيڪا عقل ۽ نقل جي خلاف هجي ۔الله اسان کي هيڏو دماغ جو ڏنو آهي ته ڇاجي لاء؟ ان سان ٿورو به ته غور ڪيون ته اسان کي پاڻهي مسئلو سمجه ۾ اچي ويندو ته حقيقت ڇا آهي ۔ ان لاء علم منطق ، فلسفو پڙهڻ لازمي آهي نه ڪي صرف فتو پڙهي ڪري ڪرڻ ڪافي آهي ۔الله تعالي کي آسمان تي ويهارڻ سان ڪيترا ۽ عقلي مفاسد اچن ٿا چا اوهان جي نظر ۾ عقل جي ڪابه اومڳت نه آهي ؟؟؟
اوهان جي ان عقيدي پاڻ ئي مذاق بڻائي رکي چڌيو آهي ۔ هندن جو ۡخدا به ته مندر ۾ ويٺو آهي ؟؟۽ اسان جو آسمان تي (نعوذ بالله من ذالڪ) پوء اسان جي ۽ انهن جي خدا ۾ فرق ڇا ٿيو ۔؟؟ۡخدا را ڪجه غور ۽ فڪر کان ڪم وٺو ۔
ادا پوء اهڙي عقيدي تي دنيا کلندي نه ته ٻيو ڇا ڪندي؟ ادا توحيد جي بحث ۾ هٿ وجهڻ کان پهريان علم ڪلام ۽ فلسفو به پڙهڻ لازمي آهي ۔
اميد ته اوهان کي مهنجي ڪابه ڳالهه تڪليف ڪانه ڏني هوندي پر وري به ڪابه ڀل چڪ يا اوهان کي ڪا ڳاله بري لڳي هجي ته معافي جو طلبگار آهيان