www,syedah.com
الله تعالي جي پاڪ گھر ۾ 13 رجب المرجب تي اميرالمومنين علي عليه السلام جي ولادت ٿي ڪعبه جي اندر حضرت علي عليه السلام کان پهريان ۽ نه وري بعد ۾ ڪنهن جي ولادت ٿي آهي نه ٿيندي(شيعن جي ڪتابن کان علاوه اهلسنت جي ڪتابن ۾ اها ڳالھ ذڪر ٿيل آهي ته امير المومنين عليه السلام جي ولادت ڪعبه ۾ ٿي آهي ) هتي اسان فقط اهلسنت جي انهن ڪتابن جا نالا ذڪر ڪيون ٿا جن اهوتذڪروموجود آهي
(تذکرة الخواص، ص 7؛ الفصول المهمة، ص 14؛ مروج الذهب، ج 2، ص 2؛ نورالابصار، ص 76؛ کفایة الطالب، ص 37؛ نزهة المجالس، ج 2، ص 204)
حضرت فاطمه بنت اسد جو ڪعبي ۾ اچڻ
جمعي جي رات 13 رجب تي حضرت فاطمه بنت اسد حضرت ابوطالب عليه السلام جي گھر واري درد جواحساس ڪيو (ٻار اچڻ جو وقت ٿي ويو هو) جڏهن حضرت ابوطالب عليه السلام چاهيو ته قريش جي ڪجھ عورتن کي حضرت فاطمه بنت اسد جي مدد لاءِ گڏ ڪري ته ان وقت اوچتو گھر جي هڪ ڪنڊ مان آواز آيو ” اي ابو طالب ڪجھ دير صبر ڪر ته جيئن ڪنهن عام انسان جي هٿن تي خدا جي ولي جي ولادت نه ٿئي “
ان ڏينهن صبح جو حضرت فاطمه بنت اسد هڪ آواز ٻڌو ” اي فاطمه منهنجي گھر جي طرف اچ“ان وقت بيبي پاڻ کي ڏکي طرح مسجد الحرام تائين پهچايو حضرت عباس بن عبدالمطلب ڪجھ ماڻهن سان گڏ مسجد الحرام ۾ ويٺا هئا
انهن ڏٺو ته بيبي مسجد الحرام ۾ داخل ٿي ۽ ڪعبي جي سامهون بيهي آسمان جي طرف نگاھ ڪري هي جملا ارشاد فرمايا
(اي منهنجا پروردگار مان توتي ۽ تنهنجي موڪليل نبين تي ،آسماني ڪتابن تي جيڪي تنهنجي طرف کان نازل ٿيل آهن ايمان رکان ٿي ) پنهنجي جد حضرت ابراهيم خليل الله جي تصديق ڪيان ٿي انهي حضرت ابراهيم جي جنهن هن گھر جي تعمير ڪئي تو کي قسم ٿي ڏيان ۽ سوال ٿي ڪريان جنهن هن گھر کي ٺاهيو۽ ان جي صدقي هن ٻار جوواسطو ٿي ڏيان جيڪو منهجي پيٽ ۾ مون سان ڳالهيون ڪندو آهي ۽ يقين آهي ته تنهنجي نشانين مان هڪ نشاني آهي ان جي ولادت کي مون لاءِ آسان فرماءِ
(امالی شیخ طوسی، ص 1511؛ بحارالانوار، ج 35، ص 36)
ايتري ۾ مسجد الحرام ۾ويٺل ماڻهن هڪ عجيب منظر ڏٺو ته ڪعبي جي پوئين طرف واري ديوار کي اوچتو ڏار پوڻ شروع ٿيو ۽ بيبي فاطمه بنت اسد ڪعبي جي اندر داخل ٿي وئي ٻاهر بيٺل ماڻهن گھڻي ڪوشش ڪئي ته ڪعبي جي دروازي جو تالو کوليو وڃي ليڪن ڪنهن کان به تالو نه کليو ان مان سمجھي ويا ته ان ڳالھ ۾ ڪو خدا جو راز آهي
حضرت فاطمه بنت اسد جن فرمائن ٿيون ته ” جنهن وقت مان ڪعبي ۾ داخل ٿيس ته ڏٺم بي بي حوا،بي بي ساره،بي بي آسيا ۽ حضرت عيسي جي والده بيبي مريم جن موجود هيون انهن مونکي سلام ڪيو منهنجي سامهون ويٺيون ۽ منهنجي مدد ڪيائون
(روضة الواعظین، ص 78؛ بحارالانوار، ج 35، ص 13)
شيعن جي پهرئين امام جن جي ولادت جمعي جي ڏينهن 13 رجب المرجب تي ٿي جيئن ئي مولاجن جي آمد ٿي ته مولا سڀ کان پهرين سجدي ۾ سر رکيو ۽ خدا جي وحدانيت نبي جي نبوت ۽ پنهنجي امامت(ولايت) جي گواهي ڏنائين ان وقت جنت مان آيل بيبين کي مولا سلام ڪيو ۽ هر هڪ سان ڪلام ڪيائين پوءِ الله جي پاڪ نبين سان همڪلام ٿيو انهن نبين ۾ حضرت آدم،حضرت نوح،حضرت ابراهيم،حضرت موسي ،حضرت عيسي، شامل هيا۽ انهن نبين مولا جن کي هن ريت سلام ڪيو ” اي ولي خدا اي خليفه الله توتي درود ۽سلام هجي، مولا علي عليه السلام انهن جي جواب ۾ فرمايو ” توهان تي به سلام ۽ رحمت خدا هجي؛ پوءِ ملائڪ آيا هن پاڪ مولود کي آسمانن ڏانهن کڻي ويا، وري هيٺ کڻي آيا وري آسمانن تي کڻي ويا جڏهن واپس کڻي آيا ته مولا جن کي هڪ بهترين جنتي اڇو لباس پاتل هو ۽ بيبي کي چيائون هن کي نظر بد کان محفوظ رکجان هي تمام ڪائنات جو ولي آهي ڪير به جنت ۾ نه جيسيتائين هن جي ولايت جو اقرار نه ڪري۽ هن جي امامت کي نه مڃي خوش نصيب آهن اهي انسان جيڪي هن سان محبت ڪن ٿا ۽ بدبخت آهن اهي جيڪي هن سان بغض رکن ٿا هن جي مثال حضرت نوح جي ٻيڙي وانگر آهي جيڪو ان ۾ سوار ٿيو اهو بچي ويو جنهن هن کان منهن موڙيو اهو ٻڏي(غرق) ٿي ويو
(علی ولید الکعبة، ص 32)
حضرت علي عليه السلام پاڪ پيغمبر جي هنج ۾
حضرت فاطمه بنت اسد ٽن ڏينهن جي مهماني کان بعد پنهنجي فرزند کي کڻي ٻاهر نڪتي ته غيب مان هڪ آواز آيو اي فاطمه هن ٻار جو نالو (علي) رکجان ڇو جو مان علي جو خدا اعلي آهيان مان چاهيان ٿو هن جو نالو منهنجي نالي مان ورتل هجي هن کي ادب سيکاريو اٿم ۽ پنهنجي مرضين کي هن جي حوالي ڪيو اٿم
(معانی الاخبار، ص 62؛ بحارالانوار، ج 35، ص 9)
ولادت جي چوٿين ڏينهن به انتظار ڪرڻ وارن جون اکيون ڪعبي ۾ کتل هيون جو هڪ مرتبه ٻيهر ڇا ڏسن ساڳي جڳھ کان وري ڪعبي جي ڀت (ديوار) کي ڏار پيو بيبي فاطمه بنت اسد جن پنهنجي ٻار سان گڏ ٻاهر آئي
نبي اڪرم ۽ حضرت ابوطالب اڳتي وڌي استقبال ڪيو حضرت علي عليه السلام کي پنهنجي هنج ۾ کنيو ان وقت حضرت جن پنهنجي اکين کي کوليو نبي اڪرم جي چهري مبارڪ جي زيارت ڪيائون ۽ مسڪرائي عرض ڪيائون «السلام عليک و رحمة الله و برکاته» ان وقت پاڪ نبي جواب ڏنو مولا جي سڄي ڪن ۾ آذان۽ کٻي ڪن ۾ اقامت چيائون ان وقت مولا نبي اڪرم کان اجازت وٺي ڪجھ آيتوصحف ابراهيم مان ڪجھ صحف آدم مان ڪجھ صحف نوح مان تلاوت ڪيائون ۽ قرآن مجيد مان سورت مومنون جي تلاوت ڪيائون جڏهن ته ان وقت قرآن نازل ئي نه ٿيو هيو
(مناقب آل ابی طالب ج 2، ص 173؛ بحارالانوار، ج 35، ص 18)