جڏهن نيڪ نظر ڪري پوئتي نهارجي ٿو ته پروڙ پوي ٿي ته هن دنيا جي گولي تي ڪيترائي اهل دل صوفي علم جا مبلغ عالم ملندا، جن مان
حضرت امام محمد غزالي رح به هڪ عالم اهل الله، صوفي درويش شخص ٿئي گذريو آهي، سندس نالي ۽ علمي خدمتن کي شايد ئي ڪو علم رکندڙ واقف نه هجي،
امام غزالي جنهن کي حجته ال اسلام جو لقب مليل آهي،
امام صاحب جو نالو ته محمد هو مگر پاڻ امام غزالي جي نالي سان مشهور آهن، امام صاحب جي ولد جو نالو محمد بن احمد هو، امام صاحب جي خاندان جو ڪاروبار ڪپهه جو ڪاروبار هو جنهن جي ڪري کيس غزالي چيو ويندو آهي، ۽ غزالي عربي زبان جو الفاظ آهي، امام صاحب جو والد بلڪل پڙهيل نه هو ۽ لکڻ پڙهڻ بلڪل نه ڄاڻندو هو مگر ان پنهنجي پٽ تي پڙهائڻ لاء تمام گهڻو زور ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ امام صاحب جو نالو اسان وٽ پهتو
۔امام غزالي صاحب نيشاپور واري مدرسي مان 400 شاگردن مان نمبر هڪ شاگرد هو۔ امام صاحب هڪ ئي وقت عالم دين ، مبلغ، محدث، هو ته وري ٻئي طرف عارف صوفي ۽ درويش پڻ هو، جيڪا خوبي تمام گهٽ عالمن ۾ ملي ٿي، اڪثر ائين ڏٺو ويو آهي ته صوفي رڳو صوفي ئي رهندا آهن، ۽ عالم عالم ئي رهندا آهن۔غزالي جا هن ڪتاب کان علاوه ٻيا به تمام بهترين ۽ مشهور ڪتاب آهن جن مان
احياء العلوم هڪ مشهور ڪتاب آهي جنهن لاء اهيو چيو ويندو آهي ته اگر دنيا ۾ ٻيو علم غائب ٿئي وڃي ته هي ڪتاب احياء العلوم ان علم لاء ڪافي آهي۔
امام غزالي جو هي
برقي ڪتاب ڪيمياء سعادت جو پهريون حصو آهي، جيڪو هڪ بهترين ڪوشش ۽ ڪاوش آهي، ۽ هن ڪتاب تي دوست محترم عبدالرحيم نظاماني ڪمپوزنگ ڪئي آهي ۽ سنڌي ترجمو محترم دوست غلام حسين جلباڻي ڪري اسان سنڌين تي احسان آهن، مگر اهيو پڻ ارمان آهي ته هن قيمتي ڪتاب جا باقي حصا برقي صورت ۾ اچي نه سگهيا آهن، منهنجي خوشنصيبي آهي جو هي ڪتاب مڪمل مون وٽ موجود آهي۔ جيڪو سنڌيڪا وارن ڇپرايو آهي۔
مان
محترم دوست سليمان وساڻ صاحب جو به ٿورائتو آهيان جو هن قيمتي ۽ بهترين ڪتاب کي به
سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شامل ڪري سنڌ سلامت جي فورم جي ساٿين لاء بهترين سرمايو مهيا ڪري ڏنو آهي۔