ٽيلي فلم"وانٽيڊ"تحرير،مڪالما۽من ظرڪشي عبدالرزاق ميمڻ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏13 جون 2011۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ٽيلي فلم"وانٽيڊ" جي مُڪمل ڪهاڻي تحرير،مڪالما۽منظرڪشي عبدالرزاق ميمڻ​
    20 سال پهرين (انٽرو)​

    ڪنهن ننڍي شهر جي ڪنهن بينڪ ۾ 20 سال پهرين هڪ ڌاڙو لڳو هو، ڌاڙو هڻندڙ ڪراچي شهر جو هڪ ماڊرن، اسمارٽ ڇوڪرو هو، ڌاڙي ۾ علائقي جي زميدارن، هارين ۽ ڪاروباري شخصن جي ڪثير رقم بينڪ محفوظ ٿيل هُئي جنهنڪري هن ڌاڙي علائقي ۽ پسگردائي وارن ماڻهن جي هر طبقي کي ڪنگلو ڪري ڇڏيو هو۔ اهوئي سبب هو جو 20 سال گذرڻ جي باوجود ان ڌاڙي جو اثر هر نسل جي ماڻهن تائين پهتو جنهن ڪري علائقي جو هر شخص، ننڍو، وڏو، پوڙهو پڪو ۽ ٻارن جي واتن تي به اهو قصو عام هو جيڪي هو پنهنجي علائقي ۾ ايندڙ ويندر هر شخض سان شيئر ڪندا اچن۔ مطلب ته اهو واقعو سندن ذهنن ۾ ائين گهر ڪري ويو ڄڻ ته ڪله جو واقعو هو۔ هن واقعي جو افسوسناڪ پاسو اهو هو ته ويه سال گُذرڻ کان پوءِ به ڏوهيءَ جو ڪو به سراغ نه مي سگهيو۔

    مُهنجي ڏاڏي جو شمار به اُنهن خوشنصيبن ۾ ٿئي ٿو، جيڪو هن واقعي جو واحد اکين ڏٺو شاهد آهي۔ ان ڪري جو بينڪ جو ڪوبه مُلازم ڌاڙيل جي شڪل ان ڪري نه ڏسي سگهيو هو جو هُن کي ڦر کان پهرين نقاب پاتل هو پر مُهنجي ڏاڏي کيس اُن وقت ئي ڏسي ورتو هو جڏنهن هو بازار مان گُذريو پئي ۽ ڌاڙيل ڇوڪرو بينڪ ڦُري پنهنجي ڪاري ۾ گاڏيءَ ۾ ويٺو پئي پر اُن وقت ئي هُن مُنهن تان نقاب هٽائي ڇڏيو هُئائين۔

    علائقي جي پوليس ڏاڏي کي علائقي ۽ پسگردائي ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۾ گهربل سمورن ڦورن جون تصويرون به ڏيکاريون هُيون پر انهن مان ڪا به تصوير هن ڦورُو ءَ سان ڪان ٿي ملي، پوءِ شهر مان هڪ تصوير جي تشبيح ٻُڌائي ٺاهڻ واري آرٽسٽ کي گهرايو ويو جنهن ڏاڏي جي سوچ ۾ آيل ڦورو جي تصوير جوڙي ورتي ۽ پوليس ان تصويرن جو ڪاپيون ڪرائي هر تاڻي تي رکارائي ڇڏيون هُيون ۽ علائقي جي با اثر ماڻهن طرفان ڦوروءَ جي ڏس پتي ٻُڌائڻ واري لاءِ انعام جو اعلان به ڪيو ويو۔

    20 سالن کان پوءِ​


    [JUSTIFY]ٻن ڏينهن پهرين جو واقعو آهي، حسب روايت ڏاڏو ڪنهن حجام جي دُڪان ٻاهران رکيل بينچ تي اکيون چُچيون ڪري اخبار پيو پڙهي، ساڻس سندس هڪ پراڻو دوست به ويٺل آهي جنهن کي هو خبرون پڙهي به ٻُڌائي ٿو۔ اوڏي مهل ئي هڪ شاندار ڪار ڳچ فاصلي تي روڊ جي ٻئي پاسي اچي بهي ٿي، ڏاڏو اخبار پڙهڻ ۾ مگن، دوست ڪار کي ڏسي پيو، ڪاري رنگ جي ڪار مان هڪ اڌيڙ عمر سمارٽ جينز ٽي شرٽ ۾ ڪو پُروقار شخص لهي ٿو، جڏنهن هو ڪار جو دروازو بند ڪري وڃي ٿو ته دوست ڏاڏي کي ٺونٺ هڻي پُڇي ٿو ته " اي هيڏانه! سڃاڻيس ته هي اوپرو شخص ڪير آهي؟" ڏاڏو ڪا اهميت نه ڏيندي هڪ نظر هڻي اخبار ۾ نظر وجهندي وراڻيس ٿو " بينڪ ڦرڻ وارو ڌاڙيل! " ۽ وري اخبار پڙهڻ ۾ مشغول ٿي وڃي ٿو۔ دوست جي مُنهن جون هوايون اُڏي وڃن ٿيون پريشان ٿي " ڃا تون يقين سان چئي سگهين ٿو ته هي اُهو ئي آهي؟" ڏاڏو اخبار مان ڪنڌ هٽائڻ بنان " توکي ته خبر آهي ته چهرن کي آئون چٽيءَ طرح سڃاڻي ويندو آهيان! ۽ مُهنجي يادشات به گهڻي آهي! ها! مونکي پڪ آهي ته هي اُهو ئي شخص آهي" اهو ٻُڌندي دوست هڪدم جهٽڪو کائي اُٿي ٿو ۽ سڌو اندر حجام جي دُڪان ۾ وڃي ٿو۔ ڪٽ[/JUSTIFY]

    حجام جو دُڪان، ڪي ٽي چار گراهڪ سنوارت ۽ ڪٽنگ ڪرائڻ ۾، دوست اندر داخل ٿي، تڪڙ ۾، سهڪندو، اجنبيءَ طرف اشارو ڪري " او! هُو ڏسو! بينڪ ڦريندڙ ڦورُو!" اهو ٻُڌندي ئي سڀني کي ڇرڪ، هرڪو سيٽ تان اُٿي ٻاهر ڀڄڻ لڳي ٿو ۽ دوڪان جو مالڪ حجام ٻاهر نڪري دُڪان جو شٽر ڪرائي ٿو ڇڏي، ڏاڏو هر ڳاله کان بيخبر بينچ تي اخبار پڙهڻ ۾ محو آهي۔ ڪٽ

    بازار ۾ ڪنهن جنرل اسٽور تي ڪي گراهڪ بيٺل، اوچتو هڪ شخص بدحواسيءَ ۾ تڪڙو تڪڙو ويندي دڪان سامهون گُذري پيو ۽ دُڪاندار ۽ گراهڪن کي ٻُڌائي ٿو ته " 20 سال پهرين بينڪ فُرڻ وارو ڌاڙيل اچي ويو آهي ۽ بازار ڏانهن پيو اچي" ائين چئي هو ڊوڙندو غائب ٿي وڃي ٿو۔ دُڪاندار ۽ گراهڪ خوزده نظرن سان هڪ ٻئي کي ڏسن ٿا ته انهيءِ وقت اُهو پروڪار اجنبي دوڪان تي چڙهي اچي ٿو ۽ دُڪاندار کي مخاطب ٿئي ٿو " هلو! ڇا تو وٽ مُور سگريٽ جو پاڪيٽ آهي؟" دوڪاندار، جنهن جي هث ۾ گراهڪ کي ڏيڻ لاءِ بسڪيٽن جو پيڪٽ پيل آهي نه ڏسي هم نه تم ڌو ڪري اجنبيءِ جي چهري تي اُچلائي ٿو ۽ نفرت، ڪاوڙ خوف مان دُڪان کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو، بيٺڪ ٻيا گراهڪ به انهيءِ روئي سان ڀڄي وڃن ٿا ۽ هڪ گراهڪ خوف ۽ دهشت ۾ پنڊ پهڻ ٿي بهي ٿو، سندس هٿ ۽ پير لرزڻ لھن ٿا۔ اجنبي حيرت مان بسڪيٽ جو پيڪٽ گُسائي، پنڊ پهڻ ٿيندڙ گراهڪ کي دُڪاندار بابت " چريو! گڏه ڪٿي جو! بلڪل ڄٽ! جاهل!" اڳتي هٿ وڌائي شيلف مان سگريٽ جو پيڪٽ آرام سان ڳولي ، ڪُجه نوٽ ڪائنٽر تي اڄڇلائي ٿو! دُڪان جي مُخالفت ۾ آرام سان پيڪٽ مان سگريٽ ڪڍي لائٽر سان ٻاري ٿو ۽ پوءِ ٻٽي آرام سان بهي ڪش هڻي دُڪان تان هيٺ لهي اچي ٿو۔ ڪٽ

    ڪنهن گيريج ۾ مستري گاڏيون پيا ٺاهين، هڪ مستري گريس سان ٿڦيل ڪپڙن سان، هٿ ۾ پانو، مُنهن تي گريس ۽ چڪناهٽ جا ڪارا نشان ڳئين ئي ڪار جو نينٽ هيٺ ڪري ٿو، هڪ ٻيو شخص سامهون تڪڙو تڪڙو اهو چئي نڪي وڃي ٿو ته" بينڪ وارو ڦورو!" مستري ٻاهران نظر ڦرائي ٿو ته ڪيس پٺيان ويندڙ اجنبي آرام سان سگريٽ جا ڪش هڻندي ويندو نظر اچي ٿو هو خوف، دهشت ۽ ڪاوڙ ۾ پانو اجنبيءَ طرف اُچلائي ٿو ۽ پاڻ گاڏيءَ جي هيٺان لڪي بهي رهي ٿو، جيڪو پانو اُڇلايو هُئائين اُهو گهڻو فاصلو هُئڻ ڪري اجنبيء کي لڳڻ بجاءِ بيٺل ڪنهن ڪار جي پُٺئين واري اسڪرين سان ٽڪراجي ٿو ۽ زوردار آواز سان گڏ اسڪري چُڪنا چور ٿي وڃي ٿي، اجنبي پنهنجي مُهن آرام سان بازار مان گذري پيو ۽ سامهون موجود ريسٽورينٽ ڏانهن وڌي ٿو۔ ڪٽ

    هوٽل جي ڪائونٽر تي ويٺل مالڪ اجنبيءَ کي ريسٽورينٽ ۾ داخل ٿيندي ڏسي ڪائنٽر پُٺيان لڪڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، اجنبي پنهنجي خيالن ۾ ريسٽورينٽ ۾ داخل ٿي هڪ ڪُرسي تي وهي ٿو، کيسي مان ڪي نقشا ڪڍي ٽيبل تي ڦهلائي پڙهي ٿو ته ٻئي ڀرف ويٺل گراهڪ، اجنبيءَ کي ڏسي خوف ۽ دهشت سان آهستي آهستي ريسٽورينٽ کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا ڪٽ

    ٻاهر بازار سنسان پئي ٿئي، ماڻهو شٽر ۽ دُڪان بند پيا ڪن ۽ پاڻ ۾ چي ميگويون عُروج تي، اندر اجنبي نقشي کي تڪڻ ۽ پين سان مارڪ ڪرڻ ۾ رڌل ۔ بازار ۾ پوري افرا تفري مچيل ڪٽ

    ساڳي بينڪ، نئون عملو، بينڪ ۾ اندر افرا تفري مچيل، مئنيجر تمام اسٽاف کي هيٺ تهه خاني ۾ وڃڻ جو مشورو ڏئي چوڪيدار کي مين گيٽ بند ڪرڻ جي تاقيد ۽ " بينڪ بند آهي" نوٽيس پاٺو لڳائڻ جي هدايت پيو ڪري، جيئن ئي گارڊ بينڪ اندران بند ڪرڻ ۽ "ڪلوزڊ جو بورڊ" لڳائي ٿو ته هڪ ڪسٽمر زور زور سان بينڪ جو دروازو کولائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، چوڪيدار کيس ٻُڌائي ٿو ته بينڪ بند ٿي چُڪي آهي ۽ هو بضد ته اڃان بند ٿيڻ ۾ ڪلاڪل پيو آهي ۽ هن وٽ بيف ڪيس ۾ ڪافي رقم موجود آهي جيڪا هو جمع ڪرائڻ چاهي ٿو پر چوڪيدار کيس ڇڪي بيڪ جي دروازي کان ٻاهر ڪٺي دروازو بند ڪري ڇڌي ٿو ۽ ٻاهر بانڪ جي دروازي تي ڪسٽمر بريف ڪيس کي سيني سان لڳائي خوف دهشت ۾ پريشان آهي ڪٽ۔

    ٿاڻي تي انسپيڪٽر ۽ ٻيو عملو موجود، پريشاني ۽ چهل پهل سامهون هڪ بينر لڳل جنهن تي پينسل سان ٺهيل مجرم جي تصوير لڳل ۽ هيٺان وانٽيد لکيل آهي، اي پي جي آمد ۽ انسپيڪٽر کي آگاهي ته " جيڪڏنهن اسان ڦوروءَ کي حد اندر پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو مزاحمت ڪندو ۽ ٻنهين طرفان فائرنگ جي ڪري الاهي جاني، مالي نقصان جو انديشو رهندو" اُن هن ڪري انسپيڪٽر ڱي حڪم ڏنو ته سپاهي وٺي شهر جي ٻاهران ويندڙ روڊ جي ناڪا بندي ڪن ته جيئن ڦورو ڀڄي ته هُن جو پيڇو ڪري کيس گرفتار ڪري سگهجي، پوليس سيٽيون هڻندي انپيڪٽر سان گڏ ٿاڻ کان ٻاهر نڪري وڃي ٿي۔ ڪٽ

    ريسٽورينٽ ۾ اجنبي سڄي هنگامي کان بيخبر، نقشو لپٽي ٻاهر نڪري بازار کي ڏسي ٿو ته مُڪمل بازار بند آهي ۽ سناٽو ڇانيل آهي، حيرت ۾ ۔ اجنبيءَ کي ريسٽورينٽ مان نڪرندو ڏسي مُختلف گهٽين جي اوٽ ۾ ماڻهو به خوف، دهشت ۽ پريشانيءَ ۾ ڏسنس ٿا۔ اجنبي ڪنڌ اُچڪائي سامهون پري چان بيٺل سندس ڪار کي ڏسي اوڏانه وڃي ٿو، ڏاڏو به ساڳي بينڃ تي پنهنجي مُهن اخبار پڙيڻ ۾ ارد گرد جي ماحول کان بيخبر، اجنبي ڪار ڏي وڏي ٿو رستي ۾ ڏاڏي ڏي نظر، ڪار کي ڇڏي ڏاڏي ڏي وڌي ٿو، ماڻهو جهاتيون پائي ڏسنس پيا، ڏاڏي ۽ اجنبي۾ ميوٽ ۾ ڳاله ٻولهه ٿئي پئي، ته اوچتو مُڪمل خاموش فضا ۾ فائر جو آواز گونجي ٿو ۽ اجنبي ڊوڙي پنهنجي ڪار ڏانهن ڀڄي ٿو، بدحواسيءِ ۾ ٻي طرف پوليس مُخالف پاسي ڪار موڙي روانو ٿي وڃي ٿو ، سندس ڪار کي سائلنسر جي شور ۾ ويندي پري کان ڏيکارجي ٿو۔ ڪٽ

    اجنبيء جي وڃڻ کان پوءِ سڀئي لڪندا ڇُپندا، هُجوم ۾ ڏاڏي طرف اچن ٿاجيڪو اڃا به ماحول کان بيخبر ٿي اخبار پيو پڙهي، ماڻهن کي ڏسي بُڙبُڙائي اخبار ويڙهي اهو چئي اُٿي ٿو " اجنبي صحيح پئي چيو ته هتي اڪيلو به اُس ۾ ويهي اخبار نٿي پڙهي سگهجي ۽ ڪاوڙ غصي مان هُجوم کي چيريندو ٻاهر نڪري گهر ڀرف روانو ٿئي ٿو، هجوم به ڏاڏي جي پويان ، هر هر مُڙي ايندڙ هُجوم کي ڪاوڙ ۾ ڏسي تيز وکون وڌائي ٿو ڪٽ

    پوءِ اڳتي هلي هڪ هنڌ بهي هجوم جي پُهچڻ جو انتظار ڪري ٿو " هوجوم جي ويجهي پُهچڻ تي" ڇا آهي ابا! ڇتا ٿي پيا آهيو ڇا؟۔۔ مُهنجو پيڇو ڇو پيا ڪريو؟ " دوست هجوم مان نڪري اڳتي وڏي اچي ٿو ۽ پُڇيس ٿو ته " اسان اهو پُڇڻ ٿا چاهيون ته توکي اجنبيءَ ڇا پئي چيو؟“ ڏاڏي سڀني کي ڏسي ڪاوڙ ۾ وراڻيو ته هُ ڇيو پئي ته " سڀئي سياستدان ۽ سياسي پارٽيون هاڻ اچي چريون ٿيون آهن" هجوم جا ماڻهو هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا۔ اُن وقت پوليس جي گاڏي اچي بهي ٿي ۽هُجوم کان مُجرم جي ويندڙ رستي ببت پُڇا ڪري ٿي جيڪي کيس مجرم جي وڃڻ جو رستو ٻُڌائين ٿا سپاهين جي گاڏي اوڏانه روانو ٿي وڃي ٿي ڪٽ

    اوطاق تي ڏاڏو آرام ڪُرسيءَ تي جهُمندو اخبار پيو پڙهي، سندس دوست اچي ٿو ، ڏاڏو پُڇيس ٿو ته "اهو ٻاهر ماڻن جو مجموعو ۽ گوڙ ڇو هو؟" دوست تعجب سان " چويس ٿو ته "تو پاڻ ئي ته ٻُڌايو هو ته اهو اجنبي بينڪ ڦورو هو جنهن 20 سال پهرين هن شهر جي بينڪ ڦُر ڪئي هئي ۽ پوري علائقي ۾ تنهنجي يادشات جا چرچا آهن ته تون واح ماڻو آهين جيڪو ڦوريءَ کي سڃاڻي سگهين ٿو؟ ۽ تو 20 سالن جي گذرڻ کان پوءِ به ڦورو سڃاڻي ورتو آهي" ڏاوڏ حيرت ۾ اچي " تنهنجو پيريءَ ۾ اچي مٿو خراب ٿيو آهي! اخبار ڪڍي کولي وچ جي اخبار ۾ هڪ تصوير ڏيکاريس ٿو ته هُن، هِن تصوير لاءِ کيس چيو هو ته ڪراچي پوليس تلاش ڪري 20 سالن کان پوءَ هڪ ڏوهاريء کي سڃاڻي ورتو آهي ۽ هُ کي سڳ سوڌو گرفتار ڪري ايندي ۽ تو الائي ڇا سمجهيو " دوست حيرت ۾ "ته ڇا اهو اجنبي اُهو وانٽيڊ شخص ڪونه هو؟" ۽ ڏاڏي کان اخبار ڇڪي غور سان تصوير کي ڏسي ٿو، اخبار جي تاريخ پڙهي " هي ااخبار به ته الهي پُراڻي آهي؟" ڏاڏي وراڃيس ته" ڀوڪ حجامن جي دُڪانن تي ته هونديون ئي پُراڻيون اخبارون ۽ رسالا هوندا آهن" رٽائرمينٽ کان پوءَ ماضءَ ۾ جهانڪڻ لاءِ وڃي پوراڻيون اخبارو پڙهندو آهيان" دوست وري غور سان اخبار جو فوٽو ڏسڻ لڳو " اڙي اڙي هي تصوير ته واقعي اُهيءَ اجنبي شخص جي آهي" ڏاڏو حيرت ۾ اخبار وٺي تصوير ڏسي" نه ڀُليو آهين هي ڪو ٻيو آهي ، ڪٽ

    پوليس گاڏي به واپس اچي ٿي پٺيان سپاهين سان اجنبي ويٺل آهي ۽ ٿاڻي تي بهي اجنبي کي لاڪ اپ ڪجي ٿو ايس پي لاڪ اپ ۾ مُجرم کي " هون! ته تون اقرا ڪرين ٿو ته تو ئي اهو 20 سال پهرين جو ڦورو آهين جنهن هن شهر جي بينڪ لُٽي هُئي؟ مجرم جواب ڏي ٿو" ها اه 20 سال پهرين جي مُهنجي آخري چوري هُئي، ائون هاڻ تڏنهن کان هڪ شريف ٽيڪس پياريندڙ شهري آهيان مون ڏوه کان ته گهڻو اڳ توبه تائب ڪئي هُئي ڪٽ

    ڏاڏو ۽ دوست بازار مان لنگهندي حجام جي بينچ تي اچي ويهن ٿا، دوست " تنهجني ياداشت جو ته شهر شهر چرچو ۽ چو ٻول آهي، گرفتار اجنبي واقعي 20 سال پراڻو بينڪ لُٽيندڙ ڦورو هو آخر جڏنهن هو تو وٽ آيو هو، توسان هن ڪهڙي ڳاله ٻوله پئي ڪئي؟ ڏاڏوٿڌو ساه کڻي " ها برابر! پر هاڻ هُن ٻُڏايو پئي ته هو ٽن جوان ڪنوارين ڌيئرن جو هڪ جوابدار پي آهي، ان آخري ڦر هُن جي قسمت ئي بدلي ڇڏي هُئي، هن اهو ڌنڌو ڇڏي پراڻين ، نون گاڏين وٺڻ وڪڻڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو هو ۽ هو هيئنر امير ترين شخصن مان هڪ آهي، " ڏاڏو اُٿي حجام جي خالي دُڪان ۾ اندر وڃي پاڻ کي آئني ۾ ڏسي دوست کي" مونکي اڄ هن اجنبيءَ جي گرفتار ٿيڻ تي ڏک ٿيو آهي ڇو جو هُن کي بينڪ ڦر جو هر وقت پڇتاء هو شايد هن کي به هاڻ پنهنجي پوڙاهپ جو احساس پئي ٿيو ۽ هو هن شهر ۾ موٽي آيو هڪ مُفت خيراتي اسپتال کولائڻ لاِ جيئن هو ماضيء جي ڪيل جُرم ڪو ازالو ڪري سگهي۔۔ پر افسوس ائين نه ٿي سگهيو ۽ هو پهرين گرفتار ٿي ويو۔۔ فريز
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ٽيلي فلم"وانٽيڊ"تحرير،مڪالما۽من ظرڪشي عبدالرزاق ميمڻ

    ادا سٺو ونڊ آهي ۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ٽيلي فلم"وانٽيڊ"تحرير،مڪالما۽من ظرڪشي عبدالرزاق ميمڻ

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو