"ممتا ۽ موت " ڪهاڻيڪار "عبدالرزاق ميمڻ"

'ڪهاڻيون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏16 جون 2011۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سين پهريون
    اسڪول مان اينديئي شمع پنهنجي ڪتابن جي بيگ، ڀرسان پيل ٽپائيءَ تي اُڇلائِي ۽ مُڙي ماءُ کي ڏٺو جنهن جي هٿ ۾ هڪ نيلو لفافو هو ۽ سندس هٿ ڏڪي رهيا هُئا، ماءُ خط پڙهندي اکين کي به ڦيرائي رهي هئي ۽ گڏوگڏ اکين مان به لُڙڪ ٽمي رهيا هُئس، چپن ۾ به ٿر ٿراهٽ هُئي۔ ماءُ کي پريشان ڏسي شمع به پريشان ٿي وئي، اسڪول مان اچي، ماءُ کي اسڪول جي سڄي ڏينهن جي ڪاروائي ٻُڌائڻ جي خواهش دم ٽوڙي چُڪي هُئي، هُن ماءُ جي پُٺ تي هت رکي پُڇيو " ڪنهن جو خط آهي امان؟،، " آپي رُقيه جو!" ماءُ وراڻيو " ڇا لکيو اٿس؟" ماءُ هڪ ٿڌو ساه کڻي آه ڀريندي پنهنجي ٻنهين اکين مان ٽمندڙ لُڙڪ اُگهيا، سندس ٻئي اکيون روئي روئي ڳاڙهيون ٿي چُڪيون هُيون، " تون ڪانه سمجهي سگهنديئن ڌيءَ!" پوءِ هُن خط کي ويڙهي بلائوز ۾ وڌو ۽ رڌڻ ڏانهن هلي وئي۔ (انٽر ڪٽ)
    سين ٻيو
    پنهنجي ڪمري ۾ اچي شمع اسڪول جي ڊريس تبديل ڪندي پاڻ کي ڪمري ۾ رکيل سنگهار ميز ۾ ڏسڻ لڳي ۽ پنهنجي جسم جي پوري وُجود کي ڏسندي جوان ٿيڻ جو احساس ڪري پاڻ ئي شرمائجي وئي ۽ شرم سان پنهنجون اکيون جهُڪائڻ لڳي ۽ پاڻ سان ڳالهائڻ لڳي " اونهه! مان ڪانه سمجهنديس!،، امان سمجهي ٿي ته اڃا آئون ٿڃ پيئندڙ ٻارڙي آهيان!" (انٽر ڪٽ)
    سين ٽيون
    "شمع! ڌيءَ ،، اچي ماني کاءُ،، ٿڌي ٿي ويندي" ماءُ سڌڻ لڳي ۽ هُوءَ آئني ۾ پاڻ تي هڪ نظر هڻندي اچي ٽپائي سامهون رکيل ڪُرسيءَ تي ويهي رهي۔ ماڻس مني رکڻ مهل سندس ڪتابن جي بيگ ٽپائي تان لاهي هيٺ رکي چُڪي هُئي ۽ هاڻ تپائيءَ تي ماني رکيل هُئي۔ "ڇو شمع؟ اڄ اسڪول ۾ ڪُجهه به نه ٿيو ڇا؟" ماءُ پنهنجي ڪُرسي ويجهي سرڪائي پُڇڻ لڳي۔ " ڇا به ٿيو! پر تُهنجي سمجهه ۾ ڪونه ايندو امان!" سمع مُنهن چڙائي جواب ڏنو۔ ماءُ جو غمزده چهرو هلڪي مُسڪراهٽ سان مُرڪڻ جهڙو ٿي پيو، شمع ماني کائيندي رهي ۽ ترسي ساھي مُنهن چڙيل آواز سان " ٻُڌاءَ ته امان؟ آخر خط ۾ ماسي رُقيه ڇا لکيو آهي"، شمع! آپا رُقيه جي طبيعت هاڻ صحيح نٿي رهي پُٽ!"، ڪوڙ! نسُوڙو ڪوڙ!،، پوءِ ان ۾ نه سمجهڻ واري ڪهڙي ڳاله هُئي امان؟"، " ڳالهه آهي!،، ڳالهه آهي! "، ڳالهه آهي ته سانڌاڻي پاڻ وٽ رکي ڇڏيو" شمع ناراض ٿيڻ واري انداز ۾ وري مُنهن موڙي چيو۔ شمع اُٿڻ لڳي ته نه چاهيند به ماءُ پنهنجي بلائز مان خط ڪڍي شمع جي حوالي ڪيو۔ هاڻ خط پڙهي يا نه، انهيءَ اُلجهن شمع کي خط پڙهڻ تي مائل ڪيو، خط کولي لفافو ٽپائي ءَ تي رکي پڙهڻ لڳي "اڄ سجاد جي وفات کي ٽي سال اچي ٿيا آهن، مان انهن ٽن مهنن ۾ اڄ به انهيءَ سچائيءَ کي قبول نه ڪري سگهي آهيان ته، آئنده هي جبل جيان زندگي مونکي سجاد کان سواءِ گُذارڻي پوندي۔ سچ پُڇ ته آئون هاڻ زنده رهڻ ئي نٿي چاهيان! ۽ رهان به ڪنهن جي لاءِ؟ آخر مُهنجي زنده رهڻ جو ڪو ڪارڻ به هُجي نه؟ جيڪو مُهنجي نه هُئڻ ڪري اڌورو رهجي ويندو۔ آئون هن وڇوڙي ۽ اڪيلائيءَ جو عذاب برداشت نٿي ڪري سگهان!" خط ويڙهي لفافي ۾ وجهي ماءُ طرف وڏائي ماءُ جي اُدس چهري کي تڪڻ لڳي جيڪا ڪنهن خيلن ۾ گُم ٿيل هُئي ۽ سندس اکين ۾بي يقينيءَ جي ڪيفيت ۽ پريشاني هُئي ۽ اُن ۾ رُقيه آپيء جو عڪس نمان جهلڪڻ لڳو۔
    سين چوٿون
    شمع پنهنجي ڪمري ۾ ليٽيل بيڪ گرائونڊ ۾ رُقيه جو عڪس "مان ماسي رُقيه کي ڪڏنهن به معاف نه ڪنديس! جڏنهن به ماسيءَ جو خط ايندو آهي امان هفتن جا هفت بيچين ٿي ويندي آهي " شمع کي خبر هُئي ته جي چاهي ته به هو ماسيءَ خلاف ماءُ کي ڪُجه به چئي نه سگهندي۔ ماسڙس سجاد جو موت هن جي اکين اڳيان اچيو ٿي ويو ائين محسوس پئي ٿيو ته ٽن سالن گُذرڻ جي با وُجود گهر جي ڪنهن ڪُڊ ڪُڙڇ ۾ سندس ماسڙ جولاش رکيل آهي ۽ شمع سمجهيو پئي ته سندس ماءُ جي پريشانيءَ جو سبب ئي ماسي رُقيه هُئي پر هُوءَ اها سخت سوچ ماءُ سان نٿي ونڊي سگهي۔ شمع کي هوم ورڪ ڪرڻ جو چئي ماءُ شُئيٽر بُڻڻ ۾ لڳي وئي، سلاين ۽ اُن جي وڙهي ۾ اُلجهي پنهنجي سوچن ۾ هلي وڃڻ ماءُ جي پُراڻي عادت مان هڪ هُئي، گهر ۾ پيل الاهي بُڻڻيل سوئيٽرن ۾ ماءُ جا به الائي ڪيترا ڏُک سُک بُڻجي چُڪا هُئا۔
    سين پنجون
    شام ٿيندي ئي جڏنهن ڪوئلن جي کاڻ جو سائرن وڄندو هو ته امان سڀئي ڪم ڇڏي پاسيرا ڪري ڇڏيندي هُئي، شمع به پنهنجا ڪتاب ۽ ڪاپيون ائوبتا سُبتا رکي هيٺ ڳوٺ ۾ ساهڙين سان راند رهڻ هلي ويندي هُئي، شام جا اهي ٻه ڪلاڪ شمع جي سڄي ڏينهن جي ڪرت جي جان هُئا، اُن وقت هو پاڻ کي قيد ۾ بندي بڻيل ڪنهن راجڪُماريءَ وانگر بنگلي جي ماحول کان نڪري پنهنجي هم عُمر وارن سان راند رهڻ ۾ مزو ايندو هو ۔ اُن ڏينهن به جڏنهن آسيه هر هر سڏجڻ باوجود کيڏڻ نه آئي ته سڀئي ٻار سندس گهر جي چوڌاري انتظار ۾ ويٺل هُئا ۽ کيس گهُرائڻ لاِءِ سندس درين تي سنهڙا پٿر هڻي کُڙڪو به ڪندا رهيا پر ڪو به فائدو نه ٿيو۔ هن جي ماءُ سلمه ٻه ٽي دفعا اڱڻ ۾ به آئي هُئي پر گوڙ ڪندڙ ٻارن کي ڀڄائي واپي اندر هلي وئي۔ ماڻس سلمه ٻُڌائي وئي هُئي ته اڄ آسيه راند رهڻ ڪانه ايندي ڇو جو اڄ سندن گهر ۾ ڪي مهمان اچڻا آهن ، پر ويچارا ٻار هُئا جو ڳاله سمجهيا ئي نه پئي ۽ آسيه سان راند رهڻ لاءِ بيتاب هُئا۔
    سين ڇهون
    رڌڻي مان نڪرندڙ دُهون ۽ هوا ۾ ڦهلجندڙ کائڻ پيئڻ جي شين جي خوشبوءِ، آخر ڪير هو اهو مهمان جنهنجي ميزباني لاءِ اتريون تياريون ٿيل هُيون، سلمه اُهو ئي گُلابي جوڙو پاتو هو جيڪو سندس ماءُ کيس 5 سال پهرين گوپ جي پئدائش تي ڇٽيءَ تي مُبارڪ ۾ ڏنو هو، فاڀمه، ڪنيز وهنجي سنهنجي تيار ويٺا هُئا، هُنن سڀني دروازن جي سوراخن مان جهتي پائي ڏٺو هو، هُنن ۾ هڪ اهڙو مهمان به هو جيڪو تيل ميٽ مهٽي گهڻو سجيل به هو ۽ سڀ سندس چوگرد ويٺا هُئا۔ ضرور اهو ڪو خاص مهمان هو جو صبح ساڻ ئي سلمه سمٿ جي ماءُ کان 500 رُپئه بطور قرض ورتا هُئا، جنهن کي شايد واپس ڪرڻ ۾ به آسيه کي سال لڳي سگهن ٿا۔ اڄ ته ضرور ان گهر ۾ گوشت ۽ باسمتي چانورن جو پُلاهه ٺهيو هوندو، جنهن سان مهمان جي خاطر تواضع تيڻي هُوندي۔
    سين ستون
    آسيه کان سوا شمع گهڻي اُداس هُئي اُن ڪري جو هوءِ سندس خاص ساهيڙي هُئي، پرائمري کان گڏ پڙهندي پئي آيون، اڄ شمع 8 درجي تائين پُهتي هُئي پر آسيه جي مائٽن سندس اسڪول وڃڻ بند ڪري ڇڏيو هو۔ اُن وقت تائين آسيه جو پيءُ سخي مستري جيئرو هو ۽ هاڻ اُن کي مُ۔ي به ذري گهٽ اچي ٽي سال ٿيا هُئا۔
    سين اٺون
    پورو سال کنگهندي، رت جو اُلٽيون ڪندي آمنه جو سينون تقريبا" ڇلجي چُڪو هو۔ اها بيماري وڌندي وڌندي ڳوٺ جي ٻن گهرن تائين پُهچي چُڪي هُئي، شايد اهو ئي سبب هو جو شمع جي ماءُ جو سخت حُڪم هو ته هُوءَ ڳوٺ جي ٻارڙن سان کيڏڻ ته وڃي سگهي پر اُنهن جي گهرن ۾ وڃي ڪا شي کائڻ ته ٺهيو پر اُنهن کي ڇُهي به نه۔
    سين نائون
    ماءُ راند رهڻ تي به پابندي هڻي پئي سگهي مجبوري اها هئي جو گهر ۾ شمع جو ڪو به هم عمر ٻار ڪونه هو جنهن سان هوءَ راند رهي۔ هن جو مُشغلو هو ته هوءَ مٿاهينءَ تي ٺهيل سرڪاري بنگلن جي چوواري جو ڦا ٽڪ ڦلانگي هيٺيئن علائقي ۾ رهندڙ پورهيتن جي گهرن ۾ وڃي جتي سندس ساهڙي آسيه رهندي هُئي۔غريبن جي گهرن ۽ بنگلن جي وچ واري فرق کي اورانگهي وڃڻ ۾ سندس ماءُ ۽ پيءُ جا قدم ته جواب ڏئي ويندا هُئا مگر شمع اهو فاصلو ڪنهن هرڻي جي ڇلانگ جيان لمحن ۾ طع ڪري وٺندي هُئي۔ غريبن جي گهرن جي قطار ۾ پهريون گهر به آسيه جو پوندو هو۔
    سين ڏهون
    اڄ جڏنهن شمع راند رهي واپس اچي رهي هُئي ته پنهنجن خيالن ۾ گم ٿيل هُئي ۽ گهر پُهچي ماءُ کان سوال ڪيائين ته "امان! ڇا آسيه جي ماءُ آسيه جي پيءُ مان خوش ڪونه هُئي ڇا؟" ۔ "نه،، ته،،! هُو ته ڏاڍو سُٺو انسان هو،، سلمه کي ته بيحد پيار ڪندو هو،، جيترو وقت جيئرو هو،، هُن کي ڪڏنهن به تڪليف نه ڏنئين" ۔ " پر ! تون اهڙا بي تُڪا ،، پنهنجي عُمر کان وڏا سوال ڇو پئي ڪرين؟۔ "امان!،، ڇا مالدار ۽ وڏا ماڻهو پاڻ کان غريبن کي گهڻو وڌيڪ پيار ڪندا آهن؟"،، ۔ "نه،، ته،،! پر اڄ تون اهڙن ڳالهين ۽ اهو اميرن غريبن جو گردان ڇو رٽيندي وڃين؟،، ۔ " امان ته پوءِ آنٽي سلمه آسيه جي پيءُ،، مستر خميسي جي مرڻ کان پوءِ ايترو خوش ڇو ٿي رهي؟ ،، هر وقت گوشت جو ٻوڙ ۽ چانور ڇو ٿي رڌي؟،، گاه ڪندي پنهنجي مُنهن،، سُريلا سُريلا گيت ڪيئن ٿي ڳائي؟"۔ "خوش نه رهي ته ٻيو ڇا ڪري؟،، هيتڙن ننڍڙن ننڍڙن ٻارن کي ڪيئن پالي وڏو ڪندي؟"۔ " هاڻ سمجه ۾ آيو امان!،، ته ماسي رُڪيه به ماسڙ سجاد لاءِ ساري عُمر ڪيئن روئي سگهي ها"۔" ۽ امان!،، مسيءَ وٽ ته وقت به گهڻو آهي،، پئسن جي کاڻ،، رُئڻ جي فُرست بج۔ پر آئون به ڇا ڪريان امان! مونکي ماسي رُڪيه الائي ڇو نٿي وڻي؟،، هو توکي ڇو ٿي اُداس ڪري؟" ماءُ جو چهرو اهو ٻُڌي هڪدم اُداس ٿي ويو، پنهنجي هٿن جي ڏڪڻيءَ کي روڪڻ لاءِ هن ڪُرسيءَ جي ٻانهن کي مضبوطيءَ سان جهلي ورتو ۽ شمع تڪڙو اُتي پنهنجي ڪمري ۾ اچي ويٺي ۽ اندان دروازي جو ڪُڍو بند ڪري ڇڏيائين۔ اڄ ٽنپهرن کان جنهن ڳاله سندس نڙيءَ ۾ چونڊڙيون پئي چُڀيون اها ماءُ سان اوري هُن پاڻ ۾ ڏاڍو سُڪون محسوس ڪري رهي هُئي پوءِ ڀلي پويان هن جي ڪيل ڳاله سان ماءُ پريشان ٿي رهي هُجي۔
    سين يارهون
    جهڙيءَ طرح مزارن، امام واڙن يا مدرسن جي چوگرد ميڙهو ٺهي آباديون يا ڳوٺ وسي ويندا آهن، اهڙيءَ ئي طرح هي واڙو يا ڳوٺ ڪوئلي جي کاڻ هُئڻ سبب اُتي جي پورهيتن اڏي ڇڏيو هو۔ هن واڙي جا مردن توڙي عورتونن جي اڪثريت هن کاڻ ۾ پورهو ڪندي هُئي۔ آس پاس جون زمين گهڻي ڀاڱي بنجر، سخت يا پٿريلي هيون ۽ زمينن جا ملڪ زميندار يا ڪڙمي به سڏبا هُئا پر هنن جو گذارن ڪوئلي جي کاڻ تي پورهو ڪرڻ سان ٿيندو هو۔ ڪي عورتون ته کاڻن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن، جن جي علهده رهائش مٿي بنگلن ۾ هُئي اُنهن جي گهر جو پورهيو به ڪبديون هُيون۔ ڪوئلو ٽرڪن جي ذريعي ٻاهر موڪليو ويندو هو ۽ ڪن پورهيت ڪندڙن جي ڇوڪرين جو ٽرڪ جي ڊرائيورن يا ڪلينرن سان ڪوئلو ڀريند آمهون سامهون ٿيندو هو ۽ ڳالهه ٻوله دوران هڪ ٻئي سان فري ٿي هلڪي ڦلڪي مذاق مشڪري به ڪري وٺنديون هُيون۔ هڪ دفعي ويڙهي جي هڪ پورهيت عورت سان ڪنهن ٽرڪ جي ڊرائيور سان پيار به ٿي پيو جيڪو پوء هتان کيس پرڻائي وٺي به ويو ۽ ٻيون مايون اهڙن رشتن تي رشڪ به ڪرڻ لڳنديون هُيون۔
    سين ٻارهون
    کاڻ ۾ ته شمع جي پيءُ جو عهدو ته الائي ڇا هو ۽ هو ڪيڏو وڏو آفيسر هو پر واڙي جا سڀئي ماڻهو کيس "صاحب،" ضاحب چئي پُڪاريندا هُئا ۽ اسڪول توڙي راند جي ميدانن تي شمع جو تعارف به "ضاحب جي ڌيءَ" طور ٿيندو هو۔ پورهيتتن ۽ ضاحب جي وچ ۾ حيٿيت جو فرق شمع کي ڪڏنهن ڏُک، ڪڏنهن سُک، ته ڪڏنهن پنهجائپ، ڪڏنهن پرائپ جو احساس ڏياريندو هو۔
    سين تيرهون
    رات جو ته ڪنهن خوشيءَ جي موقعن تي يا مهني جي پهرين تاريخن تي جڏنهن کين پگهار ملندو هو ته واڙي رات جو دير تائين مچ تي پورهيت عورتن، مردن ۽ ٻارڙن جو جشن هوندو هو ۽ ڪچهري لڳندي هُئي ، انهن ئي راتين ۾ شمع پنهنجي گهر جي ڪمري ۾ ٻاهر جو گوڙ ۽ گهمسان ٻُڌي تضور ۾ ڏسندي هُئي ته ٻار ميدان تي سُڪل ٻٻر جي ٽارين کي ٻاري مٺا مٺا گيت ڳائي رهيا آهن، ڳوڙن مان ٺهيل مٺايون کائي رهيا آهن ۽ پوءِ اُن وقت ئي سنس قدم گهر جو گيٽ اورانگهي ٻاهر آزاديءَ ۾ ٽپي وڃي پُچڻ لاءِ اڌومان کائيندو هو۔ جيئن هو عملي قدم کڻڻ لاءِ تياري وٺندي هُئي ته ماڻس ايندي هُئي فورن گهر جي بتي وسائي کيس سُمهڻ جو حُڪم ڏئي هلي ويند هُئي ۽ شمع جي تصور جا سمورا خيال چڪنا چُر ٿي پوندا هُئا ۽ ساري رات فضا ۾ ڦهليل لوڪ ڌنون چڙهائيءَ تي چڙهي سندس دريءَ جي شيشن تي هلڪيو هلڪيو آهستي تيز ۽ آهستي ٿيندڙ ٿپڪيون هڻنديون هُيون جيڪي سندس غنوديءَ جو سبب بڻبا هُئا، ڪڏنهن ته انهيءَ فضا ۾ بگهڙن جي ڇيخڻ جا آواز ٻُڌي هو ڊڄي پنهنجي بستر تي سُڪڙجي ڊپ ۾ به سُمهين رهندي هُئي۔

    هلندڙ
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: "ممتا ۽ موت " ڪهاڻيڪار "عبدالرزاق ميمڻ"

    ادا سٺي ونڊ آهي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو