امام نقي عليه السلام جي هڪ فرمان جي تشريح جي

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    [JUSTIFY]
    امام نقي عليه السلام جي هڪ فرمان جي تشريح جي ڪوشش​

    ا
    مام عليه اسلام فرمائين ٿا ته​


    جيڪو شخص پنهنجي قدر و منزلت نه ٿو سڃاڻي تنهنجي شر کان بچو.

    گفتارِ دنشين امام جو پهريون فرمان .

    آءُ هڪ طالبعلم کان به گهٽ حيثيت رکندڙ محمد وآلِ محمد جي محبت جو دعويدار آهيان جڏهن ته پنهنجي ماضي ۽ حال کان مسلسل پريشان پڻ آهيان . مون ۾ ايتري علمي صلاحيت ڪٿي آهي جو امام جي فرمان جي تشريح ڪري سگهان. بس مون ته جيڪي عارفين و سالڪين جي محافل جي آخري صف ۾ ويهي سبق ٻڌا آهن تن کي پنهنجي اصلاح الاءِ اوهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان . ان اميد سان ته جي خاميون هونديو تن ۾ اوهان منهنجي اصلاح ڪندا.
    هي فرمان جنهن ۾ انساني اقتدار يا قدر جي اهميت آهي ان کي سمجهڻ لاءِ مشهور حديث جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو يا جنهن پنهنجي پاڻ کي سڃاتو تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو. جو سهارو وٺڻ لازمي آهي .
    هن حديث تي جي غور ڪجي ته هتي اهو ناهي چيو ويو ته جنهن پنهنجي روح کي سڃاتو تنهن پنهنجو پاڻ کي سڃاتو. ڇو جو روح ته آهي ئي پاڪ. هتي خاص لفظّ نفس استعمال ڪيو ويو آهي. انسان جي نفس جي قدر جي حوالي سان جي ڳالھ ڪجي ته گفتگو انتهائي طويل ٿي ويندي. بس هن جي سطهي حوالي سان گفتگو ڪرڻ تي انحصار ڪندس . انشاءِ الله انساني نفس جي قدر تي ڪنهن ٻئي وقت سلسلو شروع ڪبو جي زندگي رهي.
    انسان جي حقيقت ٻن حصن ۾ آهي هڪ ظاهري هڪ باطني . ظاهري قدر اقواءِ اجسام يعني هٿ پير اکيون ، ٻانهون، زبان، ڪن حواسِ خمصه وغيره .
    باطني اقواءِ جي، جي ڳالھ ڪجي ته اهي بيشمار آهن جن جي ڳڻپ اڻ مڪمل آهي پر جيڪي اسان جي معاشري ۾ عام آهن اهي آهن عزتِ ،
    .غيرت ، حياءِ، شرم عقل شجاعت ، مروت
    هونءَ به چيو ويندو آهي جنهن کي پنهنجي خبر ناهي تنهن کي ڪنهن جي خبر ناهي . نه انکي لله جي خبر آهي نه ان کي رسول جي خبر آهي نه ان کي رشتن جي خبر آهي نه ان دوستن جي خبر آهي نه ان کي ناتن جي خبر آهي . جيڪو ماڻهون رشتا ناتا دوست احباب مٽ مائٽ حلال حرام سچ ڪوڙ جزا سزا حيا شرم لڄ لوئي يا انهن سڀني شين جو احترام نه ڄاڻدندو هجي ته اهو شخص ڪيڏو نه خطرناڪ هوندوان جي شر کان بچڻ ڪيڏو نه ضروري آهي. اڄ ميڊيا جو دور آهي اسانجو اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا اهڙين ڪيترين خبرن سان ڀريو پيو آهي جنهن ۾ اعتبار جي رشتن کي ڪيڏا نه گهاوَ لڳل آهن. اهو شخص جنهن کي پنهنجي خبر ناهي ان کي نه الله جي خبر آهي نه رسول جي خبر نه امام جي نه قرآن جي خبر نه مان مراد اهائي معنيٰ آهي جا امام عه پيش ڪئي آهي ته جيڪو شخص پنهنجي قدر و منزلت نه ٿو ڄاڻِي تنهن جي شر کان بچو . اهو ماڻهون جيڪو پنهنجي قدر نه ٿو ڪري اهو ڪنهن جي به قدر و منزلت کان شناسا ناهي. اهو پنهنجي ڪنهن نڍڙي فائدي جي عيوض رشتن توڙي ناتن کي اهڙو گهاءُ ڏيندو جو اهو گهاءُ معاشري ۾ مقامِ عبرت هوندو. آءُ ڪنهن اهڙي واقعي جي لاءِ نه ٿو لکان بس هڪ شرعي مسئلو اوهان جي اڳيان پيش ٿو ڪريان. انسان جيڪو الله کي ايترو محبوب آهي جنهن لاءِ ان جي سڄي جي سڄي شريعت بدلجي ٿي وڃي مثال جي ائين چئجي جيڪو شخص بيهي نماز پڙهي سگهي ٿو اهو ڪجھ رقم ادا ڪري پاڻ تان اها سنت بدلائي ته هو بيهي پڙهڻ جي بجاءِ ويهي ٿو پڙهي.جڏهن ته هو بيهي پڙهي سگهي ٿو. ڇا ان سنت کي يا ان حڪم کي ڪنهن به قيمت تي خريدي سگهجي ٿو . يقينن ڪڏهن به نه ان حڪم کي خريدي نه ٿو سگهجي . پر اهو ئي ماڻهون جي بيمار ٿي پوي ته الله جي سڄي شريعت بدلجي ويندي هاڻي پروردگار چوي ٿو ٺيڪ آهي جي تنهنجي طبعيت ناساز آهي ته تون نماز بيهي نه پر ويهي پڙھ مونکي قبول آهي ويهي نه ٿو سگهين ته ليٽي پڙھ منهنجا بنده مونکي قبول آهي .
    جنهن حالت ۾ تون پڙهي سگهين ٿو ان حالت ۾ پڙھ منهنجا بنده مونکي قبول آهي. يعني اهو حڪم جيڪو پنهنجي اسطاعت جي مطابق دولت ڏئي خريد ڪري نه ٿو سگهجي اهو اصول الله انسان جي بيماري جي ڪري يا انسان جي صحت جي ڪارڻ بدلي ڇڏي ٿو. ٿورڙو جي اڳتي هلجي ته هي انسان جنهن تي جيڪي شيون حڪم جي زريعي حرام ٿيل آهن تن کي ڪنهن به عيوض جي بدلي حلال نه ٿو ڪري سگهجي. پر جي ڪو اوهان جي مٿي تي اچي بندوق رکي ۽ اواهان کي چوي ته هي گولي کا يا سامهون جيڪو حرام پيو آهي ان کي کاءُِ ته اتي الله حرام و حلال کي بلڪل بدلائي ٿو ڇڏي اتي گولي کاڻ حرام آهي ۽ حرام کائڻ حلال آهي . پنهنجي شريعت کي بدلائي اهو حڪم ٿو ڪري ته حرام کي کاء ليڪن بندوق جي گولي نه کاءِ اسان جي اڳيان ان جو بهترين مثال جنابِ عمارِ ياسروارو واقعو موجود آهي . پر هاڻي جي شريعت تي نگاھ وجهجي ته هڪ عجيب قيفيت ۾ نظر ٿو اچي پيو حقوق العباد جو باب ۾ جي اوهان جي ڪن پٽي تي ڪو اچي بندوق رکي ۽ اوهان کي چوي ٿو يا پاڻ گولي کا يا اڳين شخص کي گولي هڻ ته شريعت جنهن جي نگاه ۾ ٿورڙي دير پهريان ان شخص جي ايتري اهميت هئي سا شريعت چوي ٿي هاڻي پاڻ گولي کاءِ ليڪن ڪنهن بي جرم تي گولي نه هلاءِ . هي آهن شريعت جا اصول ( هي مثال ڊاڪٽر قلبِ صادق صاحب جي هڪ تقرير مان ورتو ويو آهي ) هاڻِ جي غور ڪجي جيڪو اڄ اسان تي دور هلي رهيو آهي جنهن دور ۾ طالب علم کي جنت جي لالچ ڏئي ان کان ڪيترا ئي بي گناھ ماڻهون مارايا وڃن ٿا. هاڻي هي جيڪي خودڪش تيار ڪن ٿا يا جي خودڪش آهن انهن جي هن عمل مان ظاهر ٿو ٿئي ته اهي پنهنجي قدر و منزلت کان ناآشنا ڪردار آهن هنن جي ان شر ملڪ توڙي دنيا ۾ جا هيجيان واري ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي آهي ان جي حقيقت ڪنهن کان لڪل ڪانهي.
