صحيح عقيدو سکو

'اي بڪس' فورم ۾ ابو زين طرفان آندل موضوعَ ‏24 آگسٽ 2009۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
  2. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين،

    توهان جو موڪليل ڪتاب پڙهيوسين۔ عقيدو صحيح آهي يا ڪو نه، ان تي ته ڳالهائڻ به نه گهرجي، هر ڪنهن جي عقيدي جو احترام ڪرڻ کپي۔ پر هڪ ڳالهه جيڪا هضم ڪا نه ٿي سگهي اها آهي، قرآن شريف جو ترجمو۔ هيٺ ڏنل آيت جي معني جيڪا ورتي وئي آهي ان مان مراد اها معني ڪانهي۔ تمام گهڻا ترجما آن لائن موجود آهن، دوست انهن معنائن مان مستفيد ٿي سگهن ٿا۔ ( سوره طه 20، آيت نمبر 5)

    جزاڪ الله

    [​IMG]
     
  3. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    سائين مٺا،
    انسان جو جيڪڏهن عقيدو درست آهي ته انهيءَ جا عمل به قبول پوندا. جيڪڏهن عقيدو باطل ۽ خراب آهي ته سندس روزا، نمازون ۽ ٻيون عبادتون قابل قبول نه آهن. خير منهنجو مقصد انهيءَ بحث ۾ پوڻ نه آهي ۽ هي فورم به انهيءَ مقصد لاءِ نه آهي.
    قرآن مجيد جا سنڌيءَ ۾ ٻه ترجما تمام گهڻو مشهور آهن: (1) مولانا تاج محمود امروٽيءَ وارو ۽ (2) مولانا محمد مدنيءَ وارو.

    (1) مولانا تاج محمود امروٽيءَ هن طرح ترجمو ڪيو آهي: ”(اُهو) ٻاجهارو عرش تي قائم آهي.“
    (2) مولانا محمد مدني ءَ جو ترجمو: ”(اهو) وڏو مهربان آهي جو عرش تي قائم آهي.“


    مولانا فتح محمد جالنڌريءَ جو ترجمو اردو ۾ هن وقت تائين قرآن پاڪ جو سڀ کان مشهور ترجمو آهي. مولانا صاحب ترجمو هن ريت ڪري ٿو:
    (یعنی خدائے) رحمٰن جس نےعرش پر قرار پکڑا

     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ


    hall chari الله کي آسمان تي ڪنهن ويهاريو آهي معاذ الله وص ته مالڪ آهي ۽ ان آسمان جصو به ۡخالق آهي پو ان تي ڪينئن ويهندو ادا

    اينما تول فثم وجهه الله

    جنهن پاسي نهاريو ان طرف الله تعالي کي پائندا

    سو الله کي آسمان تي ويهارڻ واري ڳالهه مون کي سمجه ۾ نه آئي ان جو مطلب ته اسان کي الله تعالي جي جسم رکڻ جو به قائل ٿيڻو پوندو ڇو ته جسم کان بنا آسمان تي ويهڻ ناممڪن آهي

    ۽ اهو عقيدو پڻ درست ناهي الله تعالي جسم و جسمانيت کان پاڪ آهي ۽ هو صرف آسمان تي ئي نه پر هر جاء تي موجود آهي


    ادا ابو زين وارو ڪر ٻيلي ٻروچ اصل هٿن مان ٿو وڃئي اصل ڳالهه ڇا آهي پاڻ سمجهائينس ادا
    :D
    ته جي آلله پاڪ آسمان تي وڃي ويٺو ته اسان زمين وارا ڪاڏي ويندا سي :D
     
  5. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    هڪڙو نئون بحث................. هيٺيون سٽون لکي ڪري ختم ڪريان ٿو:

    هي ڪتاب مون ”اي بڪس“ جي سيڪشن ۾ انهيءَ ڪري رکيو آهي ته جيئن هر قسم جي بحث کان اجتناب ڪجي. نيٽ گردي ڪندي مون کي هي ڪتاب هٿ آيو ۽ سٺو لڳو، انهيءَ ڪري هتي شيئر ڪيم. ٻروچ ڀاءُ ۽ ادي عليءَ کي جيڪڏهن هن ڪتاب ۾ ڪجهه اختلافي ڳالهيون نظر اچن ٿيون ته کانئن گذارش آهي ته هن کي اگنور ڪري ڇڏين. ممڪن آهي ته اسان جي ٻين دوستن لاءِ هي ڪتاب ڪارائتو هجي.
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڀائڙا ابو زين، ڪتاب انتهائي معلوماتي آهي، ڊائون لوڊ ڪري ڇڏيو آهي ۽ تحمل سان پڙهي وڌيڪ راءِ ڏبي …

    ادي ٻروچ، پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو آهي، کيس جس هجي پر هڪ ڳالهه آءُ اوهانجي اجازت سان ٻروچ کي عرض ڪندس ته
    اکران دي وچ جوئي اڙيا عشق دي چاڙهي مور نه چڙهياڍ …،

    ڀائڙا قََرآن شريف جو ترجمو ڪندي ان مذڪوره آيت جو ڪنهن ”عرش تي قائم ڪيو“ لکيو آهي ، ڪنهن”عرش تي استوا لکيو آهي“، ته ڪنهن ”عرش تي تشريف فرما ٿيا“ انگريزيءَ ۾ وري
    Above the Throne establishments who is
    ”يعني تخليق ڪيل ڪائنات جي مٿان“ ڪري لکيو آهي، جي ڏٺو وڃي ته مطلب سڀني جو ساڳيو آهي ته الله ذوالجلاله هن ڪائنات جي مٿان آهي، جيترا به آسمان آهن انهن جي مٿان، سندس بادشاهت جي ڪرسي سڄي ڪائنات کي گهيرو ڪندڙ آهي ۽ هو سموري ڪائنات جي مٿان ڇپر ۽ ڇانوَ آهي ...

    استوا عربي زبان جي لفظ جي اصل معني ڪجي ته سڀ ڪم ڪار لاهي، هٿ ڇنڊي ڪنهن مناسب جڳهه تي ٽڪاڻي ٺاهڻ جي آهي ... يا وري ڪٿي صاف هموار ۽ پنهنجي مرتبي جي لحاظ سان ڪا جڳهه پسند ڪري ان جاءِ تي پنهنجو پاڻ کي بيهارڻ آهي

    انڪري جيڪڏهن قرآن کي پڙهبو ۽ سمجهبو ته ڀٽائي سڳوري جي هو بيت پڻ سمجه ۾ اچي ٿو ...

    اول الله عليم اعلا عالم جو ڌڻي
    قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهي قديم
    والي واحد، وحده، رازق رب رحيم
    سو ساراه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم
    ڪري پاڻ ڪريم، جوڙئون جوڙ جهان جي

    ٻي ڳاله جي چئبي ته ڪتاب جو اصل عربي نالو آهي ” خذ عقيدتڪ“ هاڻ عربي لفظ خذ جي معني آهي ”وٺ يا جهل “اهڙي نموني جڏهن هن ڪتاب جو عنوان سنڌي لکيو ويو آهي”صحيح عقيدو“جو مفهوم جي حساب سان آهي نه ته ٿئي ها عقيدو وٺو يا عقيدي کي جهليو جو ڪيتري حد تائين مناسب نه ٿي لڳو ...

    اهڙي نموني ادي ٻروچ کي شايد اها ڳاله نه وڻي ته ڪنهنجي عقيدي تي بحث ٿي رهيو آهي ... جڏهن ته هن ڪتاب جو مطلب آهي ته صحيح عقيدو ڇا آهي وغيره

    باقي دوست! ڪنهنکي صحيح راه ڏيکارڻ الله ۽ الله جي رسول آڏو سڀ کان وڌيڪ پسنديده عمل آهي ... جي ڪو ماڻهون اوهان آڏو غلط ڪم ڪندو هجي ته ڇا انکي نه روڪيندا؟ جڏهن ته دين ۾ اصلاح جو پهلو موجود آهي، ڪو به دين کي غلط سمجهي ڪو غلط مطلب ڪڍي ته انکي سمجهائڻ ۽ انجو عقيدو درست ڪرڻ انتهائي ضرور آهي ... ۽ ان تي بحث اصلاح خاطر ڪرڻو آهي نه ڪي بحث براءِ بحث ... يا وري تون ڪير مان ڪير وارو رويو نه هجڻ کپي ...

    وڌيڪ دوست پاڻ سياڻا ۽ سمجهدار آهن ... بس الله تعالا اسانکي هر وقت صحيح عقيدي تي رهڻ جي توفيق فرمائي ...
     
  7. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    سائين نثار ابڙي جي هن لاجواب وضاحت کان پوءِ معاملو صاف ٿي وڃي ٿو. اميد ته هاڻي ڪنهن قسم جي اعتراض جي گنجائش باقي نه رهندي.

    شال رب پاڪ سائين نثار جي علم ۾ اضافو فرمائي ۽ کيس اجر عظيم عطا فرمائي. (آمين)
     
  8. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    منهنجي ڪمزور سمجهه جي مطابق، مون پنهنجي مٿين تحرير ۾ ڪو سوال ناهي پڇيو، ۽ نه ئي مون کي ڪنهن ڳالهه منجهايو، مون ته صرف ايترو لکيو ته ترجمو غلط لکيل آهي ۽ صحيح ترجمو ڇاآهي، ان لاء مون صرف ايتري صلاح ڏني ته اگر ٿي سگهي ته ٻين ترجمن تي هڪ نظر وجهو۔ توهان کي آن لائن تمام گهڻا ترجما ملي ويندا، هڪ يا ٻن تي نظر وجهڻ کان بهتر آهي ته سڀ ڏسو۔ ان ۾ ڪو نقصان ڪونهي۔ باقي بحث لاء مون اهو ئي چيو ته عقيدي تي نه ڳالهائجي ته بهتر ٿيندو۔

    توهان جي وضاحتن کان پوء ئي مان صرف ايترو چوندس ته ڪتاب جو نالو صحيح رکڻ سان ان ڪتاب جون سڀ ڳالهيون صحيح ناهن ٿي وينديون۔
    ادا علي علي جي ڳالهه
    هڪ وڏو سوال آهي؟ اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن

    ۽ ادا نثار جي ڳالهه ته
    مون به ائين ئي چيو ته آيت جي غلط معني توحيد جي عقيدي کي غلط ڪري ڇڏيندي۔ ان لاء اسان جو فرض آهي ته صحيح معني جي تلاش ڪريون۔
     
  9. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا سائين انهي ڪتاب کي پڙهڻ کان پوٌٌءِ ڪي رايا ڏئي سگهبا۔۔۔ مهرباني سائين۔۔۔۔
     
  10. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    هُوَ الَّذِي خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ فِي سِتَّةِ أَيَّامٍ ثُمَّ اسْتَوَى عَلَى الْعَرْشِ يَعْلَمُ مَا يَلِجُ فِي الْأَرْضِ وَمَا يَخْرُجُ مِنْهَا وَمَا يَنزِلُ مِنَ السَّمَاء وَمَا يَعْرُجُ فِيهَا وَهُوَ مَعَكُمْ أَيْنَ مَا كُنتُمْ وَاللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ (سورة الحديد)
    ”اهوئي آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ بڻايو، وري عرش تي قائم ٿيو. جو ڪجهه زمين ۾ وڃي ٿو ۽ جو ڪجهه ان مان نڪري ٿو ۽ جيڪي آسمان مان لهي ٿو ۽ جيڪي ان ڏي چڙهي ٿو، سو سڀ اهو ڄاڻي ٿو ۽ اهو اوهان سان گڏ آهي، جتي به هجو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا، تنهن کي الله ڏسندڙ آهي.“

    هن آيت سڳوريءَ ۾ ”وهو معکم اين مان کنتم“ جي تشريح قديم مفسر قرآن، امام محمد بن جرير بن يزيد الطبري رحمة الله (متوفي 310 هه) فرمائي ٿو:
    وھوشاھد علیکم ایھاالناس اینما کنتم یعلمکم و یعلم اعمالکم و متقلبکم و مثواکم وھو علی عرشہ فوق سمٰواتہ السبع
    ”اهو (الله) توهان تي گواهه آهي، توهان جتي به آهيو، اهو توهان کي ڏسي ٿو، اهو توهان جا عمل، گهمڻ ڦرڻ ۽ ٺڪاڻو ڄاڻي ٿو ۽ اهو پنهنجي ستن آسمانن کان مٿي عرش تي آهي.“ (تفسير طبري ج27 ص125)

    انهيءَ مفهوم جي هڪ آيت سڳوريءَ جي باري ۾ مفسر ضحاڪ بن مزاحم الهلالي الخراساني رحمة الله (متوفي 106 هجري) فرمائي ٿو:
    ھو فوق العرش وعلمہ معھم اینما کانوا
    ”اهو عرش تي آهي ۽ انهيءَ جو علم انهن (ماڻهن) کان گڏ آهي، چاهي اُهي ڪٿي به هجن.“ (تفسير طبري ج28 ص10)

    امام مقري محقق محدث اثري ابو عمر محمد بن عبدالله الطلمنڪي الاندلسي رحمة الله (متوفي 429هه) فرمائي ٿو:
    ”اهل سنت مسلمانن جو انهيءَ تي اجماع آهي ته (وهو معکم اين ما کنتم) آيت جو مطلب هي آهي ته:
    ان ذلک علمہ وان اللہ فوق السمٰوات بذاتہ ، مستوعلی عرشہ کیف شاء
    ”بيشڪ انهيءَ مان الله جو علم مراد آهي، الله پنهنجي ذات جي لحاظ کان آسمانن تي، عرش تي مستوي آهي، جيئن اهو گهري ٿو.“ (شرح حديث النزول لابن تيميہ ص144، 145)

    انهيءَ اجماع مان معلوم ٿيو ته ڪجهه ماڻهن جو هن آيت مان هي مسئلو ڪڍڻ ته ”الله پنهنجي ذات سان هر جاءِ تي موجود آهي“ غلط ۽ باطل آهي ۽ اجماع جي مخالف هجڻ جي ڪري مردود آهي.
    مٿين آيت سڳوريءَ ۾ ”يعلم“ لفظ به صاف انهيءَ تي دلالت ڪري ٿو ته هتي معيت مان علم ۽ قدرت مراد آهي. (توحيد خالص، بديع الزمان الراشدي رحمہ الله ص277)

    حارث بن اسد المحاسي رحمہ الله (متوفي 243 هجري) فرمائي ٿو:
    ”وکذالک لا يجوز...... الخ“ ۽ اهو چوڻ جائز نه آهي ته الله زمين تي آهي.

    حافظ ابن جوزي فرمائي ٿو: ”(جهميہ جي فرقي) ملتزمہ الله تعالي کي هر جاءِ تي (موجود) قرار ڏنو آهي.“

    شيخ عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليہ فرمائين ٿا:
    ”۽ هيئن چوڻ جائز نه آهي ته اهو (الله) هر جاءِ تي آهي، بلڪه هيئن چوڻ گهرجي ته اهو (الله) آسمانن ۾ عرش تي آهي.“ (غنية الطالبين ج1 ص100)

    (شيخ صالح بن عثيمين رحمة الله عليہ)




    توهان لاءِ تفسير ابن ڪثير جو هڪڙو قول نقل ڪريان ٿو.
    تفسير ابن ڪثير وارو سورة اعراف جي آيت ”ان ربکم الله الذي خلق السموات والارض في ستة ايام ثم استوي علي العرش“ تحت لکي ٿو ته:
    ”اهو الله عرش تي مستوي ٿيو. انهيءَ تي ماڻهن گهڻا ئي اعتراض ڪيا آهن.
    بهتر اهوئي آهي ته هن جاءِ تي سلف صالحين جو طريقو اختيار ڪيو وڃي. جيئن امام مالڪ، امام اوزاعي، امام ثوري، امام ليث، امام شافعي، امام احمد، امام اسحاق بن راهويه رحمهم الله – هنن سڀني بزرگن جو مذهب اهوئي هيو ته جيئن هيءَ آيت آهي، انهيءَ کي بنان ڪنهن ڪيفيت ۽ تشبيهه جي اهڙي طرح ئي رکيو وڃي. تشبيهه ڏيڻ وارن جي ذهنن ۾ جيڪا ڳالهه اچي پئي، الله تبارڪ وتعاليٰ انهيءَ کان گهڻو پري آهي. الله جي مشابهه انهيءَ جي مخلوق مان ڪوبه نه آهي. الله پاڪ جو فرمان آهي: ليس کمثلہ شيء وهو السميع البصير. انهيءَ جهڙو ڪوبه ناهي ۽ اهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. بلڪه حقيقت اهائي آهي جيڪا ائمہ ڪرام رحمة الله عليهم اجمعين بيان ڪئي آهي. انهن مان حضرت نعيم بن حماد خزاعي رحمة الله آهن، پاڻ حضرت امام بخاري رحمة الله عليہ جا استاد آهي. پاڻ فرمائين ٿا ته جيڪو شخص الله کي مخلوق سان تشبيهه ڏئي، اهو ڪافر آهي ۽ جيڪو شخص الله جي انهيءَ وصف کان انڪار ڪري، جيڪا الله تبارڪ وتعاليٰ پنهنجي ذات لاءِ بيان ڪئي آهي، اهو به ڪافر آهي. خود الله تعاليٰ ۽ رسول الله صلي الله عليہ وسلم جيڪي صفتون ذات باري تعاليٰ جل شانہ جون بيان فرمايون آهن، انهن ۾ هرگز هرگز تشبيهه نه آهي.“

    استوي علي العرش تي حديثون به پيش ڪري سگهجن ٿيون، پر انهن جي پيش ڪرڻ جو ڪو فائدو نه آهي. انهيءَ ڪري هن تي اڪتفا ڪجي ٿي. وڌيڪ هدايت ڏيڻ الله جي هٿ ۾ آهي.
     
  11. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    ادا ابو زين ٻروچ ڳلي پئجي ويو ٿي پاڻ ڄاڻيس فقير هجي ها ته جان ڇڏائي وڃي ها پر يار فقير کان مڙئي پڇي وٺ ته ڇا ڪجي ان مان ڪيئن جنند ڇڌائجي :D

    ادا پر ٻروچ ۽ بلوچ وري به هڪ ئي مٽي جا آهين سو ان جي ور وٺندي مان به سائين نثار واري ڳاله ڪندس ته تاج محمد امروٽي ۽ ٻين مترجمن جيڪو ترجمو ڪيو
    آهي اسان انهن لفظن ۾ الجهي پيا آهيون ۽ سائين ان جي وضاحت به ڪئي ته ان الله تعالي عرش تي قائم آهي مان مراد الله تبارڪ و تعالي جي بلند درجي ۽ مان ۽ مرتبه ڏانهن اشارو آهي نه ڪي ان مان مراد اها آهي ته الله تعالي آسمان تي ويٺو آهي
    ادا هتي ٻيا به اهڙا ترجما آهين جن پهنجي ترجمي ۾ الله تعالي کي آسمان تي ناهي ويهاريو بلڪ تمام بهترين ترجمو ڪيو آهي جن مان
    شيخ محسن علي نجفي جو ترجمو پيش آهي
    پر ادا ابو زين اوهان جي تحريرن کي پڙهڻ کان پوء معلوم ٿيو ته نه اوهان اهو ئي چوڻ چاهيو ٿا ته الله تعالي آسمان تي ويٺو آهي ۔

    ادا اسان وٽ هڪ قانون آهي ته هر اها حديث ، روايت، اجماع، يا دليل عقل قران مجيد جي مۡخالف هجي ان کي ناهيون مڃيندا ڇوته قران جي مقابلي ۾ اچڻ واري هر شي کي رد ڪرڻ يا ان جي تاويل ڪرڻ هر هڪ مسلمان جو فرض آهي
    ۽ قرآن مجيد جي ايت ته ليس ڪمثله شي ان ذات جي مثل ڪابه شي نه آهي هو هو الصمد هو هر شي کان بي نياز آهي هو ڪنهن به شي جو محتاج نه آهي نه آسمان تي رهڻ جو نه زمين تي رهڻ جو بلڪه زمين ۽ اسمان ان جا محتاج آهين ۽ اهو چوڻ ته الله آسمان تي ويٺو آهي ان جو مطلب آهي ته ظاهري آهي ته آسمان ۾ڪنهن جڳه تي ويٺو هوندو الله ان جڳه جو به محتاج ڪنهن ڪنڊ يا ڪنهن طرف يا پاسي ۾ ويٺو هوندو مطلب ته ان پاسي يا جڳه جو به محتاج مطلب ته الله جو ڪنهن ۡخاص جڳهه تي هجڻ جو قايل ٿيڻ جو مطلب آهي ته الله ويهڻ لاء ان زمان، مڪان، جهت ، ۽ جسم جو محتاج آهي معاز الله محتاج خدا ٿي نٿو سگهي ، جسم کان الله پاڪ آهي ان ڪري جسم رڪندڙ به الله جي ذات نٿي ٿي سگهي
    ته پوء ڪهڙي ڳاله جي بنا تي اوهان اهو تسليم ڪيو ته الله تعالي آسمان تي موجود آهي ؟؟؟

