جواب: ڪانگل نيئي ڪانگ منهنجي ڏي محبوب کي ادا شبير بهترين بهترين ڊزائن ۽ لطيف سرڪار جو سهڻو بيت. سُر پورب ۾ ڪانگل جو ذڪر گهڻو ٿو ملي ۽ پرديسين جي انتظار ۾ ويٺلن جي خوب عڪاسي ٿيل آهي. ڪڍِي، ڪانگا! تو ڏِيان، هِنئون ساڻُ هَٿَنِ؛ وَڃي کاءُ وِلاتَ ۾، اڳيان عَجِيبَنِ؛ پِرين منَ چَوَنِ، ته هِئَن قُرِبانُ ڪيرُ ٿِئي
ڀلي دلبر ڪريو ديريون، اوهان جي آسري آهيون. دلاسن تي پيا دل هيريون، اوهان جي آسري آهيون. لنگھي راتيون وڃن ڏينهن، اوهان سان نڀايون نينهن، نظر ڪيڏانهن نٿا ڦيريون، اوهان جي آسري آهيون. اوهان کان مور نه مٽباسين، تڪي تارا نه ٿڪباسين، اکيون ڀل ٿي وڃن کيريون، اوهان جي آسري آهيون. اوهين اهڃاڻ الفت جا، مٺا وڻ پڻ محبت جا، اسين آهيون ٻٻر ٻيريون، اوهان جي آسري آهيون. هلي ايندا سڄڻ سائين، ڀري پيرا اڱڻ سائين، “ قمر” نچندو ٻڌي ڇيريون، اوهان جي آسري آهيون.