• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ناليوارو ليکڪ ۽ اديب طارق عالم ابڙو لاڏاڻو ڪري ويو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
197718_10150124513128484_798483483_6318665_4237585_n.jpg

ناليوارو ليکڪ ، اديب ۽ رهجي ويل منظر جهڙي ناول جو خالق طارق عالم ابڙو ڊگهو عرصو بيمار رهڻ کانپوء لاڏاڻو ڪري ويو۔هن ٽي ڪتاب لکيا ۽ ڪيترائي ليک پڻ لکيا۔هو ڪافي عرصي کان ڪراچي جي ايس آء يو ٽي ۾ گردن ۽ ساهه جي بيماري سبب علاج هيٺ هيو۔

طارق عالم ابڙو 1958 ۾ پيدا ٿيو۔ هن پونيرن ۾ هڪ بيوهه ۽ ٻه پٽ ڇڏيا آهن۔ هو هڪ بهترين مصور، شاعر، ناولنگار هو۔

انا لله و انا اليه راجعون۔​
 
جواب: نالوارو ليکڪ ۽ اديب تارق عالم ابڙو لاڏاڻو ڪري ويو

انا لله و انا اليه راجعون۔۔۔۔
سنڌي ٻوليءَ جو بهترين سرمايو ۽ نماڻو انسان سائين طارق عالم ابڙو۔۔۔ جيڪو ڪيتري وقت تائين اسان جو پاڙيسري به رهيو۔۔۔
سائين جي وڇوڙي تي اسان سندن پونئيرن سان ڏک ۾ گڏ شريڪ آهيون
 
جواب: نالوارو ليکڪ ۽ اديب طارق عالم ابڙو لاڏاڻو ڪري ويو

انا لله و انا اليه راجعون۔
اسان دعاگو آهيون ته ڌڻي سائين جناب طارق عالم ابڙو صاحب کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا ڪري ۽ سندس گهروارن کي صبر جميل عطا ڪري۔ آمين
 
جواب: نالوارو ليکڪ ۽ اديب طارق عالم ابڙو لاڏاڻو ڪري ويو

انا لله وانا عليه راجعون

زندگي موت جي امانت آهي ،،، هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي ۔۔۔۔ اسان سڀ پئدا ٿيا آهيون ۽ هڪ ڏينهن خالق حقيقيءَ جي درگاهه ۾ وڃڻو آهي ۔۔۔ آهي ڪو اهڙو انسان جنهن موت کي شڪست ڏني هجي ۔۔؟

طارق عالم ابڙو به جنهنجي امانت هئي ان طرف هليو ويو ۔۔۔ پر ڏٺو وڃي ته طارق عالم ابڙو ڪو پوڙهو شخص يا پنهنجيون سڀ بهارون ماڻي مري ويو هجي؟ نه هو ڪو پوڙهو ماڻهون نه پر ان عمر ۾ مري ويو آهي جنهن عمر ۾ ماڻهون اڃان جوان لڳندا آهن ۔۔۔ سندس مرڻ جو سبب بيماري هئي، ۽ انجي بيماريءَ لاءِ اديبن دانهون ڪيون ته وس وارا ۽ حڪمران سندس مدد ڪن ته هو ممڪن چاڪ ڀلو ٿي سگهيو ٿي ۔۔۔ پر افسوس هميشه جيئان هن ملڪ ۾ سنڌ جي سڄڻن جي مالڪي نه ڪرڻ جو رواج آهي سو برقرار آهي ۔۔۔ ۽ طارق اسان کان وڇڙي ويو ۔۔۔

طارق عالم جو نالو سنڌي ادب ۾ ائين نروار آهي جيئن آسمان ۾ وهائو تارو ۔۔۔ جيڪو ٻين تارن ۾ روشن نظر ايندو آهي ،،، سندس لکڻيون سنڌ ۽ سنڌيت جو سهڻو نمونو هنيو، سموري ڄمار سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رهيو ۽ پنهنجو قومي فرض نڀائي ويو ۔۔۔۔ کيس لک لک سلام

رب العالمين کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عظيم عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
 
جواب: نالوارو ليکڪ ۽ اديب طارق عالم ابڙو لاڏاڻو ڪري ويو

اهڙي بهترين شخصيت جي لاءِ حڪومت وٽ پئسا نه هئا۔۔۔ 70 لک علاج لاءِ حقي پئسا گهريا ويا جنهن جي لاءِ مدراس جي هسپتال جو بل پڻ ڏيکاريو ويو پر بيحس سنڌ حڪومت 7 لک ڏئي جان ڇڏائڻ چاهي۔۔ پر مرحوم پنهنجي انا جو سودو نه ڪيو ۽ اهي پئسا واپس موٽائي ڏنا ۽ عزت جو موت قبوليو۔۔۔
 
جواب: ناليوارو ليکڪ ۽ اديب طارق عالم ابڙو لاڏاڻو ڪري ويو

انا لله و انا عليه راجعون ،
اسان سنڌ سلامت ڊات ڪام انتظاميه طرفان سائين جي پوئلڳن سان تعزيت پيش ڪريون ٿا
ٻاجهاري ڌڻي کان اها ئي دعا آهي ته مالڪ سائين مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي۔۔۔ ۽ پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جڳهه نصيب عطا فرمائي۔۔۔ ۔۔۔ ۽ پوين سوڳوارن کي صبر جي تلقين عطا فرمائي آمين۔
 
جواب: ناليوارو ليکڪ ۽ اديب طارق عالم ابڙو لاڏاڻو ڪري ويو

ڏاڍو ڏک ٿيو طارق جي وڇوڙي تي الله کيس جنت ۾ جاء ڏيس۔۔۔ آمين

سنڌ گورنمنٽ جي بي حسي سبب ههڙا دانشور غير طبعي موت مئا۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: ناليوارو ليکڪ ۽ اديب طارق عالم ابڙو لاڏاڻو ڪري ويو

ڏاڍو ڏک ٿيو طارق جي وڃوڙي تي الله کيس جنت ۾ جاء ڏيس آمين
سنڌ گورنمنٽ جي بي حصي سبب ههڙا دانشور غير طبعي موت ميا۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: ناليوارو ليکڪ ۽ اديب طارق عالم ابڙو لاڏاڻو ڪري ويو

ّانا لله و انا عليه راجعون
الله تعالي مرحوم کي جنتُ الفردوس ۾ جڳه عطا فرماَئ
 
جواب: ناليوارو ليکڪ ۽ اديب طارق عالم ابڙو لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي جا شاهڪار ناول ”رهجي ويل منظر“ سميت 3 ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ رات سانت ۽ سوچون ۽ سڃاڻپ جي ڳولا ۾ شامل آهن، ”رهجي ويل منظر“ ناول تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي، جنهن جا اڄ تائين ڪيترائي ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن، ”رهجي ويل منظر“ کي سنڌي ادب ۾ شاهڪار ناول سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو پهريون ڀيرو 1980ع ۾ ڇپرايو ويو، جڏهن ته بيماري سبب طارق پنهنجا 2 ڪتاب مڪمل نه ڪري سگهيو، انهن ۾ هڪ افسانن جو مجموعو ”فريم“ آهي ۽ ٻيو سوشو پوليٽيڪل ناول هو، انهي ناول بابت طارق عالم هڪ ڀيرو ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو هو ته مان چاهيان ٿو ته اهو ناول سندس زندگي ۾ ئي ڇپجي وڃي پر سندس اها خواهش آخري دم تائين پوري نه ٿي سگهي.
 
جواب: ناليوارو ليکڪ ۽ اديب طارق عالم ابڙو لاڏاڻو ڪري ويو

طارق عالم جي شاعريء جي هڪ يادگار وڊيو

 
Back
Top