[/img] ياد تون جي ڪرين تنهنجا ٿورا سوين جي وساري ڇڏين ته به مياري نه تون اسان اڄ به آهيون اڪيلا الا اسان ساڻ تنهنجي نه ياري نه تون هڪ نگاهن جون ڳالهيون ستم ٿي پيون، ٻيو جنون محبت آ حد کان وڌيو رڳو درد دوکا دنيا کان مليا ، رڳو آ ملي رات ڪاري نه تون ياد تون جي ڪرين تنهنجا ٿورا سوين ،جي وساري ڇڏين ته به مياري نه تون حقيقت جي اک سان ڏسان جي ٿي مان ، فسانا هزارين ٿا وکري وڃن فقط ڏک جون راتيون اسان لاءِ آهن ، ڪڏهن ڪو دلاسو ڏياريئي نه تون ياد تون جي ڪرين تنهنجا ٿورا سوين ، جي وساري ڇڏين ته به مياري نه تون هي حياتيءَ جو ساگر آ گهرو گهڻو ، ڪنارو پري ۽ آ ٻيڙي ڀڳل مان ساحل تي پهچي ڀلا ڪيئن ڪريان ، نه منزل آ منهنجي نه ياري نه تون ياد تون جي ڪرين تنهنجا ٿورا سوين جي وساري ڇڏين ته به مياري نه تون اسان اڄ به آهيون اڪيلا الا اسان ساڻ تنهنجي نه ياري نه تون...!
جواب: ياد تون جي ڪرين تنهنجا ٿورا سوين۔۔۔! همدردي آهي سڪينه سان ۽ ٿورائتا آهيون اوهانجا اي آرزو، لفظن جو سحر پاڻ تي به طاري ٿيو ۔۔۔ يار جي ياري به نه هجي ۽ يار به نه هجي ته ٻيڙي ٽٽي پوي ٿي ۽ زندگيءَ جو بحر پار ڪرڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو ۔۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔ سهڻا آرزو
جواب: ياد تون جي ڪرين تنهنجا ٿورا سوين۔۔۔! ياد تون جي ڪرين تنهنجا ٿورا سوين جي وساري ڇڏين ته به مياري نه تون اسان اڄ به آهيون اڪيلا الا اسان ساڻ تنهنجي نه ياري نه تون آرزو جي مهرباني جنهن هيڏي بهترين شاعري سهڻي ڊزائن سان گڏ ونڊ ڪئي آهي۔ منزل دور هجي، محبوب پري هجي ۽ پوء ته الله بچائي۔ اهڙي ڪيفيت کي سهڻي انداز ۽ سهنن احساسن سان گڏ محترمه سڪينه ميرجت پيش ڪيو آهي۔
جواب: ياد تون جي ڪرين تنهنجا ٿورا سوين۔۔۔! مهربانيون وڏا سائين اها ڪجهه لکيو اهي اسان جا ڀاڳ ڀلا۔۔۔۔ مهربانيون سائين۔۔۔