    اگر اهو چوڻ جائز نه آهي ته الله زمين تي آهي ته پوء الله آسمان تي آهي چوڻ ڪيئن جائر ٿيو ؟؟؟

    پوء بهتر آهي ته اسان اهو عقيدو رکون ته الله هر جاء تي موجود آهي ۽ اهو ئي صحيح عقيدو آهي
    بحرحال اسان وٽ قرآن مجيد جي سوره بقره جي آيت نمبر 11511
    { ولله المشرق والمغرب فأينما تولوا فثم وجه الله } (البقرة:1115 موجود آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته الله تعالي هر جاء تي موجود آهي ته پوء اسان ڪنهن اجماع يا ڪنهن ٻي حديث کي ط\ڇو ٿا بيان ڪيون؟؟
    پر ادا مهنجو اوهان کان ۽ هر ان شۡخص کان هڪ سوال آهي جيڪڏهن ان وٽ جواب آهي ته مون کي مهنجي سوال جو جواب ڏي مان پاڻ ۽ سڃي سنڌ سلامت جا دوست به ان عقيدي کي مڃڻ لاء تيار ٿي ويندا سي ته واقعا الله آسمان تي ويٺو آهي ۔(۽ زمين وارا بنا ۡخدا جي پيا جيئن :D)مهنجو سوال هي آهي ته

    الله آسمان کي پيدا ڪرڻ کان پوء ئي آسمان تي ويٺو هوندو آسمان کي پيدا ڪرڻ کان پهريان الله تعالي ڪٿي ويٺل هو؟ ۽ اها جڳهه ڇڏي ڪري آسمان تي اچي ڇو ويٺو؟​
     
  12. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
     
  13. اسدي

    اسدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    44
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا ابوزين صاحب
    توهان موضوع جو عنوان ڏنوته ( صحيع عقيدو سکو ) اڃا ته توهان جي بحث هلي پئي ڪنهن کي جذبات ۾ اچي منافق چوڻ سٺو نه آهي
    الله تعالي سڀني کي هدايت ڏئي ۔
    پر ڀاءُ علمي گفتگو ۾ ڏاها چوندا آهن گهڻو جذباتي ٿيڻ معني زوري ڳاله کي بغير دليل جي مسلط ڪرڻ آهي
    هن دور ۾ الله تعالي هر ڪنهن کي سانڃھ ڏني آهي ته هو پنهجو عقيدو صحيع ڪري سگهي ٿو
    خدا جو ڪلام ۽ احاديث پيغمبر موجود آهن انٽرنيٽ تي هر سهولت موجود آهي مٺا توهان جي واويلا ڪرڻ اجائي آهي
    خود پيغمبر اسلام جي زندگي تي نظر فرايو ( توهان ته مون کان وڌيڪ ٿا ڄاڻو ) پاڻ سڳورا نهايت اخلاق سان دين مبين اسلام جي تبليغ ڪندا هئا ٻين لفظن ۾ کڻي چئون ته عملي تبليغ ڪندا هئا ايتري تائين جو نبوت جي اعلان کان پهريان بدو عرب پاڻ سڳورن کي امين ،صادق ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ چوڻ تي مجبور هئا
    shal judy hujeen
     
  14. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    مهرباني سائين، جزاک الله.
     
  15. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ




    واه ادا ابو زين اصل سڀئي مٽ ڀڃي ڇڏئي ڳار ڪجه ٻروچ جي لاء به ته رهائين ها يار :D :D
    ادا اوهان کان جيڪو مهنجو سوال هو ان جو فيصلو مان پاڻ نه ڪندس دوستن سان گڏ ويهي ڪري اوهان جي جواب تي غور ڪيون ٿا پاڻهي سڀئي مٽ جڙجي ويندا

    دوستو مان ادي ابو زين کي اهو ئي چيو ته اوهان جي بقول ته الله اسمان تي ويٺو آهي ( جنهن عقيدٿ رڪڻ سان الله تعالي جي جسم ۽ محدوود ۽ محتاج هجڻ جو پڻ قايل ٿيڻو پوندو ) (۽ بعيد نه آهي ته ادو ان جو به قايل هجي ته الله تعالي هڪ خوبصورت ڇوڪري جي شڪل ۾ آهي ۽ هو آسمان تي سون جي ڪرسي تي ويهندو آهي ته ان مان آواز نڪرندا آهين ،)
    خير سوال هو هيو ته الله تعالي جڏهن پاڻ هو ۽ ٻيوڪجه به نه هونه زمين نه آسمان ته الله تعالي ڪٿي رهندو هو جو آسمان ٺاهڻ کان پوء اچي آسمان تي رهيو ؟
    ادي ابو زين اهڙو منطقي جواب ڏنو جو مون کي ته کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي ويو آهي

    ادا ابو زين اها ته مون کي به ۡخبر هئي ته اوهان جڏهن الله پاڪ کي ويهارڻ جو ٺيڪو کنيو آهي ته اوهان ڪٿي نه ڪٿي ان کي ضرور ويهاريندو ڪنهن مهل پاڻي تي ته ڪنهن مهل بادلن تي ته ڪهن مهل ڪٿي ۔
    پر سوال اهو هو ته جنهن مهل ڪجهه به نه هو هو صرف ان جي ذات هئي زمين ۽ اسمان نه هو ۽ ان جي درميان هلندڙ بادل نه هئا نه ئي پاڻي هو ته الله جي ذات ڪٿي ويٺل هئي جو بعد ۾ اچي آسمان تي ويٺو ؟؟

    پر وري دليل به ايتري پختي جو وڃي ٿيا خير

    اديي دليل هن ريت پيش ڪئي
    اوهان سڀئي ذرا سوال تي غور ڪيو جيڪو ان حديث ۾ آهي ته

    اسان جو رب مخلوق کي پيدا ڪرڻ کان اڳ ڪٿي هو؟

    جواب مليو ته
    پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو ته ڪڪرن ۾ هيو جنهن جي هيٺان ۽ مٿان هوا هئي ۽ الله پنهنجو عرش پاڻيءَ تي پيدا ڪيو

    سوال ڪرڻ واري اهو ئي پڇيو ته الله مۡخلوق کي پيدا ڪرڻ کان پهريان ڪٿي هو
    جواب ڪڪرن ۾ هجڻ ٻڌايو ويو ادا مۡخلوق جي معني آهي خلق ٿيل شي ،۽ ڪڪر هوا زمين پاڻ سڀ الله جي مخلوق آهي ۽ ان کي مخلوق سڏيو ويندو آهي ۔جڏهن ته پڇڻ واري انهن سڀني شين جي خلق ڪرڻ کان به پهريان جو حال پڇي رهيو آهي ته پوء ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته نبي ڪريم ان کي غلط جواب ڏين ؟؟ ادا جڏهن الله مخلوق کي پيدا ئي نه ڪيو هو ته اهي ڪڪر وري ڪاڏانهن اچي ويا؟ اهو پاڻي ڪٿان اچي ويو؟ جڏهن ته الله ڪا مخلوق پيدا ئي نه ڪئي هئي؟؟؟
    ان مان معلوم ٿيو ته اها من گهڙت حديث آهي ۽ جيڪا عقل جي به خلاف آهي


    ادي ابو زين اينما تول فثم وجهه الله ته جنهن پاسي به نگاه ڪندو ته الله تعالي کي پائيندا ۔
    جي بابت چيو ته اها آيت صرف نماز کي ڪنهن پاسي مهن ڪري پڙهجي جي باري ۾ آئي آهي ۔
    ادا ان ڳاله کان ڪنهن انڪار ڪيو ته ان باري۾ نه آئي آهي پر ادا پر ان مان اها ئي ڳالهه به پر الله جو هر جاء تي هجڻ به ثابت ٿي ٿو ان ئي آڳت جي تشريح ۽ ڳاله جو اوهان پاڻ به اقرار ڪري چڪا آهيو اوهان لکيو آهي ته
    ادا اوهان ئي ٻڌايو ته اوهان جي بقول ته الله نه اوڀر ۾ رهي ٿو ۽ نه ئي اولهه ۾. اهو سمورن طرفن ۽ جاين جو مالڪ آهي ۔ جو مطلب ڇاآهي ؟ ڇا اهو مطلب نه آهي ته هو هر جاء تي موجود آهي ؟؟ جنهن جي لاء اسان صبح کان وٺي پيا روئون
    اوهان ته پهنجي ئي ڳاله ۾ ڦاتل آهيو :D جڏهن اوهان پاڻ چئو ٿا ته اولهه اوڀر ۾ نه پر هر جاء تي موجود آهي ته پوء آسمان تي ڇو ٿا ويهاريوس؟؟:D
    اوهان خود ئي ان آيت جي تفسير ۾ چيو آهي ته
    جڏهن پر پاڻ ڪنهن طرف يا جاءِ ۾ قيد نه آهي ته اوهان ان کي آسمان تي قيد ڪري ڇو ويهاريوآهي؟؟:D
    اوهان جي تفسير مطابق ته قران



    جي اها تفسير آهي ته الله هر طرف آهي ۽ پاڻ ڪنهن طرف ۾ قيد نه آهي ته پوء اوهان ان کي هڪ طرف ڇو محدود ڪيو پيا؟ اسان اوهان جي ڳالهه مڃون يا قرآن جي تفسير کي مڃون ؟ جيڪا اوهان پاڻ ڪئي آهي ؟

    ادا جلدي ڪيو اوهان مون کي سوال جو جواب ڏيو تاڪي اسان به حقو پاڻي کڻي آسمان تي هلون جتي اسان جو رب ويٺو آهي ۔

    ڀائرو ادي ابو زين الله کي عرش تي ويهاري اها ڳاله ڪئي ته اهو عقيدو اهل سنت جو عقيدو آهي ان جي تصديق پاڻهي سائين نثار ڪندا پر مان

    فقه جعفريو جو عقيدو بيان ڪندو هلان ته

    الله تعالي وحدو لاشريڪ آهي هو هر جا۽ تي موجود آهي ۽ جسم و جسمانيت کان مبراه ۽ منزه آهي ۽ اهو ئي عقيدو الله تبارڪ و تعالي جي لاء رکڻ مناسب آهي نه ڪي ڪنهن جاء ۾ منحصر ڪرڻ ڳا ان جي جسمانيت جو قايل هجڻ آهي
    وڌيڪ اگر توحيد کي سمجهڻو اٿو ته مولاي ڪائنات علي ابن ابي طالب جو نهج البلاؓغو جو پهريون خطبو جيڪو توح

    دین کی ابتدائ اس کی معرفت ہے. کمالِ معرفت اس کی تصدیق ہے, کمالِ تصدیق توحید ہے. کمالِ توحید تنزیہ و اخلاص ہے اور کمالِ تنز یہ و اخلاص یہ ہے کہ اس سے صفتوں کی نفی کی جائے. کیونکہ ہر صفت شاہد ہے کہ وہ اپنے موصوف کی غیر ہے . اور ہر موصوف شاہد ہے کہ وہ صفت کے علاوہ کوئی چیز ہے . لہذا جس نے ذاتِ الٰہی کے علاوہ صفات مانے. اس نے ذات کا ایک دوسرا ساتھی مان لیا اور جس نے اس کی ذات کا کوئی اور ساتھی مانا. اس نے دوئی پیدا کی, اس نے اس کے لئے جز بنا ڈالا اور جو اس کے لئے اجزاء کا قائل ہوا وہ اس سے بے خبر رہا. اور جو اس سے بے خبر رہا. اس نے اسے قابلِ اشارہ سمجھ لیا اور جس نے اسے قابلِ اشارہ سمجھ لیا اس نے اس کی حد بندی کر دی اور جو اسے محدود سمجھا. وہ اسے دوسری چیزوں ہی کی قطار میں لے آیا جس نے یہ کہا کہ وہ کس چیز میں ہے اس نے اسے کسی شے کے ضمن میں فرض کر لیا اور جس نے یہ کہا کہ وہ کس چیز پر ہے. اس نے اور جگہیں اس سے خالی سمجھ لیں . وہ ہے, ہوا نہیں . موجود ہے. مگر عد م سے وجود میں نہیں آیا. وہ ہر شے کے ساتھ ہے , نہ جسمانی اتصال کی طرح , وہ ہر چیز سے علٰیحدہ ہے, نہ جسمانی دُوری کے طور پر, وہ فاعل ہے, لیکن حرکات و آلات کا محتاج نہیں , وہ اس وقت بھی دیکھنے والا تھا جب کہ مخلوقات میں کوئی چیز دکھائی دینے والی نہ تھی. وہ یگانہ ہے . اس لئے کہ اس کوئی ساتھی نہیں ہے کہ جس سے وہ مانوس ہو اور اسے کھو کر پریشان ہوجائے. اس نے پہلے پہل خلق کو ایجاد کیا . بغیر کسی فکر کے جولانی کے اور بغیر کسی تجربہ کے جس سے فائدہ اٹھانے کی اسے ضرورت پڑی ہو اور وہ بغیر کسی حرکت کے جسے اس نے پیدا کیا اور بغیر کسی ولولہ اور جوش کے جس کے وہ بیتاب ہوا ہو . ہر چیز کو اس کے وقت کے حوالے کیا. بے
     
  16. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    ڪافي حديثن جا حوالا ۽ سلف صالحين جو مذهب پيش ڪرڻ کان پوءِ به ڪجهه کُڙتيل ناهي نڪتو، بجاءِ قرآن ۽ حديث مان ڪو دليل ڏيڻ جي الفاظن جي هيرا ڦيري جي راند پئي کيڏي وڃي، پڙهندڙ فيصلو ڪن ته ڇا هڪڙو به اهڙو حوالو آهي، جنهن جو ادي عليءَ ذڪر ڪيو هجي بلڪه هڪڙي صحيح حديث کي محض انهيءَ ڪري من گهڙت چيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اُها عقلي ۽ منطقي معيار تي پوري نٿي لهي.
    جنهن حديث کي ادو علي من گهٽ چئي رهيو آهي، اها ساڳي حديث سنن ابن ماجہ ۾ به آهي ۽ امام ترمذي هن حديث کي حسن چوي ٿو. (ڏسو تفسير ابن ڪثير سورة هود آيت نمبر 7)

    بهرحال آئون پنهنجي طرفان هن بحث کي ختم ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته اصلاح جي ڪا راهه نظر نٿي اچي. قرآن ۽ حديث مان ڪو دليل ڏيڻ بجاءِ عقلي ۽ مطنقي دليل ڏنا وڃن ٿا. شعائر الله سان هٿ چراند پئي ڪئي وڃي، الله تعاليٰ سان مذاق ڪئي وڃي ۽ انهيءَ کي ڪنهن خوبصورت ڇوڪري سان تشبيهه ڏني وڃي ٿي (معاذ الله) خدشو آهي ته هن بحث جا ڪجهه منفي نتيجا نڪرن. باقي پڙهندڙن کي گذارش آهي ته پاڻ ئي فيصلو ڪن، بلڪه سائين نثار ابڙي کي ادو علي ثالث مقرر ڪري چڪو آهي.
    الله اسان سڀني کي صراط مستقيم تي هلائي. (آمين)

    والسلام



     
  17. اسدي

    اسدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    44
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا ابوزين ترسو ڪيڏانهن؟
    اسان سڀ سنڌ سلامت جا دوست مٿي تي هٿ ڏيو ويٺا آهيون ته ڏ سو بحث جو نتيجو ڇاٿو نڪري ادا علي علي ته نهايت ئي سهڻي انداز ۾ توهان جي ڳالهين جي وضاحت ڪندي توهان کي جواب ڏنا آهن توهان اتي ئي بحث کي ختم پيا ڪريو اسان اٻوجھ ڪيڏانهن وڃو توهان جذبات کي هڪ پاسي ڇڏي بحث ڪيو
    الله سائين اسان سڀني حق تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي . آمين
     
  18. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    نه ادا ابو زين اوهان کي ايترو جلدي هٿ کڻڻ ڪونه ڏيندا سي مس ته فاٿو آهين :D
    دوستي ياري پهنجي جاء تي بحث ۾ اصل گهٽ ڪونه ڪبي :D ۽ مون کي اميد آهي ته اهو بحث اسان جي ڀائپي تي اثر انداز نه ٿيندو ۔

    ادا اسان جو عقيدو صحيح ڪر پوء ڀلي وڄجا۽ يار

    ادا مون اوهان کي صرف قرآن مان ان ڪري دليل ڏني ڇو ته قرآن ۾ جڏهن هڪ ڳالهه موجود آهي ته اسان ان کي حديث ۾ چو ڳولهيون ؟ ها ان ڳاله جي تفسير کي اسان حديث جي روشني ۾ ڏسي سگهون ٿا پر نه جي مقابلي ۾ اجتهاد جائز نه آهي ۽ مان جيڪا آيت اوهان سامهون دليل طور پيش ڪئي ۽ ان جي ترجمي ۽ تشريح ڪندي اوهان پاڻ به اقرار ڪري ويا ته الله تعالي هر جاء تي موجود آهي ۔ هاڻي فيصلو اوهان جي هٿ ۾ آهي اوهان مهنجي سوال جو به جواب نه ڏنو آهي ۔۽ انشاء الله ان جو جواب به مان ڏيندس اوهان کي جي اوهان جواب نه ڏنو ته ۔

    مان قرآن مان ان ڪري دليل ڏني مان اوهان کي ابتدا ۾ به چيو ته جڏهن قرآن مجيد ۾ الله جو هر جاء تي هجڻ ثابت آهي ته حديث يا سلف جو سهارو ڇا جي لاء وٺجي؟؟
    ڇو ته حديث ، روايت جي ڪوڙي ، مدلس، ضعيف هجڻ جو احتمال آهي پر قرآن مجيد ته سچو آهي نه ؟ ان ۾ ڪابه گنجائش نه آهي ۔

    اوهان مون کي قرآن مان ڪابه هڪ آيت ڏيکاريو جنهن مان اهو ثابت ٿيندو هجي ته الله هر جاء تي موجود نه آهي ؟؟؟
    ان جي بر عڪس مان اوهان کي قرآن مجيد مان الله جو هر جاء تي هجڻ جون دليلون ڏئي چڪو آهيان ۔جن آيتن جي تشريح ڪندي اوهان پاڻ به اقرار ڪري چڪا آهيو ته الله هر جاء تي موجود آهي۔
    اوهان جن حديثن جي زريعي استدلال ڪيو اهي عقلي لحاظ کان مردود هيون انهن جو حال اوهان پاڻ ڏٺو ۔

    هاڻي اوهان وٽ ڪجه به نه رهيو آهي سواء چند قصن جي ۽ ڪجه دعوائن جي ۔

    باقي جيسيتائين انهن حديثن جو تعلق آهي ته اڃ اسان به حديثون پڙهون ٿا اوهان جي سامهون نو برابلم ':D
    دوستو اسان جي ڀاء ابو زين اها دعوي ڪئي ته اهلسنت جو جو مذهب اهو آهي ته الله آسمان تي ويٺو آهي ۔
    ادا اسان اهل تشيع وٽ الله تعالي هر جاء تي موجود آهي ڇو ته جڏهن زمين آسمان نه هو تڏهن کان ان جي ذات موجود آهي ته پوء هڪ جاء کان ٻي جاء تي منتقل ٿيڻ(جيئن ادي ابو زين ڇيو ته ڪنهن مهل ڪڪر تي هو ڪنهن مهل هوا تي ته هاڻي اسمان تي آهي ) الله جي نه پر مۡخلوق جي صفت آهي نه ڪي ۡخالق جي ۔حادث جي صفت آهي نه ڪي ازلي جي ۔هو ته ازل کان موجود آهي جڏهن کان ڪجه به نه هو ۔
    بحرحال قصو ڪوتاه اهل سنت جا چار وڏا فرقا آهين انهن سڀني جي راء ڇا آهي اوهان خود پڙهڻ کان پوء فيصلو ڪيو ته ادي ابو زين ڪهڙي اهل سنت جي ڳاله پيو ڪري ڇوته اهل سنت جي چئني امامن جو به اهو ئي عقيدو آهي ته الله تعالي هر جاء تي موجود آهي ۔ جهڙي طرح اوهان وٽ ما سلف جا اقوال ۽ فتاوي موجود آهين اهڙي طرح مون وٽ به هڪ نه هزارين علماء اهل سنت جا اقوال ۽ فتوائون موجود آهين جن جو الله هر جاء تي آهي هجڻ جو عقيدو آهي جن مان ڪجه جي راء پيش ڪيان ٿو باقين جي اوهان کي لنڪ ڏيان ٿو اوهان پاڻ پڙهي ڏسو ۔ ته دماغ ٺڪاڻي اچي ويندو۔

    http://www.darulfatwa.org.au/content/view/893/310/



    مذهب حنفي جي امام ابو حنيفه رضي الله۔ جي راء
    قال الإمـــام المجتهد أبو حنيفة النعمـــــان بن ثـــــــابت رضي الله عنه (المتـوفى سـنة 150 هـ) في كتـــــــــــــابــــه (الفقه الأبسط) مــــــــــا نصه: " كــــــــــــــان الله تعالى ولا مكان قبل أن يخلق الخلق وكــان الله تعالى ولم يكن أَيْنٌ ولا خَلْقٌ ولا شيء وهو خالق كل شيء" اهـ.

