هندستان ۾ پيدائش کان پهريان لکين نياڻين جو قتل

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ تسليم جاويد طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2011۔

  1. تسليم جاويد

    تسليم جاويد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2010
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0


    آبادي جي حساب سان دنيا جي ٻئي ملڪ هندستان ۾ هونئن ته نياڻين کي پيدائش کان پهريان قتل ڪرڻ جي رسم پراڻي آهي پر اڃان تائين اِهو سلسلو بند ڪونه ٿي سگھيو آهي.

    تازي رپورٽ موجب پيدائش کان اڳ ٻار جي جنس معلوم ڪرڻ بعد فيصلو ڪيو وڃي ٿو ته ٻار کي پيدا ٿيڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي يا وري پيدائش کان پهريان ئي قتل ڪرڻ گهرجي. پر نياڻين سان ئي اهڙو ظلم ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته هندستان ۾ اڃان تائين ڪيترن ئي گهرن ۾ نياڻي کي معاشري تي بار سمجهيو وڃي ٿو. هن جي باري ۾ هڪ مشهور طبي رسالي ”دي لانسٽ“ ۾ ڇپيل رپورٽ موجب هندستان ۾ 6 سالن جي عمر جي ڇوڪرن جو تعداد ڇوڪرين جي مقابلي ۾ 7.1 ملين گهٽ آهي.

    رپورٽ موجب هندستان جا اهڙا ڪٽنب جتي پهريون ٻار ڇوڪري هجي، وڌ کان وڌ ماءُ پيءُ ٻيون ٻار پيدا ٿيڻ کان پهريان الٽرا سائونڊ ذريعي ٻار جي جنس معلوم ڪرڻ چاهين ٿا جيڪڏهن ڇوڪري هوندي آهي ته ماءُ پيءُ حمل ضايع ڪرڻ جو فيصلو ڪندا آهن، هنن کي اُميد هوندي آهي ته متان ٽيون ٻار ڇوڪرو هجي. ماهرن موجب هندستان جي امير گهرن ۾ ڪيترا ئي ڀيرا ٻارڙن تي جهيڙا ٿيندا آهن.

    سائنسدانن موجب 1980 ۽ 2010 ۾ 12 ملين نياڻين کي پيدائش کان پهريان ئي قتل ڪيو ويو. ماهرن موجب هندستان ۾ جنس جي بنياد تي حمل ضايع ڪرڻ جي ڪيسن ۾ گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان اضافو ٿيو آهي. ائين ٿيڻ سان معاشري ۾ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي شرح ۾ عدم توازن پيدا ٿيو آهي. سال 1991 ۾ ڏکڻ ايشيا جي ترقي ڪندڙ رياست هندستان ۾ ڇوڪرن جي مقابلي ۾ ڇوڪرين جي تعداد 4.2 ملين گهٽ هئي پر سال 2001 ۾ وڌيڪ گهٽجي ڪري 6.0 ملين ٿي وئي.

    دي لانسٽ ۾ ڇپيل رپورٽ سان معلوم ٿيو آهي ته ماءُ جي پيٽ ۾ نشونما حاصل ڪندڙ ٻار جي اسقاط جو بنيادي ڪارڻ ڇوڪرن کي ڇوڪرين کان برتري ڏيڻ وارو پراڻو رجحان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري آهي. هن سان گڏ توليدي صلاحيتن ۾ ڪمي به هندستاني معاشري ۾ ڇوڪرين جي گهٽجندڙ تعداد جو ڪارڻ بڻجي رهي آهي. هندستان ۾ هڪ عورت جي ٻار پيدا ڪرڻ جي اوسط شرح 1990 ۾ 3.8 هئي جيڪا 2008 ۾ گهٽجي ڪري 2.6 ٿي وئي آهي.

    انڪري هندستان ۾ ڇوڪرين جي مقابلي ۾ ڇوڪرن جي تعداد 32 ملين وڌيڪ آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اِها صورتحال ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين برقرار رهندي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو