نثارناز
سينيئر رڪن
کِلِي آڇ اُنهيءَ کي گُل
پيارا دوستو هڪڙي ساٿي فنڪار دوست روزانو اچي مٿو کاڌو ته سائين مونکي عيد لاءِ هڪڙو گيت هڪڙو ٽريڪ کڻي آيو انهي ڌُن تي لکي ڏي، چيومانس بابا مان وانڌو ڪونه آهيان اصل ڪونه مُڙيو، جيڪو ٽريڪ هو سو ته ڪيئن هُو خبر ناهي پر مجبورن هڪڙو گيت لکجي ويو۔ صفا وزن بحر کان وانجهيل هن گيت جي اُن فنڪار هڪڙي زبردست ڌُن تيار ڪري مونکي ٻُڌائِي اُن جهڙي طرح ترنم ۾ اهو گيت ڳايو مُنهنجا اصل تاڪ لڳي ويا۔ پر يقين ڪجو توهان جا رمضان ۾ تاڪ لڳائڻ نٿو چاهيان، پر ڪافي ڏينهن کان مُنهنجي ڊيزائن شاعريءَ ۾ ڪو گيت ڪونه هو، هاڻي جهڙي به شاعري آهي، توهان جي نظر آهي۔ اهو شڪر الله سائين جو آهي جو مُنهنجي پنهنجي مطلب سموري سنڌ سلامت جي دوستن جي آهي۔
ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا