ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
مولا علي عليه السلام جي ولادتِ با سعادت
مظهر العجائب جي هڪ معنيٰ هي به ٿي سگهي ٿي.
معزرت سان نوڪري جي سلسلي ۾ مولا جي ولادت جي حوالي سان ڪو نزرانو پيش نه ڪري سگهيس. پر آءُ پهريان به اهي عريضا ڪري چڪو آهيان ته هي هستيون ڏينهن يا وقت جي قيد جون ناهن . هر وقت انهن جو آهي جيئين شاھ عبدالطيف عليه رحمه فرمايو آهي يا هججي پرين وٽ يا ڪجي پرين پچار
انهن ٻنهي کان ڌار شل قادر نه ڪنهن کي ڪر.
هي اسان جي خوشنصيبي آهي جو اسان هنن جو زڪر ٿا ڪريون هنن جي پرچار ته ملائڪه عرشن تي ڪندا آهن خدا پنهنجي فرشتن و بندگانِ خاص سان ڪندو آهي. هو ته بي نياز خدا جا بي نياز بندا آهن. منهنجي موضوع جو متن آهي مظهر العجائب جو هڪ هي پهلو يا هڪ معنيٰ هي به ٿي سگهي ٿي. اسان پنهنجي ڪنهن به تحرير و تحقيق کي اهو نه ٿا چئي سگهون ته هي تحرير يا تحقيق ڪو حرف آخر آهي . ڪلامِ الاهي يا الهامِ الاهي جا ڪئي پهلو ٿي سگهن ٿا. يا انسان جن سير و سلوڪ جون منزلون ڏٺيون هونديون آهن انهن جي ڪالم ۾ پڻ ڪئي معنائون هونديون آهن. انهن رازن کي هڪ اهو صحيح سمجهي سگهي ٿو جنهن سان ڪلام يا الحام ٿيو آهي يا اهو سمجهي جيڪو انهن رازن جو رازدان هجي. جي اسان ڪا ڳالھ ٻڌي ان مان ڪو مطلب اخذ ڪريون ليڪن وارثِ ڪلام ان کان انڪار ڪري ته ان ڪلام جي ڪا حيثيت باقي نه رهندي. اسحاق قندي جو واقعو اوهان جي ذهنن ۾ موجود هوندو.
بحرحال مون جنهن موضوع کي کنيو آهي مون اهو موضوع انسان ڪامل ڪتاب جيڪا استاد مرتضِيٰ مطهري شهيد جي لکيل آهي کان متاثر ٿي کنيو آهي ڪوشش ڪندس ته پنهنجي موضوع کي احسن طريقي سان اوهان تائين پهچايان ليڪن پوءِ به جي ڪا غلطي سرزد ٿئي ته مون طالبعلم جي اصلاح ڪندا ۽ آءُ هميشه اوهانجي اصلاح جو متمني رهيو آهيان اميد ته حسبِ معمول نوازش ڪندا رهندا.
سائين هي انسان جنهن جي ظاهري يا طبعي تخليق هڪ ڪمال ٿي رکي جنهن ۾ ڪنهن کي ڪو شق ڪونهي. پر هن انسان جي وجود سان جنهن جي ڪري هن وجود کي انساني وجود سڏيو ٿو وڃي يعني جي هن تي غور ڪجي ته هن وجود جي قيمت هن مٽي جي ڪري ناهي ڇوجو اها مٽي جنهن مان قائنات جون ڪيتريون ئي شيون خلق ٿيل آهن مثال، هن مان جي جانور پيدا ٿيل آهن انهن کي جانور يا حيوان وغيره سان ڇو سڏيو ويندو آهي . جڏهن ته هي ظاهري وجود انسان توڙي جانور جوٿوري گهڻِ تبديلي کان سواءِ ساڳيو آهي، شايد انسان کي هن جسم جي ڪري معاشرتي حيوان پڻ سڏيو ويندو آهي. اوهان هن کي معاشرتي حيوان جنهن کي سائنسي اصطلاح ۾ سڏيو ويو آهي پر هن کي جانور چئي نه ٿا سگهو. ڇو جو جانور جنهن جي معنيٰٰ اسان جي معاشري ۾ وحشي نا سمجھ بي عقل درندو وغيرالغرض جيتري صفتن جا جانور هوندا آهن ايترن نالن جي معناعن ۾ اوهان ان کي وٺي سگهو ٿا ته انسان جيڪو معاشرتي حيوان هوندي به پنهنجي لاءِ لفظ جانور کي پسند نه ٿو ڪر ي ان جي وجھ هن جسم جي اندر هڪ زيور آهي جنهن کي انسان چيو ويندو آهي، جڏهن انسان ان زيور کي استعمال ڪندو آهي ته ان جي صفت انسانيت هوندي آهي يعني انسانيت هن جسم جو نالو ناهي بلڪ ان زيور جي آهي جنهنجو استعمال هن صفت سان هن وجود کي مالامال ٿو ڪري . جيئن علامه اقبال جو شعر آهي
اس پيڪرِ خاڪي ۾ اڪ شي هي سو تيري
ميري ليئي مشڪل هي اسا ڪي نگهباني
پوءِهي انسان هن معاشري ۾ انسان جڏهن سٺن اوصافن جو مالڪ هوندو آهي ته ان کي ملائڪه جي منزل سان به تعبير ڪيو ويدو آهي ته هي انسان ته فرشته صفت انسان آهي پر هتي مونکي علامه اقبال جو هڪ شعرياد پيو اچي علامه اقبال ايتري تائين جو چوي ٿوميري ليئي مشڪل هي اسا ڪي نگهباني
فرشته ڪهلاني سي ميري توحين هوتي هي
مين مسجودِ ملائڪه هون مجهي انسان هي رهني دو
يا وري ٻئي مقام تي علامه صاحب چوي ٿومين مسجودِ ملائڪه هون مجهي انسان هي رهني دو
فرشتون سي افضل هي آدمي ڪا مقام
ليڪن اس ۾ لگتي هي محنت زياده
اهڙي طرح سان اسان جي معاشري ۾ اوگڻيون صفتون به تشبيهات جي زبان به ڳالهائيون وينديون آهن. ڇو ان جي به هڪ وجه آهي اسان جي معاشري ۾ اوهان ڏسندو ته ماڻهن کي حيوانن جي نالن سان سڏيندا آهن ان جي وجه اها هوندي آهي جو انهن ۾ حيواني صفتون به هونديون آهن. اتي هڪ امام زين لعابدين جو هڪ واقعو جيڪو پاڻ پنهنجي هڪ صحابي جي اسرار تي ان کي اعجازِ امامت سان ڏيکاريائون ليڪن اس ۾ لگتي هي محنت زياده
مولا امام زين العابدين جو هڪ صحابي ٿو چوي ته آءُ هر سال امام سان گڏ مديني کان حج جي فريضي لاءِويندو هيس. هڪ سال آءُ امام سان جڏهن رعرفات جي ميدان ۾ پهتس ته مون ڏٺو حاجين جو تمام وڏو انگ آيل هيو مون امام کي چيو مولا هن سال ته تمام گهڻا حاجي آيل آهن جڏهن اسان عرفات جي ميدان جي وچ ۾ پهتاسين ته مون وري چيو مولا ائين ٿو لڳي ڄڻ ته ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو آهي . مولا جن فرمايو ته هتي شور ڪرڻ وارا گهڻا آهن حج ڪرڻ وارا ٿورا آهن . امام جي هي ڳالھمنهنجي سمجھ ۾ نه آئي امام منهنجي پريشاني کي ڏسي امام پنهنجيون ٻه آنڱريون بلند ڪيون ۽ مونکي انهن ۾ ڏسڻ جوڳ حڪم فرمايو، مون جو ڏٺو ته ڪعبي جو طواف جاور ئي جانور پيا ڪن انسان ڪو ڪو هو عنقريب آءُ بيهوش ٿيڻ وارو هيس ته امام پنهنجيون آڱريون هيٺ ڪيون مون امام کان دريافت ڪيو ته امام عه فرمايو ته هي هنن ماڻهن جو باطن آهي هي ماڻهون هتي ته آيا پر هنن پنهنجي باطن کي ٺيڪ نه ڪيو. ان موضوع کي انشاءِ الله حج جي موضوع ۾ مڪمل ڪنداسين. جيئن چوندا آهيون ته هي ته ڪو نانگ آهي نانگ هي، بحرحال اوهان سڀ ڄاڻو ٿا ان جي پٺيان ڪهڙا اسباب هوندا آهن. جڏهن وجود ۾ موجود انسان ان جي تعميري صفتون وڌنديون آهن ته فرشتا ان جي واکاڻ ڪندا آهن فرشتا ان کي ان منزل ڏانهن سفر ڪندو ڏسندا آهن جنهن منزل جي انتها قربت الاهي يا خلافت الاهي هوندي آهي. ٻيو انسان تنزلي جو سفر هوندو آهي جڏهن هيظلتن جي گهاٽين ۾ ڪرندو آهي ته فرشتا هن تي لعنت ڪندا آهن. ۽ هي جهنم جي کاهين جو راهي هوندو آهي. آءُ ان جي قطع نظر انسان جو احسن تقويم وارو سفر ۽ انسان جي اسفلسٰفلين وارو سفر جنهن جي لاءِ هڪ نه پر ڪئي قسط وار مضمون لکي سگهجن ٿا ڏانهن نه ٿو وڃڻ چاهيان سرف حضرت علي عه جي والدت جي حوالي سان ته جيڪو سندن لقب آهي مظهر العجائب پنهنجي موضوع کي اختتام پزير ڪرڻ ٿو گهران.
انسان جي ذات ۾ انسان جي بلندي و پستي ٻنهي جو علم پروردگار ودعيت ڪري ڇڏيو اهي. نه فقط ان کي انسان جي اندر ودعيت ڪري ڇڏيو آهي پر ان کي سمجهائڻ لاءِ دنيا عملي نمونا پڻ ڪرائي پڻ ڏنا آهن پنهنجي انبياءِ جي زريعي پنهنجي اولياءِ جي زريعي. يقين رکو ته انبياءِ دنيا تي اهي ڪم ڪيا آهن جيڪي انسان ڪري سگهي ٿو انبياءِ دنيا تي ڪو اهڙو ڪم ناهي ڪيو جنهنکي انسان نه ٿو ڪري سگهي انبياءِ جي حقيقت ان کان انتهائي افضل آهي جهڙا هو نظر ايندا آهن.
انبياءِ جي زريعي سان جيڪو سفر انسان کي سمجهائڻ جو سلسلو پروردگار شروع ڪيو هو ، ليڪن ياد رهي نه انبياءِ نه والياءِ نه آئمه عيلهم السلام ڪي جبري معصوم هيا . هي اختياري معصوم ها ڇو جو مون پهريان عرض ڪيو آهي ته ڪو اهڙو ڪم نبياءِ عليهم السلام دنيا تي ناهي ڪيو جيڪو انسان نه ٿو ڪري سگهي جي اهي هستيون جبري معصوم آهن ته هي نظريو بلڪل غلظ ٿي ويندو ته انبياءِ اولياءِ آئمه انسان هدايت لاءِ آيا ها.نه قرآن جي هي آيت هجي ها ته توهان جي لاءِ پاڻ صلعم جي زندگي بهترين عملي نمونو آهي. بحرحال انسان جو جيڪو سفر آدم عليه اسلام کان شروع ٿيو سو حضرت خاتم النبي صلعم تي اختتام پزير ٿيو.
انسان جيڪو هڪ ئي وقت ڪيترين محاظن جو محآفظ پڻ آهي يا نان جو هڪ ئي وقت ڪيترن ئي طرفن ڏانهن سفر جاري رهي ٿو ان کي هر محاظ جو سفر ڪرڻو آهي پر دنيا جي تجربن مان اهو ثابت ٿيو آهي ته هڪ انسان جنهن ۾ اگر ڪا هڪ صفت گهڻي هوندي آهي ته ان جي مخالف صفت گهٽ هوندي آهي. جيئن دنيا جي سائڪولوجسٽن جو تجزيو آهي ته جيڪو انسان سخي هوندو اهو ايترو عادل نه هوندو جيڪو شخص رحم پسند هوندو اهو ايترو بهادر نه هوندو، بهترين جرنيل، سياستدان نه ٿو ٿي سگهي يعني سپھ سالار سياستدان نه ٿو ٿي سگهي ، ڇو جو هي متضاد صفتون آهن اهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي صفتون آهن جيڪي ڪنهن هڪ وجود ۾ ڪمال نه ٿيون رکي سگهن. انهن صفتن جو ڪنهن هڪ وجود ۾ سمائجي وڃڻ عجيب آهي . ليڪن قائنات ۾ اهي صفتون علي عه جي ذات ۾ ڪمال تي نظر ٿيون اچن. جي توهان مولا علي عه جي ذات ۾ ڏسندو ته اوهان کي نظر ايندو ته رحم ڪرم، جود و سخا عدالت، شجاعت ، سپھ سالاري ، سياست ، وغير جيڪي به انساني صفتون آهن سي سڀ جون سڀ علي عه جي ذات ۾ اوهان کي ڪمال تي نظر اينديون. ڪا صفت اڌوري ناهي هر صفت ڪمال تي آهي ڪئي مثالون آهن جن کي هتي ثبوت طور پيش ڪري سگهجي ٿو ليڪن هتي ثبوت لاءِ صرف حضور اڪر۾ صلعم جي هڪ حديث پيش ڪندس .
پاڻ صلعم فرمائين ٿا جنهن کي آدم جي صفت ڏسڻي هجي، جنهن کي نوح عه جي نجات ڏسڻي هجي جنهن کي ابراهيم جي خلت ڏسڻي هجي جنهن کي موسيٰ جي هيبت ڏسڻي هجي جنهن کي عيسيٰ عه جو دم و درود ڏسڻو هجي الغرض هڪ لک چوويھ هزار انبيا مان اوهان کي جنهن به نبي کي ڏسڻو هجي منهنجي ڀاءُ علي جي صورت ۾ اوهان ڏسو اوهان کي سڀ جا سڀ انبياءِ هڪ علي جي صورت ۾ نظر ايندا . يعني هر نبي جي صفت علي جي ذات ۾ آهي.
ڇا مطلب مطلب ته اهي سڀ صفتون جن حضرت آدم عه جي دور کان تعميري سفر شروع ڪيو سو حضرت علي عه جي ذات تي مڪمل ٿي ويو. دنيا جي اندر ڪن ٻن صفتن جو گڏ ٿيڻ عجيب ڳالھ آهي پر علي عه جي ذات ۾ تمام انساني صفتون ڪمال تي پهتيون ان لاءِ سندن لقب مظهر العجائب آهي. هي عجيب مظهر آهي ته هڪ شخص جڏهن ميدانِ جنگ ۾ آهي ته ڪو انجي مقابل ڪونهي پر اهو ئي شخص جڏهن دشمن جي سيني تي سوار آهي دشمن ان جي شان ۾ گستاخي ڪري ته ان جو پنهنجي اعصابن تي ايترو ته ڪنٽرول آهي جو ان جي سيني تان لهي ٿو وڃي دشمن ٿو چوي ته مون سمجهيو هاڻي تون مونکي جلدي قتل ڪندي مون اها بدتميزي ڪئي ئي ان لاءِ هئي . ته حضرت علي عه جن فرمايو منهنجو ڪنهن کي قتل ڪرڻ، منهنجو ڪنهن کي ڇڏي ڏيڻ فقط ذاتِ الاهي لاءِ هوندو آهي. جنهن وقت تون منهنجي هيٺان هئين ان وقت تون فقط الله جو دشمن هيئين پر هاڻي جڏهن تو مونسان گستاخي ڪئي آهي ته ان ۾ منهنجي نفس جو ذاتي غصو شامل آهي. مون تو کي هن وقت ڇڏيو ان لاءِ آهي ته جئين تنهنجو قتل منهنجي نفس جي غصي جي ڪري نه ٿئي ، ڇو جو آءُ ڪنهن کي ذاتي غصي جي بنياد تي قتل ناهيان ڪندو. ته انسان جو پنهنجي اعصابن تي ايترو ڪنٽرول جيڪو دشمن جي سيني تي سوار آهي بهادر به آهي دشمن زير به آهي پرپوءِ به ان جو پنهنجي اعصابن تي ايترو تلسط آهي ۽ اهو به فقط ذآتِ الاهي جي رضا جي لاءِ جو هو پنهنجي مقصد کا زرو به اڳتي پوئتي نه ٿو ٿئي. مولا جون ڪهڙيون صفتون لکي لکجن هر صفت سندن ذات ۾ ڪامل ٿي علم . شجاعت ، سخاوت ، عدل، رحم ، ڪرم ، حياءِ ، غيرت، وغيره سڀ جون سڀ جيڪي اسان معاشري ۾ متضاد صفتون سمجهندا آهيون سي سڀ صفتون سندن ذات ۾ يڪجاءِ ڪمال تي پهتيون ان کي ئي ته مظهرالعجاعب يعني انهن صفتن جو ڪنهن هڪ وجود ۾ ڪمال تهي پهچڻ عجيب آهي ان لاءِ کين مظهر العجائب سڏيو ويندو آهي. اسان سالڪن کان ائين سمجهيو آهي .
وسلام.