• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان زندهه رهنداسين (ليلى خالد) سنڌي ترجمو : زيب سنڌي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ليلى خالد فلسطين جي انقلابي عورت اڳواڻ آهي۔ سندس آتم ڪٿا تي مشتمل هن ڪتاب ”اسين زندهه رهنداسين“ جو ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي۔ سنڌي ترجمو سنڌ جي ناليواري اديب محترم زيب سنڌي ڪيو آهي جيڪو اردو مان ترجمو ڪيل آهي۔ اردو ترجمو مشهور شاعره ڪشور ناهيد ڪيو آهي۔

ڪتابن جو نوس نوس ڪرڻ جي پراڻي عادت سبب، رستي ويندي،ڪراچيءَ ۾ ھڪ ڪتاب گھر اندر لنگھي ويس. پنھنجي ڌُن ۾ ڪتاب ڏسي رھيو ھوس، جو ليليٰ خالد جو نالو ڪَنِ پيم. (ليليٰ خالد! جنھن جي باري ۾ ننڍپڻ کان ھر خبر ڏاڍي ڌيان سان پڙھندو/ ٻڌندو ھوس. جنھن جي ھر تصوير ڏاڍي عقيدت ۽ محبت سان ڏسندو ھوس.)
ھڪ خريدار دڪاندار کان پڇي رھيو ھو، ”ليليٰ خالد اڃا زندھه آھي؟“

”ھا.“ دڪاندار چيو.

”پوءِ ڇڏينس. جڏھن مري ويئي، تڏھن پڙھنداسين.“ خريدار ھٿ ۾ جھليل ڪجھ ڪتابن مان ھڪ ڪتاب دڪاندار کي واپس ڏيڻ لاءِ وڌايو. پر دڪاندار کان اڳ، مون ھٿ وڌائي اھو ڪتاب کانئس ورتو.
ڏٺم، ليليٰ خالد جي آتم ڪھاڻي ھئي. چيم، ”جيڪڏھن اھڙا ماڻھو مري ويا، ته دنيا ۾ ڪجھ نه رھندو- ڪجھ به نه.“ ۽ مون اھو ڪتاب خريد ڪري ورتو. ڪتاب ايترو ته دلچسپ ۽ معلوماتي لڳو، جو مون ٽيھارو صفحا پڙھڻ کان پوءِ ئي ترجمي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ھيءُ ڪتاب مون اردوءَ تان ترجمو ڪيو آھي. جنھن لاءِ مان اردوءَ جي مترجم، اردوءَ جي مشھور شاعره ڪشور ناھيد جو ٿورائتو آھيان.

زيب سنڌي
4 سيپٽمبر 1983ع

هن ڪتاب جي اِي بوڪ ڪمپوزنگ محترم شاهنواز سومرو ڪئي آهي ۽ وائس آف سنڌ پاران انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايو ويو آهي۔

جواب: اسان زندهه رهنداسين (ليلى خالد) سنڌي ترجمو : زيب سنڌي

هي ڪتاب اسين ان دور ۾ پڙهيو هيو جڏهن پاڻ اڃان ڦوهه جواني ۾ حب الوطني جي جذبي تحت محترم سائين جي ايم سيد جي رهبري هيٺ ڪم ڪري رهيا هياسون، اهي ڏينهن هڪ ته جواني سبب اتساهيندڙ هئا، مٿان وري جي ايم سيد جهڙي شخصيت جو سايو سر تي هيو ۽ ٻيو ته ان وقت اڃان قومي ڪارڪنن ۾ سچائي موجود هئي ۔۔۔ انڪري جڏهن اهڙا ڪتاب پڙهندا هئاسون ته سيني ۾ غيرت ۽ بهادري ڀرجي ويندي هئي ۽ مٺ ۾ سگه اچي ويندي هئي ۔۔۔

پر اڄ، اهي ڪتاب پڙهي اکين مان ڳوڙها وهي نڪرن ٿا ۽ افسوس ٿئي ٿوته پنهنجي جواني به هلي وئي، محترم جي ايم سيد به هليو ويو ۽ قومي ڪارڪنن ۾ به اهي افعال ناهن رهيا ۽ قومي طور تي به اڳي کان وڌيڪ غلامي جا زنجير جڪڙبا وڃن ٿا ۽ قوم آهي جو سندس ڪنن تي جون به نٿي چري ۔۔۔ انهن حالتن ۾ قومي درد رکندڙ ماڻهون روئي اکيون آليون نه ڪندو ته ٻيو ڇا ڪري سگهندو۔۔۔۔

اتسهائيندڙ ڪتاب ۽ انقلابي جذبو اڀاريندڙ ڪتاب آهي ۔۔۔ سلام آهي انهن انسانن کي جي پنهنجي قوم خاطر پنهنجا سر قربان ڪيا ۽ تڪليفون برداشت ڪري مثال قائم ڪري ويا ۔۔۔ ليلا خالد پڻ اهڙي ئي حب الوطن عورت هئي جنهن پنهنجي قوم خاطر هر ڏکئي ڪم کي سر انجام ڪرڻ جو وچن ڪيو هو ۔۔۔

” جيڪڏهن ڪا قوم پنهنجي ملت ۽ پياري وطن خاطر حفاظت لا تيار ٿي وڃي ۽ کيس پنهنجي غلامي جو سچو احساس هجي ۽ هو غلامي جون سڀ عيش عشرتون ڇڏي ڏي، انجي بجا حريت ۽ عزت واري زندگي کي ترجيح ڏئي، ته پو ڪابه مشڪلات هن جي رستي جي رڪاوٽ ڪونه بڻبي ۽ ڪوبه ڪم هن لا مشڪل نه رهندو“
حوالو ابوالڪلام آزاد ” ڪتاب آزادي، مترجم نور محمد سنڌي
 
تمام حساس احساس!
الله سائين اسان کي سمجھ ڏئي، سائين وساڻ صاحب بهترين ڪتاب شيئر ڪرڻ لا ٿورا۔۔۔
 
Back
Top