• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

امن ۾ ڍڪيل موت

سنگينن جي ڇانوري ۾ ماريو ويو انسان
هرڪو آ حيران سائين هرڪ آ حيران
چيخون پڪارون ڪيڏيون ڪيائين
ڪين ٻڌيون بيمان هرڪو آ حيران
تڙپي تڙپي ساھ ڏنائين
ڪنهن نه ڪيو درمان هرڪو آ حيران
بي وس باندي بي وس ڪانڌي
ڄڻ هو هو حيوان هرڪو آ حيران
امن ڪرائڻ وارا قاتل
الله ڏي پو امان هرڪو آ حيران
 
جواب: امن ۾ ڍڪيل موت

سائين مٺڙا، اوهان جنهن واقعي کان متاثر ٿي هي نظم لکيو آهي، بيشڪ ان واقعي سان هر حساس انسان رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿو ۔۔۔

انڌير ننگري جا انڌا رکوالا ۔۔۔ انڪري ئي ته اسانجي ڏاهن هن انڌير ننگري کان جان ڇڏائڻ جا فڪر ڏنا آهن

اهڙو ٺلهو ٿانءُ ڀنڃي ڇون ڀورا ڪجي
 
جواب: امن ۾ ڍڪيل موت

ادا نثار توهانجي مهربان موضوع سمجهي ويا هي واقعاتي شاعري اوهان ۽ سڀن دوستن لاء جيڪي سوچن منجه ساغر آهن لوچن ۾ لالاڻ آهن ۔۔۔۔۔۔
 
جواب: امن ۾ ڍڪيل موت

سنگينن جي ڇانوري ۾ ماريو ويو انسان
هرڪو آ حيران سائين هرڪ آ حيران
چيخون پڪارون ڪيڏيون ڪيائين
ڪين ٻڌيون بيمان هرڪو آ حيران

ڪاش انسانيت ۽ انسان جو قدر سکن۔۔۔۔۔۔۔۔ اهي ڌريون اهو ڏينهن به ياد رکن ته ساڻن جي اهڙو حشر ٿئي يا سندن ٻچڙي سان ايئن ٿئي ته پوء۔۔۔۔۔۔

پر اسان جو ضمير مرده ٿي چڪو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top