هڪ دفعي ڳوٺ کان سنگت آيل هئي ۔۔ مان ۽ ادا عرس مهمان هياسين۔۔ ڪراچي جي هڪ پارڪ ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو ته گيٽ ڪيپر روڪيندي چيو هي فيملي پارڪ آهي ۔۔ سائيڊ تي ٿي عرس صلاح ڏني ته مسئلو حل ڪري سگهجي ٿو بس 50 روپيه وڌيڪ خرچ ڪرڻا پوندا۔۔ ٿوري ئي دير ۾ عرس واپس وريو ۽ چيائين ته فيملي پهچي وئي هلو پارڪ ۾ هلون۔۔
مون ڏٺو ته ساڻس هڪ انجان عورت گڏ هئي جنهن جي هٿن ۾ 50 جو نوٽ به هو۔۔ مون ٿي سمجهيو ته شايد عرس پيسا گيٽ ڪيپر کي ڏيندو۔۔ پر هاڻي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ۔۔
گيٽ کان اڳتي وڌيندي گيٽ ڪيپر ڏي فخريا انداز سان ڏٺم ته هُو هاڻي اسان کي روڪي نه سگهندو۔۔ گيٽ ڪيپر اسان جي ”فيملي“ ڏسي ۽ وري مون کي ڏسي مسڪرائي ڏنو۔۔۔ مون سمجهيو شايد اسان تي يا فيملي تي ٽوڪ ڪري رهيو آهي۔۔۔ ان تي مون کائنس پڇيو ۔۔۔ ”اسان تي کلين ٿو ڇا۔۔؟“۔ چيائين ۔۔”نه سائين بس اهو پيو پڇڻ چاهيان ته هي مائي توهان جي فيملي آهي۔۔۔ “ مون کيس تڪڙو چيو ۔۔ ”ها۔۔۔!“
کلندي چيائين۔۔۔ ”سائين توهان جي فيملي آهي ته کيس سمجهايو ۔۔۔ ڇو ته اڄ مختلف ماڻهن سان گهٽ ۾ گهٽ 6 دفعا هي پارڪ ۾ وئي آهي۔۔۔ “