• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خيمسي خان "خانوٺي" جي شاعري

Abdul Wahid Soomro

سينيئر رڪن
ھوا لڳي تان گلشن جاڳيو،
سندر سُرن سان پن پن جاڳيو.

بھار ايندي خوشيون آيون،
ڪلي ڪلي جو جيون جاڳيو.

چمن گلن جي خوشبو واسيو،
بلبل جو آ تن من جاڳيو.

لھر لھر سان مستي آئي،
سنڌو دريا جو جوڀن جاڳيو.

اُميد جو ٿو سورج نڪري،
صبح سويرو تن تن جاڳيو.

سڀن اُٿي آ مقدر ٺاھيو،
اڃا ته ناھي موھن جاڳيو.

اکيون سڀن جون جنھن ۾ آھن،
اِجھو ته ھاڻي ڄامن جاڳيو.

مُحب خُدارا ڪھڙي ننڊ ۾،
چوي ٿي ڌرتي ساجن جاڳيو.

بخت "خميسا" پيرا چمندو،
ضمير جنھن جو روشن جاڳيو.
 
جواب: خيمسي خان "خانوٺي" جي شاعري

سهڻا عبد الواحد سومرا صاحب، تمام سهڻي شاعري محترم ”خانوٽِيءَ “ جي ونڊ ڪئي آهي ۔۔۔ سڀ جا سڀ بيت پر معني ۽ سماجي اصلاح لاءِ هدايتي درجو رکنٿا ۔۔۔

اوهان انهن سڀني کي الڳ الڳ پيش ڪري اهڙو ڪم ڪيو آهي جيئن ڪنهن تسبيح مان داڻا ڌار ڪري ڇڏجن ۔۔۔ اوهان انهن کي هڪ ئي ڌاڳي ۾ پوئيندا وڃو ها ته هڪ ئي جاءِ تي پڙهڻ ۾ مزو به اچي ها ۽ خميسي خان جي شاعريءَ جو هڪ سهڻو ۽ جامع ڌاڳو تيار ٿي پوي ها ۔۔۔

تمام سهڻو ونڊ آهي
 
Back
Top