حياتـي تــو بنا ڪـهــڙي۔۔۔۔سيال حيات

Asad Ali Siyal

سينيئر رڪن
حياتـي تــو بنا ڪـهــڙي

نڪــي منزل نڪــي راهــون ، حياتـي تــو بنا ڪـهــڙي
اکـيـون آتـيــون ، رڳــو آهـُون ، حياتـي تــو بنا ڪـهـــڙي

اســانـجــا پـيــر واريءَ تـي ، مـٿـان سـج بـــــاهه بــرســـائــي
ڪــٿـان آڻـيـان ٿـڌيـون ڇانئون ، حياتي تو بنا ڪهڙي

ڪکـاوان گهــر بڻـايـاسين ، کـنوڻ کي ڀي سُجهي کيچل
وسيـون بـرسـات ۾ بـاهـيـون ، حـيـاتــي تــو بنـا ڪهڙي

رٺي آ ڪاڪ راڻي کان ، رٺيون مومل سنديون مرڪون
ها ڻي ڪرهو ڪٿي ڪاهيون ، حياتي تو بنا ڪهڙي

رڳـو سـڏڪـن جـا سـرگم هِن ، رڳو اکـڙين ۾ آگم هـِن
پـيـا ٿـا پــاڻ کـي ڊاهـيــون ، حـيـاتـي تــو بـنــا ڪـهـڙي

ڪـٿي آن سـيـال جا ساٿي ، هلي چاهت جي نگريءَ ۾
وفـا جـي جهــوپـڙي ٺـاهيــون ، حـيـاتـي تـو بنا ڪهڙي

سيال حيات
 
جواب: حياتـي تــو بنا ڪـهــڙي۔۔۔۔سيال حيات

ڪکـاوان گهــر بڻـايـاسين ، کـنوڻ کي ڀي سُجهي کيچل
وسيـون بـرسـات ۾ بـاهـيـون ، حـيـاتــي تــو بنـا ڪهڙي

لاجواب شاعري جنهن جي هر سٽ مڪمل ۽ هر بند بهترين لفظن جو سٽاء آهي۔ اهڙي شاندار شاعريء تي حيات سيال کي واڌايون هجن۔

لاجواب ونڊ آهي
 
جواب: حياتـي تــو بنا ڪـهــڙي۔۔۔۔سيال حيات

مهرباني سائين۔۔۔ لک لائق۔۔۔۔۔!
 
جواب: حياتـي تــو بنا ڪـهــڙي۔۔۔۔سيال حيات

واھ سائين واھ ادا سيال صاحب جو ڪو ڪتاب شايع ٿيل آهي
 
جواب: حياتـي تــو بنا ڪـهــڙي۔۔۔۔سيال حيات

نه ادا سائين۔۔۔۔ سائين سيال حيات جن جو ڪو ڪتاب شايع نه ٿيل آهي۔۔۔!
 
Back
Top