Asad Ali Siyal
سينيئر رڪن
حياتـي تــو بنا ڪـهــڙي
نڪــي منزل نڪــي راهــون ، حياتـي تــو بنا ڪـهــڙي
اکـيـون آتـيــون ، رڳــو آهـُون ، حياتـي تــو بنا ڪـهـــڙي
اســانـجــا پـيــر واريءَ تـي ، مـٿـان سـج بـــــاهه بــرســـائــي
ڪــٿـان آڻـيـان ٿـڌيـون ڇانئون ، حياتي تو بنا ڪهڙي
ڪکـاوان گهــر بڻـايـاسين ، کـنوڻ کي ڀي سُجهي کيچل
وسيـون بـرسـات ۾ بـاهـيـون ، حـيـاتــي تــو بنـا ڪهڙي
رٺي آ ڪاڪ راڻي کان ، رٺيون مومل سنديون مرڪون
ها ڻي ڪرهو ڪٿي ڪاهيون ، حياتي تو بنا ڪهڙي
رڳـو سـڏڪـن جـا سـرگم هِن ، رڳو اکـڙين ۾ آگم هـِن
پـيـا ٿـا پــاڻ کـي ڊاهـيــون ، حـيـاتـي تــو بـنــا ڪـهـڙي
ڪـٿي آن سـيـال جا ساٿي ، هلي چاهت جي نگريءَ ۾
وفـا جـي جهــوپـڙي ٺـاهيــون ، حـيـاتـي تـو بنا ڪهڙي
سيال حيات