نه رهي باقي۔۔۔سيال حيات

Asad Ali Siyal

سينيئر رڪن
نه رهي باقي

ڪر دير نه ايڏي جو محفل نه رهي باقي
ڌڙڪن نه رهي باقي ۽ دل نه رهي باقي

ڳوڙهن م جو شامل ٿي ڳاڙهاڻ نه آئين تون
ڳوڙها ته سڪي ويا پرهو ڳل نه رهي باقي

هو ويو ته اجاڙي ويو هڪ باغ وفائن جو
خوشبوءِ نه رهي جڏهن ۽ گل نه رهي باقي

اڳ۾ ئي مان اڻ تارو ۽ ڇولين ڇوهه وڏو
ڪشتي به وڃي ڪن ، ساحل نه رهي باقي

ديوانن جيان دردر تون پڇندو وتين پيارا
پر سيال حيات اهو پاڳل نه رهي باقي
سيال حيات
 
جواب: نه رهي باقي۔۔۔سيال حيات

تمام بهترين شاعري

مان اوهان کي عرض ڪندس ته سندس شاعريء کي ڪمپوز ڪري اِي بوڪ جي صورت ڏيو جيئن انٽرنيٽ ايڊيشن جي صورت ۾ سنڌ سلامت تان دوستن سان ونڊ ڪجي۔
 
Back
Top