آرزو
سينيئر رڪن
ياد تون جي ڪرين تنهنجا ٿورا سوين
جي وساري ڇڏين ته به مياري نه تون
اسان اڄ به آهيون اڪيلا الا
اسان ساڻ تنهنجي نه ياري نه تون
هڪ نگاهن جون ڳالهيون ستم ٿي پيون، ٻيو جنون محبت آ حد کان وڌيو
رڳو درد دوکا دنيا کان مليا ، رڳو آ ملي رات ڪاري نه تون
ياد تون جي ڪرين تنهنجا ٿورا سوين ،جي وساري ڇڏين ته به مياري نه تون
حقيقت جي اک سان ڏسان جي ٿي مان ، فسانا هزارين ٿا وکري وڃن
فقط ڏک جون راتيون اسان لاءِ آهن ، ڪڏهن ڪو دلاسو ڏياريئي نه تون
ياد تون جي ڪرين تنهنجا ٿورا سوين ، جي وساري ڇڏين ته به مياري نه تون
هي حياتيءَ جو ساگر آ گهرو گهڻو ، ڪنارو پري ۽ آ ٻيڙي ڀڳل
مان ساحل تي پهچي ڀلا ڪيئن ڪريان ، نه منزل آ منهنجي نه ياري نه تون
ياد تون جي ڪرين تنهنجا ٿورا سوين
جي وساري ڇڏين ته به مياري نه تون
اسان اڄ به آهيون اڪيلا الا
اسان ساڻ تنهنجي نه ياري نه تون...!