• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي بي ڏوهي پٽ کي رينجرز اهلڪارن قتل ڪيو آهي: امڙ

منهنجي بي ڏوهي پٽ کي رينجرز اهلڪارن قتل ڪيو آهي: امڙ

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ۾ رينجرز اهلڪارن پاران گولي هڻي قتل ڪيل نوجوان سرفراز جي امڙ ۽ ڀيڻ انتهائي سوڳ ۾ آهن، انهن انصاف جو مطالبو ڪيو آهي، صحافين سان ڳالهائيندي سرفراز جي امڙ چيو ته منهنجو پٽ بيڏوهي هو ۽ هن کي رينجرز اهلڪارن قتل ڪيو، پٽ کي هڪ اهلڪار پڪڙي ٻئي گوليون هيون، هن چيو ته منهنجو پٽ ڏوهي نه هو، سرفراز جي ڀيڻ چيو ته انصاف فراهم ڪيو وڃي، ڀاءُ کي قتل ڪندڙ اهلڪار اسان جي حوالي ڪيو وڃي
ab
 
جواب: منهنجي بي ڏوهي پٽ کي رينجرز اهلڪارن قتل ڪيو آهي: امڙ

ادا رسول بخش دائود پوٽه صاحب۔اسلم عليڪم ڏکائيندڙ ۽ ظالمان حرڪت جو مظاهرو ڪندي اسان جي ملڪ جي پاسبانن ڪمزور ۽ خالي هٿ نوجوان جو جيڪو قتل ڪيو آهي ان جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي۔ڪنهن ملڪ جو به قانون ان قسم جي ڪڌي ڪاروائي جي اجازت نه ٿو ڏئي۔هنن رينجرز جي جوانن ته هلاڪو خان کي به ظلم ڪرڻ ۾ مات ڏئي ڇڏي۔الله پاڪ جي لٺ به آواز آهي ۔اسان کي يقين آهي ته انهن جو انجام ڏاڍو برو ٿيندو۔ڪو به ذي شعور انسان ان عمل کي سٺو نه چوندو۔ ان عمل کي اسان سڀني کي ندڻ گهرجي۔
 
Back
Top