لياقت نيشنل اسپتال جو اکين ڏٺو حال احوال

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ تسليم جاويد طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2011۔

  1. تسليم جاويد

    تسليم جاويد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2010
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسلام عليڪم


    اسلام عليڪم
    ڪالھ 14۔06۔2011 ٽائيم 30۔02 منجهند تي جيئن اسان اسپتال پهتاسين ڊيوٽي لا ڪٍجھ ماڻهون موٽرسائيڪلن تي منهن تي ٻٽ ٻڌي داخل ٿيا ۽ اچانڪ او پي ڊي بلاڪ ۾ انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني ڪجھ ئي منٽن ۾ پوري اسپتال تي قبضو ڪري کين يرغمال بڻايو ويو اسٽاف توڙي ڊاڪٽرس کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو مريض پريشان ڪجھ سمجھ ۾ نه پيو اچي ته هي ٿي ڇا رهيو آھي ايتري فائرنگ اسپتال ۾ اسان پهريون دفعو ڏٺي۔
    اهو معاملو تڏهن پيش آيو جڏهن اي اين پي جي ڪارڪن فدا ڪاڪڙ کي زخمي حالت ۾ اسپتال آندو ويو 3 ڪلاڪ فائرنگ هلندي رهي ڪوئي مينجمنٽ جو ماڻھون يا پوليس ڪوئي نظر ڪون ٿي آئي اسان کي وارڊ ۾ بند ڪيو ويو ۽ حڪم مليو ته وارڊ جا دروازا بند ڪيا وڃن ڪوئي ماڻھون کڙڪي کان نظر نه اچي ۽ نه ئي وري ٻاھر نڪرڻ جي غلطي ڪري 3 ڪلاڪن تائين اسين وارڊن ۾ بند رهياسين تقريبن 06 لڳي پوليس پهتي انهن سان ڳالھيون ڪيون پو ڪٍجھ حالات بهتر ٿيا
    اسپتال جون ڪيمرائون ڀڳيون ويون ڪنٽرول روم تي قبضو ڪيو ويو ڪيمرا سسٽم بلڪل بند ڪيو ويو عام ماڻھون پريشان۔
    اسپتال جون سڀنين ڪينٽين تي قبضو ڪري کين لٽيو ويو هڪ ڪينٽين واري روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته کين گولي هڻي زخمي ڪيو ويو

    اسان جا صحت ڏيندڙ ادارا به هاڻي محفوظ ناهن رهيا
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: لياقت نيشنل اسپتال جو اکين ڏٺو حال احوال

    محترم دوست تسليم الله اوهان کي پنهنجي امان ۾ رکيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الله جا ڪرم آهن

    مونکي جڏهن اها خبر پئي ته گهڻو پريشان هيس اوهان جو نمبر ڪونه هئو، ڇو ته مونکي خبر آهي ته اوهان جي به اتي ڊيوٽي آهي ۽ اوهان اسان جي مدد به ڪندا رهندا آهيو تنهنڪري سخت ڳڻتي هئي۔ ادا عمران درويش سومرو جن کي فون ڪري حال احوال ورتم ته پاڻ ٻڌاين ته هاڻي سڀ ڪجهه صحيح آهي ۽ خير ٿي ويو آهي۔

    اسان جي ادارن جي نااهلي ۽ سياسي پارٽين ۾ پيدا ٿيندڙ دهشتگرد ونگس جي ڪري ملڪ جا حالات وڌيڪ خراب نظر پيا اچن۔ ٻيو ته اسان جون فورسز ۽ حڪومتي ادارا نااهل ٿيندا پيا وڃن۔

    اوهان سلامت آهيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان لاء اها وڏي خوشيء جي ڳالهه آهي۔۔۔ توهان سميت سمورن سنڌين لاء دعائون جيڪي ٻين جي جهيڙي ۾ ڦاسجي ويا آهن۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: لياقت نيشنل اسپتال جو اکين ڏٺو حال احوال

    اوهانجي ان ڳالهه تي کل ٿي اچي ته هاڻ صحت جا ادارا به محفوظ ناهن، ڀلا ڪهڙا ادارا محفوظ آهن؟ سوال اهو آهي، جنازي نماز ۾ ماڻهون ماريا وڃن ٿا، مسجد، مندر، ڪليسا ۽ امام بارگاهه ۾ ماڻهون ماريا وڃن ٿا ۔۔۔۔ درگاهون ۽ فقيرن جا آستانا محفوظ ناهن ۔۔۔ فوج جا پنهنجا ادارا محفوظ ناهن، انسان جون دليون محفوظ ناهن ته باقي ڪهڙي شئي آهي جيڪا محفوظ آهي ۔۔۔؟؟؟؟؟؟

    سنڌ تي ڌاريا پاڻ ۾ طاقت جي حاصلات لا وڙهي رهيا آهن، سنڌ جي شهرن تي قبضن جي جنگ هلي رهي آهي، سنڌ جي سون ورني ڌرتي تي ڏاڊ مڙسي جي جنگ هلي رهي آهي، سنڌ جي مال ۽ سال تي قبضا ٿي رهيا آهن ۽ سنڌي ويچارا گگدام، الله جي ڳئون ۽ هٿيلي ڪُتي جيئان کل لڪائي ويٺا آهن ۽ مالڪن آڏو پڇ لوڏائي انهن جي هٿن ۾ موجود سڻڀي ٽڪر تي نظر رکي آسوند آهن ۔۔۔ شايد جابر قومن هاڻ سنڌين جي دلين تي به راڄ ڪرڻ شروع ڪيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌين اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن ۔۔۔۔

    انا لله وانا عليه راجعون
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: لياقت نيشنل اسپتال جو اکين ڏٺو حال احوال

    ادا تسليم جاويد ڀا

    هتي انڌير نگري وارو قصو آهي

    ڪٿان جي اي اين پي ڪٿي سنڌ ڪٿي وري سرعام فائرنگ

    الله رحم ڪري باقي حال پورا آهن

    الله تعالي توهان ڏي خيئر ڪيو


    شڪر الحمدالله

    توهان جو نمبر مون وٽ به ناهي نه ته توهان کي فون ڪري ئي خيئر خيريت پڇي وٺا هان

    سدائين گڏ
     
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: لياقت نيشنل اسپتال جو اکين ڏٺو حال احوال

    سائين توبه انسان انسان سان اهڙي ٿو پيو ڪري جو ڪتو ڪتي سان ڪري ته مري وڃي پر ڪتو ڪتي سان اهڙي ڪندو ئي ڪونه سائين الله اسان سسڀني ڏي خير ڪري هن ڌرتي تي جي يهودي اچي قابض ٿيا آهن الله انهن مان اسان جي جان ڇڏيئي ۔ پر سائين الله ڪيئن جان ڇڏائي اسان پاڻ ستا آهيون الله ان قوم جي ڪڏهن حالت ناهي بدلي جنهن قوم کي پنهنجي حالت بدلڻ جو خيال ناهي آيو۔ ڪوشش آهي ته ڪٿي هي ننڊ ستل قوم جاڳي پوي۔
    وسلام
     
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: لياقت نيشنل اسپتال جو اکين ڏٺو حال احوال

    ادا تسليم جاويد صاحب۔اسلام عليڪم ۔الله پاڪ جا لکين ڪرم ۽ مهربانيون آهن جو توهان کي ان واقع ۾ ڪا جسماني تڪليف نه پهتي۔سڄي ملڪ ۽ خصوصن ڪراچي شهر م دهشتگردي جا واقع تمام گهڻا وڌي ويا آهن ۔ڪو به ماڻهو محفوظ نه آهي۔ڪنهن کي به ان ڳاله جو يقين نه هوندا آهي ته هو شام يا رات جو ڪم تان گهر صحيحي سلامت پهچي به سگهندو يا نه۔ارباب اختيار پنهنجون ڪرسيون بچائڻ جي لاء ڪراچي جي شهر جيڪو هڪ وقت روشنين ۽ امن ۽ شانتيئ جو شهر هو،کي دهشتگردن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي جيڪا تمام خطرناڪ ڳاله آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو