[JUSTIFY]هڪ بلين رپين جي لاڳت سان ڪراچي جي نيٽي جيٽي پل جي هيٺان 13 ايڪڙن تي مشتمل زمين تي هڪ بهترين فوڊ ڪورٽ سان گڏ، شاپنگ ۽ انٽرٽينمينٽ فيسٽيول جي شروعات ڪئي وئي آهي۔ اسٽيت آف دي آرٽ ٽيڪنالاجي ۽ نئين طرز تعمير جا 40 آئوٽليٽ ٺاهيل آهن۔ انتري فيس 300 روپيه آهي جنهن مان 200 روپيه مختف اسٽالن تي خرچ جي مد ۾ واپس ڪيا ويندا۔[/JUSTIFY]
جواب: پورٽ گرانڊ فوڊ اسٽريٽ ڪراچي يار سليمان لڳي ئي نٿو ته اهو ڪم ڪراچيءَ ۾ ٿيل آهي، تصويرن مان ته دنيا جو ڪو ٻيو ملڪ پيو لڳي۔ پر يار آهي پئسي جو کيل ۔۔۔ پاڻ جهڙا ڪٿي ٿا برداشت ڪري سگهن، جنهن جي گهر ۾ اٺ ڀاتي هجن ته داخلا فيس ۾ ئي پئسا پورا ٿي ويندا ۔۔۔ پر ڪم ڀلو ٿيل آهي ۽ تفريحي جڳهه جي حساب سان ماڻهون ڪجهه وقت ڪراچيءَ جي آزار واري زندگيءَ کان سڪون ۾ اچي ويندو ۔۔۔ آءُ سمجهانٿو ته انتظاميه فوج جي هوندي شايد ۔۔؟؟؟ واه سائين، بس هن دفعي اچبو ته چڪرڙو هڻنداسون ۔۔۔
جواب: پورٽ گرانڊ فوڊ اسٽريٽ ڪراچي سائين سليمان صاحب لاجواب ونڊ آهي پر اهو آهي ڪٿي ڪراچي ۾ ؟ ٻيو ته ان جي اندر ٻه شيون ڏاڍيون پسند آيون لاجواب شيئرنگ آهي ادا جاري رکجو سدائين گڏ
جواب: پورٽ گرانڊ فوڊ اسٽريٽ ڪراچي ادا سليمان صاحب۔توهان جي مهرباني جو هڪ بهترين تفريح مقام جي باري ۾ ڄاڻ ڏني اٿئو۔جيڪڏهن انتظاميه اجازت ڏئي ته هڪ پروگرام سنڌ سلامت جو هن پورٽ گرانڍ فوڊ اسٽريٽ تي رکيو وڃي،۔۽ مهمانن جي خدمت ڪري اسان سڀ مهمانداري جو ثبوت فراهم ڪيون۔
جواب: پورٽ گرانڊ فوڊ اسٽريٽ ڪراچي سائين غلام مصطفي صاحب فقير جو هٿ مٿي آهي پر هن ڳالهه جو انتظار ڪيو وڃي ته جڏهن ابڙو صاحب به ڀلي پار کان اچن ته جيئن سائين جو ديدار به ڪجي ۽ ڪجهه گيدرنگ به ٿئي وڃي باقي منتظم اعلي کي گذارش آهي ته سائين جي درخواست تي ٿورو غور ڪن سدائين گڏ
جواب: پورٽ گرانڊ فوڊ اسٽريٽ ڪراچي فقير سان گڏ پاڻ مسڪينن جا هٿ به مٿي آهن ۔۔۔ فقير جي ڳاله ته غور ڪيو سائين ۔۔۔!!! هڪ مريض اسپتال ۾ هيو ته ملڻ وارا آيا، ڪي چون هن کي فلاڻي دوا کارايو ڪي چون ته کيس فلاڻي گوري ڏيو ته وري ڪي چون ته هن کي سيون هڻايون، هڪڙي چيو ته هن کي ميوو کارايو ، انب، نارنگيون، صوف ۽ انگور وغيره مريض رڙ ڪري چيو ، اڙي يار هن جي ته ٻڌو سو آءُ به چوندس يارو! فقير جي به ٻڌو وڏا وڙ فقير سائين ياد ڪرڻ جا ۔۔۔۔ ميلا لڳن ۔۔۔ دوست ملن ته دلڙيون ٺرن
جواب: پورٽ گرانڊ فوڊ اسٽريٽ ڪراچي سنڌ سلامت جي گڏجاڻي بلڪل ٿيڻ گهرجي۔ ۽ ابڙو صاحب جو انتظار به ٿيڻ کپي۔ فقير سائين هن ٿريڊ جي پهرين فوٽو ۾ نقشو ڏنل آهي۔ پر اهو مشهور پليس آهي۔ ايم اي جناح روڊ جي ختم ٿيڻ تي جتان نيٽي جيٽي پل سروع ٿي ٿيئي ۽ روڊ ڪيماڙي ٿو وڃي اتي آهي اها فوڊ اسٽريٽ۔
جواب: پورٽ گرانڊ فوڊ اسٽريٽ ڪراچي سائين نثار سلام ڪالهه رات جو آفيس جي دوستن سان گڏ هتي وڃڻ ٿيو۔ اندر داخل ٿيڻ کانپوء ۽ سمنڊ جي مٿان هجڻ ڪري ۽ وري اتان جي خوبصورت برقي رنگين روشنين ۽ ماحول ۾ ايئن پي لڳو ڄڻ اسان پاڪستان کان ٻاهر آهيون۔ بلبن جي رنگيني سمنڊ جي پاڻيء کي به رنگين بڻائي رهي هئي۔ انٽري فيس 300 روپيه آهي جنهن مان 200 رپين جا ڪوپن ملن ٿا جيڪي مختف اسٽالن تي کائڻ پيئڻ جي شين جي بل ۾ ايڊجسٽ ٿي سگهن ٿا۔ مهانگائي گهڻي آهي۔۔۔۔۔ رقمون مارڪيٽ کان ٻيڻ تي آهن۔ سيڪيورٽي سٺي آهي، ماحول وڻندڙ آهي۔
جواب: پورٽ گرانڊ فوڊ اسٽريٽ ڪراچي فقير سائين سلام ايم اي جناح روڊ جي پڄاڻي تي نيٽي جيٽي پل جي هيٺان ۽ پي آر سي ٽاور جي ڀر ۾ آهي۔ اوهان کي ٻه شيون ڪهڙيون وڻيون اهو به ٻڌائجو ته بهتر ۔۔۔۔۔
جواب: پورٽ گرانڊ فوڊ اسٽريٽ ڪراچي سائين مهرباني بلڪل پروگرام رکي سگهجي ٿو پر هڪ ڳالهه مون کان ٻڌائڻ وسري وئي ته هتي فيمليز کان بغير اندر انٽري نٿي ٿي سگهي۔ گهٽ ۾ گهٽ اندر داخل ٿيڻ وقت ڪنهن هڪ عورت جو هجڻ لازمي آهي۔ هاڻي اوهان تي آهي ته پروگرام ڪيئن ارينج ڪجي۔ اسان جي گروپ ۾ ته اسان سان گڏ ته آفيس جون عورتون پڻ هيون۔ جيڪڏهن اهو ممڪن هجي ته پوء ڪو پروگرام رکڻ گهرجي ۽ هن خوبصورت مقام تي ڪچهري ڪجي۔
جواب: پورٽ گرانڊ فوڊ اسٽريٽ ڪراچي هڪ دفعي ڳوٺ کان سنگت آيل هئي ۔۔ مان ۽ ادا عرس مهمان هياسين۔۔ ڪراچي جي هڪ پارڪ ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو ته گيٽ ڪيپر روڪيندي چيو هي فيملي پارڪ آهي ۔۔ سائيڊ تي ٿي عرس صلاح ڏني ته مسئلو حل ڪري سگهجي ٿو بس 50 روپيه وڌيڪ خرچ ڪرڻا پوندا۔۔ ٿوري ئي دير ۾ عرس واپس وريو ۽ چيائين ته فيملي پهچي وئي هلو پارڪ ۾ هلون۔۔ مون ڏٺو ته ساڻس هڪ انجان عورت گڏ هئي جنهن جي هٿن ۾ 50 جو نوٽ به هو۔۔ مون ٿي سمجهيو ته شايد عرس پيسا گيٽ ڪيپر کي ڏيندو۔۔ پر هاڻي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ۔۔ گيٽ کان اڳتي وڌيندي گيٽ ڪيپر ڏي فخريا انداز سان ڏٺم ته هُو هاڻي اسان کي روڪي نه سگهندو۔۔ گيٽ ڪيپر اسان جي ”فيملي“ ڏسي ۽ وري مون کي ڏسي مسڪرائي ڏنو۔۔۔ مون سمجهيو شايد اسان تي يا فيملي تي ٽوڪ ڪري رهيو آهي۔۔۔ ان تي مون کائنس پڇيو ۔۔۔ ”اسان تي کلين ٿو ڇا۔۔؟“۔ چيائين ۔۔”نه سائين بس اهو پيو پڇڻ چاهيان ته هي مائي توهان جي فيملي آهي۔۔۔ “ مون کيس تڪڙو چيو ۔۔ ”ها۔۔۔!“ کلندي چيائين۔۔۔ ”سائين توهان جي فيملي آهي ته کيس سمجهايو ۔۔۔ ڇو ته اڄ مختلف ماڻهن سان گهٽ ۾ گهٽ 6 دفعا هي پارڪ ۾ وئي آهي۔۔۔ “
جواب: پورٽ گرانڊ فوڊ اسٽريٽ ڪراچي سائين اسان به پنهنجي دوستن وانگر ”ماني لاءِ ڪجهه به ڪري سگهون ٿا۔۔ “ خير خيال ته تمام ڀلو آهي ۔۔ ۽ عمل ڪرڻ جهڙو به آهي ۔۔۔ منهنجي خيال ۾ عيد گيڌرنگ طور اهو ڪري سگهجي ٿو ۔۔۔ تيسيتائين سائين نثار ابڙو جن به اچي ويندا۔۔ ۽ سنگت به عيد جي موڪلن ڪري واندي هوندي ۔۔
جواب: پورٽ گرانڊ فوڊ اسٽريٽ ڪراچي عرس جي چالاڪي تي جس هجيس جو ڳوٺ جو ٿي ڪري ايڏيون چالاڪيون سکي ويو آهي۔ باقي اهو ڪم مون به هڪ دفعي ڪيو هو جڏهن ڪراچي جي چڙيا گهر گهمڻ جي شوق م اتي پهتاسون ته خبر پئي ته فيمليز کانسواء اڄ اجازت ناهي۔ هڪ سنڌي فيملي کي عرض ڪيوسين ته خيرپور کان آيا آهيون ته هنن اسان کي پاڻ سان گڏ اندر وٺي ويا۔ ياد رکو ته اسان پنجاهه رپيا به خرچ ڪونه ڪيو۔ پر يار هتي ته انٽري ٽڪيٽ ئي 300 روپيه آهي۔
جواب: پورٽ گرانڊ فوڊ اسٽريٽ ڪراچي يار عرس اصل چالاڪن کي ئي ماري ويو باقي ڇا ها ها ها گيٽ ڪيپر جو جواب به اصل واه جو هنيو ها ها ها ها سدائين گڏ
جواب: پورٽ گرانڊ فوڊ اسٽريٽ ڪراچي نيڪي جي ڪم ۾ دير ڇا جي آهي هاڻي ته بس صرف عيد جو انتظار آهي ته ان بهاني ابڙي صاحب ، سائين وساڻ صاحب ، سائين غلام مصطفي ميمڻ صاحب ۽ ڪافي دوستن سان سان به ملاقات ٿئي ويندي ۽ گيدرنگ به ٿئي ويندي مون جي طرف کان پروگرام ڊَنِ اٿئو سدائين گڏ
جواب: پورٽ گرانڊ فوڊ اسٽريٽ ڪراچي مانيء لاء ڪجهه به ڪري سگهون ٿا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪڏهن دوستن چاهيو ته هتي به پروگرام ٿي سگهي ٿو وڌيڪ دوستن جي جيڪا مرضي هوندي اسان جي به اها راء هوندي۔ پر هڪ ڳالهه ته هتي کاڌا تمام گهنا مهانگا آهن۔ سائين نثار ابڙو جو انتطار آهي، انشاء الله هن دفعي ڪا سٺي گڏجاڻي رکبي۔
جواب: پورٽ گرانڊ فوڊ اسٽريٽ ڪراچي فقير جي طرفان پروگرام ڊن آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فقير ان بهاني جي ڪراچي آيو ته به ڀلو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ گهٽ ۾ گهٽ ملاقات ته ٿي ويندي، باقي سندس ڪراچي اچڻ کانپوء ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ وارو سين ٻيهر ٿي سگهي ٿو۔