    الله تعالي ان وقت به هو جڏهن ڪا به شي نه هئي نه زمان هو نه مڪان هو مڪان نه هو الله ان ۡمخلوق کي پيدا ٿيڻ کان به پهريان هو ۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔

    امام شافعي رضي الله عنه جو بيان
    قــــال الإمـــــام المجتهد محمد بن إدريــــس الشـــــافعي رضي الله عنه (المتوفى سنة 204 هـ) ما نصه: "إنه تعالى كــــان ولا مكان فخلق المكان وهو على صفة الأزلية كما كــــــان قبل خلقــــــه المكــــــانَ لا يجوز عليه التغييرُ في ذاته ولا التبديل في صفاته" اهـ. كما نقله عنه الزبيدي فـي كتابه (إتحاف السادة المتقين)
    الله ان وقت کان موجود آهي جڏهن کان نه زمان هو نه مڪان هو ۽ هو ازل کان هو ان کان بعد ۾ زمان ۽ مڪان کي پيدا ڪيائين ۽ ان جي ذات ۽ صفات ۾ ڪابه تبديلي پيدا نٿي ٿي سگهي (جيئن ادي زين چئي رهيو آهي ته ڪنهن مهل ڪڪرن تي ته ڪنهن مهل هوا تي ته ڪنهن مهل آسمان تي مطلب ته تبديلي تي تبديلي ۔)
    ادا هاڻي تون ٻڌاء ته مان تهنجي ڳاله مڃان يا امام شافعي رض جي؟؟؟

    امام احمد بن حنبل رضه جو بيان

    كان الإمام المجتهد أحمد بن حنبل رضي الله عنه (المتوفى سنة 241 هـ) لا يقول بالجهة للبارئ. نقل ذلك عنه الإمام الحافظ ابن الجوزي الحنبلي في كتابه (دفع شبهة التشبيه).

    اامام احمد بن حنبل فرمايو ته ائين نه چئو ته الله ڪنهن هڪ طرف ۾ آهي ۔(جيئن اسان جي ادي چيو آهي ته الله آسمان تي آهي۔)
    ان کان علاوه مان هڪ نه هزارين سني علماء، مفتين ۽ مذهب آئمه جون فتوائون ڌيکاري سگهان ٿو جن جو اهو عقيدو آهي ته الله هر جاء تي موجود آهي
    وڌيڪ جنهن به ادي کي تفصل کپي مان لنڪ ڏئي رهيو آهيان پهنجي تسلي ڪري سگهي ٿو ۔
    http://www.darulfatwa.org.au/content/view/893/310/

    آخر ۾ مان امام جعفر صادق جو هي قول اوهان جي سامهون پيش ڪري بحث کي ۡختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس
    امام فرمايو ته
    من زعم أن الله في شيء أو من شيء أو على شيء فقد أشرك إذ لو كــــــــــــان على شيء لكان محمولاً ولو كان في شيء لكان محصورًا ولو كـان من شيء لكان مُحدَثًا – أي مخلوقًا ۔

    جنهن اهو خيال ڪيو ته الله ڪنهن شي ۾ آهي يا ڪنهن شي تي آهي ته ڪنهن شي مان آهي ته ان شرڪ ڪيو ڇو ته اگر الله ڪنهن شي تي هجي ها ته ان جو مطلب هو ته هو محمول آهي۔ اگر هو ڪنهن شي منجهه هجي ها ته ان جو مطلب آهي ته هو ان ۾ قيد آهي يا ان ۾ محصور آهي ۔يا سمايل آهي ۽ اگر هو ڪنهن شي منجهان هجي ها ته ان جو مطلب آهي ته هو مخلوق آهي ته حديث آهي نه ڪي قديم ۽ انهن سڀني صفتن کان الله پاڪ آهي ۔ ان ڪري هو نه ڪنهن شي ۾ آهي نه ڪنهن شي تي آهي نه ڪنهن شي ما\ن آهي۔
    پر ادو ابو زين ضرور چوي ٿو ته الله آسمان تي آهي ۔ادا مان تهنجي ڳاله مڃان (جيڪا عقل ۽ نقل جي لحاظ کان رد آهي ) يا امام جعفر صادق جي ڳاله مڃان؟؟
    ادي ابو زين لکيو ته
    ادا ابوزين صرف ابن تيمه جي چند ڪتابن کي پڙهي ڪري ماڻهون کي راء قايم نه ڪرڻ گهرجي ۽ راء به اها جيڪا عقل ۽ نقل جي خلاف هجي ۔الله اسان کي هيڏو دماغ جو ڏنو آهي ته ڇاجي لاء؟ ان سان ٿورو به ته غور ڪيون ته اسان کي پاڻهي مسئلو سمجه ۾ اچي ويندو ته حقيقت ڇا آهي ۔ ان لاء علم منطق ، فلسفو پڙهڻ لازمي آهي نه ڪي صرف فتو پڙهي ڪري ڪرڻ ڪافي آهي ۔الله تعالي کي آسمان تي ويهارڻ سان ڪيترا ۽ عقلي مفاسد اچن ٿا چا اوهان جي نظر ۾ عقل جي ڪابه اومڳت نه آهي ؟؟؟
    اوهان جي ان عقيدي پاڻ ئي مذاق بڻائي رکي چڌيو آهي ۔ هندن جو ۡخدا به ته مندر ۾ ويٺو آهي ؟؟۽ اسان جو آسمان تي (نعوذ بالله من ذالڪ) پوء اسان جي ۽ انهن جي خدا ۾ فرق ڇا ٿيو ۔؟؟ۡخدا را ڪجه غور ۽ فڪر کان ڪم وٺو ۔
    ادا پوء اهڙي عقيدي تي دنيا کلندي نه ته ٻيو ڇا ڪندي؟ ادا توحيد جي بحث ۾ هٿ وجهڻ کان پهريان علم ڪلام ۽ فلسفو به پڙهڻ لازمي آهي ۔

    اميد ته اوهان کي مهنجي ڪابه ڳالهه تڪليف ڪانه ڏني هوندي پر وري به ڪابه ڀل چڪ يا اوهان کي ڪا ڳاله بري لڳي هجي ته معافي جو طلبگار آهيان ​
     
  19. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    پيارا دوستو
    حق موجود؛

    جيئن ته اوهان دوستن عزت بخشي آهي جو مون ناچيز کي پنهجي وچ ۾ رکيو آهي ... هڪ ڳالهه جا آءُ شروع ۾ واضح ڪريان ته پاڻ اڃان ان راه جي شروعاتي پانڌيئڙن ۾ آهيون ... پنهنجو علم انتهائي محدود آهي ...

    سائين محترم جي ايم سيد کان ڪنهن سوال ڪيو ته الله ڪير، ڪيئن ۽ ڪٿي آهي ته سائينءَ جن جيڪو جواب ڏنو سو هو ته انسان جي حالت هن وقت به؛

    دوستو، جي ايم سيد جهڙو عالم ۽ سنڌي فلسفي جو ماهر، مذهبن جي تقابلي مطالعي ڪرڻ وارو شخص به پاڻ کي منڊي ماڪوڙيءَ سان تشبيه ڏئي ته پوءِ اسانجي حيثيت ته ان مان ظاهر ٿئي ٿي ... منڊي ماڪوڙيءَ کي کوه جي تري مان جيڪو آسمان نظر ايندو آهي سا انکي ئي سڀ ڪجه سمجهندي آهي، جڏهن ته اڀ جو ڪاٿو ڪرڻ سندس وس کان ٻاهر هوندو آهي ... پنهنجا هٿ به مٿي آهن ۽ رب زدني علماء جي دعا آهي ...

    ڪجه ڏينهن اڳ هڪ برطانوي اداري هڪ رپورٽ پڌري ڪئي هئي ته هن وقت انسان جي جسم تي ٿيل سموري تحقيق ۽ موجود ڪتب، يوينورسٽين، ڪاليجن ۽ لائبريرين ۾ آهن، ان جيتري ٻيا به هجن ته به انسان جي جسم جي بناوت ۽ انهن جي رازن کي بيان ڪري نه سگهبو، ڪٿي نه ڪٿي ڪا نه ڪا ڪمي رهجي ضرور ويندي ...

    هاڻ جي انسان جي جسم جي حقيقت بيان ڪرڻ لئه ايتري علم جي ضرورت آهي ته پوءِ خالق جي حقيقت بيان ڪرڻ لئه انسان جي حالت ڪهڙي ٿيندي؟ ... انجو جواب به قرآن الفرقان ۾ آهي ته جيترا سمنڊ موجود آهن انهن جيترا ٻيا ست سمنڊ مس ٿي پون ۽ جيترا وڻ هن ڌرتيءَ تي موجود آهن انهن جيترا ٻيا ست دفعا وڌيڪ وڻن جا قلم ٺاهيا وڃن ته به ذات الاهيءَ جي تعريف ممڪن ناهي ...

    الله جي ذات جي تعريف ۽ ڳولها ۾ انسان اڄ کان نه هزارن سالن کان جنم جنم کان لڳو پيو آهي، پر اڄ به سندس حالت ان منڊي ماڪوڙيءَ جيئان اٿس جا کوه مان اڀ پئي ڪڇي ...

    لکا پيغمبر، ڪروڙين ڏاها به ان راز تان پردو کڻي نه سگهيا آهن ته باقي ڪير ٿيندو آهي نثار ابڙو، علي علي، ابو زين يا ڪو ٻيو انسان جو ان مامري کي سلجهائي سگهي ۽ انساني اڃ اجهائي سگهي ... ها انجو جواب ۾ به مختصر ئي صحيح پر قرآن ۾ آهي ...

    ا


    منهنجو مذهب ان تشريح کان اڳتي ناهي ... منهنجي لئه ايترو ڪافي آهي، آءُ وڌيڪ ڄاڻڻ به نٿو چاهيان ته الله ڪٿي آهي؟ الله ڪيئن آهي؟ الله جي شڪل ڪهڙي آهي؟ .... منهنجي سمجه کان مٿي جي ڳالهه آهي، نه ئي وري منهنجي ايتري وسعت آهي جو ايڏي وڏي هستيءَ جو احاطو ڪري سگهان ...

    آءُ ته پنهنجي مٿي جي سور کي ختم ڪرڻ تي قادر ناهيان، آءُ ته مک ۽ مڇر جي آذار کان جان ڇڏائڻ جي قابل ناهيان ته پوءِ ان ڪائنات جي خالق جو احاطو منهنجي وس ۾ ڪيئن ٿي سگهي ٿو ... ؟؟؟؟

    اسانجا محترم دوست ڪڏهن ڪڏهن تون ڪير مان ڪير واري بحث ۾ وقت وڃائن ٿا ... هڪڙا اهل سنت آهن ته ٻيا اهل شيعت آهن، هڪڙا ديوبندي آهن ته هڪڙا صوفي آهن، هڪڙا وهابي آهن ته ٻيا حنفي آهن، مطلب ته مسلمان ڪير آهي مومن ڪير آهي، صحيح راه تي ڪير آهي، انجي پرواه ڪير ڪري؟

    اسين بحث ڪندي پاڻکي عقل ڪل سمجهندي ڪجه اهڙا لفظ به استعمال ڪري ويندا آهيون جي نه ته عابد جي شان ۾ آهن ته مالڪ جي شان ۾ آهن ... پر انسان آزاد آهي ۽ غلطيون ڪرڻ به سندس ئي شيوو آهي ... هر انسان کي پنهنجي الله جي سامهون پاڻ جوابدار ٿيڻو آهي ...

    اصل ڪتاب جنهن تي بحث ڪرڻو هو سو هو ”عقيدو“ ۽ اسين بحث ڪرڻ لڳا آهيون ... الله جي ذات تي جا اسانجي بحث کان گهڻو مٿي آهي ... ٻي ڳالهه ته آءُ دوست علي علي کي عرض ڪندس ته هو ”عرش استوا“ جي معني به سمجهائي ڇڏي ته جيئن اسين قرآن جي ان آيت کي صحيح سمجهي سگهون ...

    انسان مظاهر الله کي ئي الله سمجهڻ شروع ڪري ٿو يا مظاهر مان الله جي وڏائي محسوس ڪري ٿو. يا وري مظاهر ۾ ئي الله جي خوبصورتي ۽ قدرت ڏسي ٿو، سي سڀ انسان جي سمجه ۽ سوچ سان تعلق رکن ٿيون ...

    اميد ته دوست اهڙن بحثن کان پاسو ڪندا جن جو ڪو ختم ناهي، هي هڪ سمنڊ آهي جنهن ۾ ڪيترائي غوطا خور پنهنجي جان وڃائي چڪا آهن ... منهنجي ڳالهه دوستن کي سمجه ۾ آئي هوندي ... دعائن ۾ ياد ڪجو ۽ جي ڪا غلطي هجي ته درست ڪجو ...

    دوستو رمضان جو مهينو آهي ... عبادتن جو مهينو آهي، الله کي راضي ڪرڻ جو مهينو آهي، اچو ته سڀ ملي گڏجي الله کي ٻاڏايون ته هو اسان تي ٻاجهه ڪري ۽ اسانجي بخشش فرمائي ...
     
  20. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين نثار ابڙو صاحب
    هي آيت ته رسول پاڪ ڪافرن کي جواب ۾چئي هئي
    لڪم دينکم ولي دين
    تنهجو دين توسان منهنجو دين مونسان ...

    هتي ڪهڙو مقصد آهي
    ٿورو وضاحت ڪندا
     
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو