وڏڙن جو ڳالهيون

'سنڌي ادب' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2011۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    مصطفى جي الوداعي نصيحت

    هي مضمون ڪتاب ” ادبي انتخاب“ تان ورتل آهي جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ محترم عثمان علي انصاريءَ جو لکيل آهي. هي سبق سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ٻارهين ڪلاس جي سنڌي جي نصاب ۾ پڻ آيل آهي۔

    مصطفى محبوب پنهنجي وقت جو ڏاهو، عقل ۽ فهم جو صاحب ٿي گذريو آهي. هو پنهنجي ديس کان ٻارهن سال پري پرديس ۾ رهيو هو. جڏهن هو پنهنجي وطن ڏانهن واپس ٿي وريو تڏهن شهر جي رهواسين ساڻس موڪلاڻيءَ جي ملاقات ڪئي. هن آيل شهر واسين کي ڏاهپ جا نڪتا ڏسيا. هن جيڪا الوداعي نصيحت ڪئي انهي جو تفصيل هن سبق ۾ ڏنل آهي.
    1. محبت
    محبت مطعلق مصطفى چيو ” محبت توهان کي پاڻ وٽ ايئن گڏ ڪندي، جيئن هڪ ڪڙمي پنهنجي ٻارِ ۾ فصل گڏ ڪندو آهي. پوءِ اوهان کي گھرجي ته توهان ان کي ڳڻتين جي ڳَاهَه ۾ ڳاهي، بُههُ ۽ مٽي جدا ڪري، جُدائي واري جنڊ ۾ پيهي، اڇو اٽو ڪري، پريت جو پاڻي وجھي، ڳوهي برهه جي باهه ۾ پچائي،ان لائق ڪريو جيئن اوهان پنهنجي محبوب جي مهماني لائق بنائيندا آهيو“.
    2. اولاد
    اولاد بابت مصطفى چيو ته ” ٻارن کي اوهان پنهنجا خيال نه ڏيو، ڇو ته قدرت کان هو پنهنجا خيال وٺي آيا آهن، جي بلڪل نوان آهن. هنن کي پاڻ جهڙو نه بڻايو، ڇو ته ارتقا جو اصول آهي ته دنيا ترقي ڪندي رهي ٿي. ”مستقبل کي ماضيءَ جو انتظار ڪو نه ٿيندو آهي“.
    3. خيرات
    خيرات بابت مصطفى چيو ته ” خيرات سائل کي ڏيڻ چڱي آهي. پر سوال کان اڳ ڏيڻ بهتر آهي. حقيقي سخي اهو آهي جيڪوسائل کي ڳوليندو وتي“.
    4. محنت
    محنت بابت مصطفى چيو ته ”محنت جو بهترين ذريعومحبت آهي. ڇو ته حياتي امنگ کانسواءِ بي معنى، عمل ۽ عقل کانسواءِ انڌي آ، عقل محنت کانسواءِ خالي دهل ۽ محنت، محنت کانسواءِ عذاب آهي“.

    5. ڏک ۽ سک
    هن بابت چيائين ته ”جڏهن پردي ۾ آهي ته ڏک آهي ۽ جڏهن بي نقاب ٿئي ته اهو سڀ سک بڻجي ٿو. ڏک وجود ۾ جيترو اونهو ويندو، اوترو ئي وڌيڪ خوشي لاءِ جاءِ پيدا ڪندو. بانسري هڪ مٺو ۽ آلاپ ڏيندڙ آواز آهي، اها پهريائين تيز اوزار سان پاڻ ڪورائي ٿي. ڀٽائي صاحب ڏکن ۽ سکن کي لازم ۽ ملزوم سڏيو آهي. هن چيو ته ” ڏکن سکن جي سونهن، گھوريا ڏک سکن ريءَ“.

    6. گھر
    گھرن بابت مصطفى چيو ته ” وڏين ۽ ڊگھين ديوارن وارا گھر، جن ۾ عيش ۽ عشرت جو سامان موجود آهي، اهي انسان کي ڪاهل ۽ سست بنائي، همت ۽ جوان مرديءَ واري جرئت ختم ڪريو ڇڏين. ان ڪري گھر اهڙا هجن جيئن اکين جي بچاءَ لاءِ قدرت اوهان کي ڇپر ڏنا آهن.
    7. جزا ۽ سزا
    هن بابت بزرگ چيو ته ” جڏهن اوهان جو روح غير حاضر آهي، تڏهن اوهان بي رهبر آهيو ۽ ٻين جو ڏوهه ڪريو ٿا، جيڪو پاڻ سان ظلم برابر آهي“.
    8. دوستي
    هن مطعلق مصطفى چيو ته ” دوست اوهان جي ضرورتن جو پيار ڀريو جواب آهي. دوستي هڪ اهڙو فصل آهي، جيڪو محبت سان پوکبو آهي ۽ شڪر سان ئي لڻبو آهي. دوستي فقط دوستيءَ لاءِ ڪجو. مطلب واري دوستي هڪ ڄار وانگر آهي جنهن ۾ شڪاري ۽ شڪار ٻئي ڦاسن ٿا.
    9. قوم ۽ قوميت
    هن مطعلق مصطفى چيو ته ” افسوس کائو! انهيءَ قوم کان، جيڪا جابر کي هيرو ۽ ظالم کي سخي ٿي سمجھي. افسوس کائو! انهيءَ قوم کان جنهن جون دانهون فقط پنهنجن جي ئي جنازن تي ٻڌڻ ۾ ٿيون اچن. افسوس کائو! انهيءَ قوم تي، جنهن جا اڳواڻ شيطان کان گھٽ ناهن. افسوس کائو! انهيءَ قوم تي، جيڪا برباديءَ تي فخر ڪري ٿي، جنهن جا فيلسوف مداري ۽ جنهن جا هنرمند نقال آهن، جنهن جا مدبر ٻوڙا ۽ گونگا هجن ۽ جنهن جا نوجوان پينگھن کان لهڻ نٿا چاهين“. افسوس کائو! انهيءَ قوم تي جيڪا ٽڪرا ٽڪرا ٿي پئي آهي ۽ سندس هر هڪ ٽڪر پاڻ کي جدا پوري قوم ئي سمجھي ٿو.
    آخر ۾ هڪ عابد وراڻيو ته ”مذهب جي باري ۾ به ڪجھ ٻڌايو“؟
    هن وراڻيو ته” هن وقت تائين مذهب کانسواءِ ڪنهن ٻئي موضوع تي ڳالهايو اٿم ڇا؟
    اهو ئي مذهب آهي جيڪو سڀ ڪجھ ٻڌائي ٿو.
    محترم انصاري صاحب، مصطفى جي الوداعي نصيحت کي مذهبي رنگ ۾ پيش ڪري پاڻ کي ملهايو آهي. جيڪڏهن ان مضمون کي دل جي گھرائين سان پڙهبو ته مستقبل روشن نظر ايندو. ڏک. سکن ۾ تبديل ٿيندا. هر انسان جي دل ۾ قوم پرستي پيدا ٿيندي. قومي جذبي سان گڏخوفِ خدا به حاوي ٿيندو.

    دعائن جو طلبگار
    گل حسن لاکو
    مهراڻ ٽائون شهدادپور
    موبائل نمبر: 03332870626
     
  2. غلام شبير ڪيريو

    غلام شبير ڪيريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2011
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد حسن ڪيريو نزد هالانوان
    جواب: وڏڙن جو ڳالهيون

    واه سائين تمام بهترين ونڊ ڪئي آهي توهان توهان جي چونڊ جي ڪهڙي واکاڻ ڪجي
    سڀ نصيحتون ساه ۾ سانڍڻ جهڙيون
    خاص ڪري نمبر 9 جنهن ۾ آهي ته افسوس انهيءَ قوم تي جنهن جا اڳواڻ شيطان مثل آهن
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: وڏڙن جو ڳالهيون

    سهڻا ٻول آهن پر مصطفي محبوب جو تعرف سرسري هجڻ سبب خبر نه پئي ته اهو فلسفي ڪٿان جو ۽ ڪهڙي وقت جو هو ۔۔۔ پر پوءِ به چوندا آهن ته اهو نه ڏسو ته ڳالهائڻ وارو ڪير آهي، بلڪ اهو ڏسو ته هو ڇا ٿو ڳالهائي؟

    سڀ نقطا سهڻي سمجهاڻي آهن، جن تي عمل سان انسان سڌي راهه تي نڪري پوي ٿو ۔۔۔ جيتوڻيڪ دنيا ۾ ڪروڙين قول آهن ۽ روشني هر جاءِ آهي پر صرف انسان جي اک کلڻ جي دير آهي ۔۔۔

    لک ٿورا لاکا صاحب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو