جواب: ڪانگل نيئي ڪانگ منهنجي ڏي محبوب کي
ادا شبير بهترين
بهترين ڊزائن ۽ لطيف سرڪار جو سهڻو بيت. سُر پورب ۾ ڪانگل جو ذڪر گهڻو ٿو ملي ۽ پرديسين جي انتظار ۾ ويٺلن جي خوب عڪاسي ٿيل آهي.
ڪڍِي، ڪانگا! تو ڏِيان، هِنئون ساڻُ هَٿَنِ؛
وَڃي کاءُ وِلاتَ ۾، اڳيان عَجِيبَنِ؛
پِرين منَ چَوَنِ، ته هِئَن قُرِبانُ ڪيرُ ٿِئي