    هي ته هئي انسان جي ظاهري قدر جنهن جي حوالي سان اسان هڪ معروضو پيش ڪري ڳالھ کي ٿورو واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اهو ئي اسان سالڪن جي محافلن مان سکيو ۽ سمجهيو آهي.
    هاڻي اچون ٿا انسان جي باطني قدرن جي طرف.
    هونءٌَ ته انساني باطني قدرون انسان جي نفس سان جڙيل آهن ليڪن جي ّان تي ڳالھ ڪبي ته شايد موضوع وڏو ٿي ويندو ۽ جنهن کي هڪ موضوع ۾ سميٽڻ منهنجي وس جي ڳالھ ناهي انشاءِ الله ان تي ڪنهن ٻئي وقت لکبو جي زندگي ساٿ ڏنو ته.
    انساني باطني قدرون
    نهج البلاغه ۾ حضرت علي عه جن فرمائين ٿا اي بنده تون پاڻ کي ننڍڙو جراسيم تصور ٿو ڪرين تنهنجي اندر عالمِ اڪبر سمايل آهي. عالم اڪبر جي تعريف پڻ هڪ عليحده موضوع آهي بس هن کي جي ائين سمجهي ته جيڪو ڪجھ خدا خلقيو آهي سو عالمِ اڪبر آهي عالمِ اڪبر کان ڪو وجود ٻاهر ڪونهي. هي هڪ گليڪسي آهي جنهن ۾ اسان رهندا آهيون ۽ اهڙيون ڪئي گليڪسي ٻيون آهن جن جو وجود مسلسل وڌي رهيو آهي اها ڳالھ سائنس ثابت ڪري چڪي آهي ۽ ان جي عقيدي جي لحاظ کان به تصديق ڪري سگهجي ٿي . سائنس چوي ٿي ته انرجي ڪڏهن به ختم ناهي ٿيندي يا مادو ختم ناهي ٿيندو اهو پنهنجي شڪل مٽائيندو رهي ٿو پر ڪڏهن به ختم نه ٿو ٿئي. آواز به هڪ انرجي آهي جيڪو اسان جي سماعتن کان پري ٿي ٿو وڃي هي آواز جيڪو اسان کي ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي ان جي وجھ اها آهي ته هو هوا ۾ تحليل ٿي اسان جي ٻڌڻ جي حدن کان پري ٿي وڃي ٿو. آواز ختم نه ٿو ٿئي . هي مخلوق آهي جنهن جو آواز ختم نه ٿو ٿئي ته هاڻي پروردگار جو حڪم ڪُن به ختم ناهي ٿيو ان جي ڪُن جي تخليق هي هڪ دنيا آهي هي سج ڪتيون تار ملڪ الله جي هڪ ڪُن جي تخليق آهي. اهڙيون هزارين ڪروڙين خلقتون ٻيون موجود آهن جن جي ثابتي دنيا ۾ وقتن فوقتن سائنس ڏيندي رهي ٿي . مون انسان جي حقيقت تي مولا جو هڪڙو جملو اوهان جي سامهون پيش ڪيو ته مولا فرمائين ٿا اي انسان تون پاڻ کي هڪ ننڍڙو جراسيم خيال ٿو ڪرين تنهنجي اندر ته عالم اڪبر موجود آهي مون پهريان اوهان جي سامهون هڪ گذارش رکي ته قدر نفسِ انسان لاءِ هڪ عليحده موضوع جي ڪئي قسطن جي ضرورت آهي . هتي صرف انسان جي نفس جي حقيقت تان ٿورو پردو کڻڻ جي ڪوشش ڪئي اهي . هاڻي جيڪو پنهنجي انهن رازن کان بي خبر آهي ان جو حال ڇا بيان ڪجي ان جي ڪهڙي پهلو تي ويهي روئجي. انسان جي قدر وقيمت اسلام ۾ هي آهي ته جنهن هڪ انسان کي بچايو تنهن سڃي انسانيت کي بچايو جنهن هڪڙي انسان جو قتل ڪيو ان سڄي انساني جو قتل ڪيو. جنهن کي پنهنجي قدر و منزلت جي خبر ناهي اهو ڪهڙي قسم جا شر ڪندو ان جو مطالعو اوهان ۽ اسان گاهي به گاهي يا روزانو جي بنيادن تي ميڊيا اليڪٽرانڪ و پرنٽ ميڊيا ٻنهي تي ڪندا رهون ٿا . حد ته هي آهي جو اسان انهن حادثن کي ڪا اهميت نه ٿا ڏيون هي اسانجي معاشري جي بي اثباتي جو منهن ڳالهائيندڙ ثبوت آهي.
    بحرحالو اسان پنهنجي موضوع ڏانهن اپس ٿا اچون انسان جي باطني قدرون.
    انسانجي باطني قدرن لاءِ مون اوهان کي عرض ڪيو انسان جون باطني قدرن مان عزت غيرت، حياءِ شرم ، شجاعت، مروت، سخاوت، علم آبرو وغيره جن جو ڳڻڻ به بي شمار آهن جيئن اسان پهريان انسان جون ظاهري قدرن جي ڳالھ ڪئي هئي ان ۾ هٿ، پير، وات، زبان، اکيون، ڪن، وغيره آهن جيڪو پنهنجي جسم جي انهن قوتن جو قدر نه ٿو ڄاڻي ان جي شر کان به بڄڻو آهي يعني انهن ظاهري شين جي قدر ڇا آهي انسان هٿن جي استعمال جو قدر ڄاڻندو هجي ، هن جا هٿ ڪنهن غيرالله جي حڪم سان نه اٿن هن جا هٿ هر برائي کان آجا هجن ، هن جا هٿ ڪنهنجي ناجائز مال عزت و آبرو تي نه پون.
    هن جاءِ تي هڪڙي مثال ڏيندو هلان ته ڪجھ عرصو پهريان مغربي توڙِي استعماري ميڊيا اسلام جي سزائن جي مطلق هڪ پروپيگنڊه ڪيو هو ته اسلام جون سزاون غير اخلاقي آهن مثال جي ڪو شخص چوري ڪري ٿو پوءِ هو لک جو چور هجي چار آني جو چور هجي انهي جي سزا هٿ ڪٽڻ آهي . غالبن مون ان جو جواب شهيد مرتضيٰ مطهري جي ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته اسلام جي سزائن کي غير اخلاقي وغير انساني سزائون چوڻ ورا در حَيقت اسلام جي روح کي سڪجهي ئي ناهن سگهيا انسان پنهنجي جسم جي ڪنهن عضوي جي قيمت ان شخص کان پڇي جنهن وٽ اهو عضوو نه هجي. ان کان پڇي ڏسي ته ان جي قدر ڇا ٿيندي آهي ان جي قيمت ڇا آهي خالق جنهن جي ڪا مثال ڪانهي ته ان جي خلقت جي به ڪا مثال ڪانهي . ان جي ڪنهن نعمت کي اسان بڻائي نه ٿا سگهون پوري دنيا ملي ڪري مڇر جو هڪڙو پر نه ٿي ٺاهي سگهي ته هٿ جي قيمت ڪٿان آڻيندي هي دنيا. هي اسان جي قوم جو عليحده الميو آهي ته انساني عضوا ٿورڙي قيمت تي پيا وڪامن هي عليحده موضوع آهي. ته جيڪو پنهنجي اعضاءِ جي قيمت نه ڄاڻندو لازمي طور تي ان جو غلط استعمال ڪندو ان لاءِ امام جو هي فرمان جيڪو پنهنجي قدر و منزلت کي نه ٿو ڄاڻِي ان جي شر کان بچو ته علماءِ اسلام ان پروپيگنڊه جو جواب ڏنو هو . هي شخص جنهن هن هٿ جي قيمت چار آنا به ناهي هنئي هن شخص الله جي ان نعمت جو قدر ناهي ڪيو يا هن وٽ پروردگار جي نعمتِ بي مٿال جو قدر ناهي ان ڪري هي الله جي ان نعمت جي رکڻ جي اهل ناهي ان ڪري هن کان اها نعمت واپس ڪئي وڃي ته جيئن هن کي ان نعمت جو قدر اچي . بس هاڻي ان موضوع کي اشارن ۾ سميٽڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. انسان جي باطني قوتن جي قدر جي حوالي سان. اها هڪ حقيقت آهي جنهن وٽ جنهن شي جو قدر هوندو اهو ئي ان نعمت جو صحيح استعمال ڪندو. جنهن وٽ غيرت جو قدر آهي اهو غيرت تان وپنهنجي جان مال سڀ قربان تيار ڪرڻ لاءِ تيار رهندو آهي. ان جي غيرت جو سودو ڪنهن به قيمت تي نه ٿو ڪري سگهجي پر جنهن وٽ غِرت ناهي اهو پنهنجي عزت آبرو کي ٽڪن ۾ وڪڻندو نظر ايندو. جنهن وٽ مروت جو قدر آهي اهو پنهنجي مٿان ڪچرو اڇلائيندڙ جي به عيادت ڪندو . جنهن وٽ مروت آهي اهو دشمن بيشڪ پياسو هوندو تڏهن به ان کي انساني مروت جي ناتي سان پاڻي پياريندو. جنهن وٽ دين جي قدر هوندي اهو دين تان پنهنجو سڀ ڪجھ قربان ڪري ڇڏيندو بس هن مثال تي پنهنجي موضوع کي بند ٿو ڪريان ، انسان کي مال ايترو پيارو هوندو آهي جو پنهنجي صحت تائين ان جي پٺيان ضايع ڪري ڇڏيندو آهي پر جڏهن هن جي صحت تي بڻجي ايندي آهي ته هي سڄي دولت کي ان جان تان قربان ڪرڻ چاهيندو آهي . جڏهن انسان جي عزت و غيرت جو سوال ايندو آهي ته هي پنهنجي جان کي به ان تان قربان ڪري ڏيندو آهي پر ڪربلا ۾ اسان کي هڪ ڳالھ نظر آئي ته امام حسين عه دين تان پنهنجي مال اولاد، بظاهر عزت آبرو کي، ڀينرن جا پردا وغيره سڀ ڪجھ قربان ڪري ڇڏيا. يقين ڪيو جڏهن مون تاريخ ۾ هي جملا پڙهيا ته منهنجي زبان تي گنگ لڳي ويو جڏهن بيبي زينب سلام الله عليها يزيد سان مخاطب ٿي ته اتي بيبي هڪ عجيب قسم جو جملو فرمايو بيبي اهو نه چيو ته مونکي منهنجي ڀاءُ مارجڻ جي تڪليف آهي، اسان گهر کان بي گهر ٿيا سين ان جي تڪيلف آهي يامصيبت محسوس ڪريان ٿي منهنجي سڀ کان وڏي مصيبت اها اهي ته مان تو سان مخاطب آهيان .
    جيڪو پنهنجي قدر سمجهي ٿو سو ئي ديندار هوندو جيڪو پنهنجي قدر سمجهي ٿو سو ئي غيرتمند هوندو ، جيڪو پنهنجي قدر سمجهي ٿو سوئي ٻين جي عزت ۽ آبرو جي حفاظت ڪندو. جيڪي پنهنجي قدرن کان نا واقف هوندو سو ڪنهن جي عزت، آبرو، مال جان جي قدر نه ڪندو ۽ اهڙي ماڻهون جي شر کان بچڻ گهرجي نشاءِ الله ان موضوع کي اڳتي وڌائبو.
    وسلام
    [/JUSTIFY]
     
  2. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    جواب: امام نقي عليه السلام جي هڪ فرمان جي تشريح جي

    ادا آل محمد اوهان کي هر موڙ تي ڪامياب ڪندي انشاء الله هي هڪ مذهبي ويب اوهان کي هديو ڪري رهيو آهيان انشاء الله پسند ايندي www.syedah.com
     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: امام نقي عليه السلام جي هڪ فرمان جي تشريح جي

    سائين اوهان جي پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔
    وسلام
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: امام نقي عليه السلام جي هڪ فرمان جي تشريح جي

    تفصيلي تشريح پيش ڪرڻ لاء ڏاڏل سائين اوهان جا قرب
     
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: امام نقي عليه السلام جي هڪ فرمان جي تشريح جي

    سائين وساڻ صاحب پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو