حسن جو موت به عجب هو...
ڇرڪائيندڙ، لڱ ڏڪائيندڙ، ڏُکارو ڪندڙ ۽ نيٺ دهشت زده ڪري ڇڏيندڙ....
آڌي رات گرهڻ جي... اڪيلي اونداهي ۽ تنهن ويلي ويران سڙڪ تي هن پنهنجي پويان رڳي شاعري ئي نه پر رت جي وهندڙ ندي به ڇڏي هئي.
سندس ٻيلي، سندس سنگي ساٿي، راتين جي خمارن جا، ٽپهري جي رولاڪي جا... سندس دل جي نهايت قريب رهندڙ سندس گهڻگهرا، سندس دوست نيٺ سندس موت جي کٽولي کي ڪلهو ڏيئي، کيس مٽي منجهه مٽي ڪري آيا... رڳو ڳوڙهن، اکين جي آب ئي نه سندن لٽا حسن جي پويان وهندڙ رت جي ندي جي خون سان پڻ آلا هئا... خون جا ڇنڊا، سڀني جي دامن تي صاف چِٽا هئا.
سڀني کي روڄ ۾ ڄڻ گهرو چهڪ، سڀني کي هانءُ ۾ ڄڻ اونهو چڪ سڄي سنڌ جي ڄڻ ته اک آلي... سڄي سنڌ جو ڄڻڪه روح ڀاري. هو جيڪي موت جي کٽولي ۾ کيس مشائخ هوٿي تائين توڙ پُڄائي آيا، انهن لاءِ حسن جو موت عجب رومانس کڻي آيو هو... ڪنهن کيس گهوڙي جي ٽاپولي سان ٿي ڀيٽيو، ڪنهن کيس هوا جي جهوٽي جي تشبيهه ۾ ٿي ماپيو... ڪير کيس موت جو شهزادو ليکي سندس موت کي ڀيٽا ڏيندو رهيو... حسن جي شاعري ۽ ان جي محرڪن تي انتهائي گهٽ پر هيترن ڏينهن ۾ جنهن به مٿس لکيو، سندس لائف اسٽائل سان عاشقي واري انداز ۾ ٿي لکيو... هن جي رولاڪي کي حُسناڪي سان ڀيٽيو ويو... هن جي زندگي جي بي ترتيبي کي ئي ڄڻ سندس شاعري جو ترتيبي عنصر ڪوٺيو ويو....
روز جي حساب سان، کيس هن وقت تائين لکين نظرن، هزارين هنجن ۽ لکين لڙڪن جي ڀيٽا ملي به چڪي.
هيءُ نادان/داناءُ دوستن جو سوڙهو ڪندڙ، زندگي مختصر ڪندڙ پيار هو يا هيءُ آهستگي سان موت ڏي سفر هو.... ڇا حسن جو موت حادثو هو يا اهو موت جو اُهو سفر پُرپيچ ۽ خوبصورت رستو هو، جنهن تي پنهنجي سٿ سميت هو ڳچ عرصي کان روان دوان هو... حسن جو موت سنڌي ادب جو ڪو رومانٽڪ الميو هو يا اڻ ڀرجندڙ خال ۽ ناقابل برداشت سانحو...
هي نادان/داناءَ دوست سندس موت کي رومانٽڪ الميي سان ڀيٽيندا رهيا....
پر سندس موت، جنهن ڇرڪايو، ڏکارو ڪيو... هاڻ اُن موت واري سانحي تي ڏک نه پر ڪاوڙ ۽ غصو اچڻ لڳو آهي. ائين تڪڙو وڃبو آهي؟؟ جوان موت واري اوندهناڪ الميي ۽ تڪڙي موت کي شاعراڻي ارپنا ۽ دغابازي واري شاعري هاڻ بند ٿيڻ کپي. سچ پڇو ته حسن جو موت ڏاڍو ڳرو ۽ ارم جا ڪُلها اهو بار کڻڻ کان گهڻا نازڪ آهن...
شاعر جي زندگي سان اها ڪمهلي موت واري مسخري بند ٿيڻ کپي. رڳو سندس دل جي قريب ۽ رات رهاڻين جي دوستن ئي نه پر سڄي سنڌ پاران حسن جي موت تي وهايل ڳوڙهن جو مُلهه، اُن رت ڦوهاري جو ڪڏهن به بدل نٿو ٿي سگهي، جيڪو موت کان ڪي ڪلاڪ ڌاران به ڊاڪٽر بند ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويا هئا.
حسن جي دل مان نڪتل اِن رت ڦوهاري ۾.... سندس جگر جي قريب سڀني دوستن کي خون آلود ته ڪيو ئي... پر اهو شايد ڪنهن نه ڏٺو ته اُن رات جي گرهڻ ادي ماهتاب جي گهر کي ڪيئن گهيرو ڪيو. هوءَ هڏين مُٺ ارم، نازڪ ڪُلهن تي حسن جي ڪمهلي موت جو ڳرو بار کڻي، حسن سان ماهتاب جي گهر ڇا پهتي هئي... ڳچ وقت کان... وقت جي گهيري ۾ آيل ادي ماهتاب جي گهراڻي ۾ اُها رت جي ندي لهي پئي هئي. ادي ماهتاب جي گهر ڀاتين جي دل ۾ ڪرندڙ ڳوڙها سچ به خون آلود هئا...
ادي ماهتاب جي هنن گهر ڀاتين وٽ اهو موت نه شاعراڻو هو، نه رومينٽڪ هو ۽ نه ئي شايد حادثو هو... دل جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ اِهو اُلڪو، اِهو خوف، اِها دهشت، اها گرهڻ رات ارم وٽ اڳ ئي شايد ساريل... شايد ڪٿي روحل جي روح ۾، ادي ماهتاب جي اندر ۾ ڄڻڪ سڀ ڪٿيل... قدرت ڪي ٻه ٽي ڀيرا حسن، ارم جي امانت ارم کي صحيح سلامت موٽائي هئي... ارم ڪنهن ڀيري ته حسن جي مٿي ۾ لڳل شيشن جا ٽُڪر پاڻ ٿي چونڊيا ۽ پئي ٻه اڌ ٿي... ارم ۾ ڪنهن حادثي جي سهپ نه هئي.... خوف سندس لڱن ۾، سندس ساهن ۾... ساهه جي ’ارم‘ بمشڪل بحال ڪري سگهي هئي.... ها، پر هن حادثي ارم کي ساهه کڻڻ نه ڏنو... حسن ته سدا شاعري ۾ جيئرو موت کي شڪست ڏيندڙ... غور ڪري ڏسو ته هن حادثي ۾ ارم مري ويئي هئي....
حسن پنهنجي دوستن جي ڪانڌپي ۾ آيل... هجومن ۾ کٽولو کڄيل... پر ’ارم‘ اڪيلي ئي پنهنجي ارٿي پاڻ کڻي حسن سان مشائخ هوٿي هلي آئي هئي...
حسن جي جاءِ ٺهي هئي کليل آسمان هيٺ، پاسن ۾ وڻن ڇانوَ به، ته ڪويل ڪوڪ به... پر ڪُتبو لڳل....
پر ’ارم‘ ماهتاب جو چنڊ، بنا ڪتبي جي، اڌ جان، روح اُڏامي ويل بيجان ڌڙ... ان ڪنڊ ۾ جتي نه ڪو روشني جو گذر هو ۽ نه ڪنهن هوا جو ڪو رُخ... مون پهرين ڏينهن ئي غور سان ڏٺو... ته دراصل حسن نه موت ته ارم کي ماري ويو... اِن حادثي جو شڪار حسن نه پر شايد ارم هئي... هاڻ ڏک نه... مون کي اُن جوان موت تي غصو اچڻ شروع ٿيو هو. جوان موت هاڻ شاعراڻي تشبيهه جيتري خوبصورت نه هئي... اِن ۾ مون لاءِ ڪا تشبيهه نه پر ائين ڄڻ قبر جي رات...جتي شاعري نه ڪو خواب....
تور تڪيل.... ڪٿيل ۽ ڪنهن خوف جيان اڳ ئي گهر ڪري ويل... ارم لاءِ، ادي ماهتاب جي گهراڻي لاءِ هيءُ ڪو به خوبصورت حادثو نه هو... ها پر حسن جو اهو ساٿ جيڪو حسن جي موت کي رومانس جي غلاف ۾ ويڙهي خوبصورت، حسين ۽ قابل رشڪ بنائڻ لاءِ ڪوشان آهي، اُهو ساٿ جيڪو سندس لائف اسٽائل کي اعلى، اُتم بڻائي قابل قبول صورت ڏيڻ ٿو چاهي. دراصل اُن ساٿ ئي سنڌ ۾ رومانس جو اهو ڪوهيئڙو طاري ڪيو آهي، جنهن ۾ حادثو اوس آهي، جنهن ۾ موت يقيني آهي جنهن ۾ سنڌ جي تخليق جو، ڏات جو ۽ سنڌ جي سداحيات سونهن جو خون شعوري آهي....
ان ڪوهيئڙي ۾ هو نماشام کانپوءِ شروع ٿيل سانجهي ۾، رات جي گلاسن ۾ هو آهستي آهستي موت اوتين ٿا. سُرڪ سُرڪ ڪري سنڌ جي ساڃاهه کي، سونهن کي ۽ ڏات کي هو موت پيارين ٿا...
هو تخليق جي نالي ۾ شاعري جو رستو کوٽو ڪندڙ...
هو بحث جي نالي ۾ ڄڻ ته گارگند جي ڍير تي ويٺل...
هو ... دوستي جي نالي ۾ ڄڻ زندگي سان دغا ڪندڙ...
هو سچ پچ ته بي ترتيبي جي رومانس ۾ زندگي جي ترتيب کي هيٺ مٿي ڪري، زندگي جي رڌم کي ڦٽائيندڙ...
رڳو حيدرآباد ڇو....سچ پڇو ته سنڌ جي ڏات ڌڻين جو هيءُ پنهنجي پاڻ سان دشمني وارو خودساخته رومانس آهي.
آڌي جي پياڪن جي واپسي تي سندن گهر ونيون ئي نه پر سچ پڇو ته ڏات جي ڏيهه جون، سنڌ جي ساهه جون سموريون رڳون سوڙهيون ٿينديون هونديون ته موت جي ڏائڻ، کين آڌي جي سفر مان ڪيئن کنڀي کڻندي.
هيءَ دوستي نه... هيءَ پنهنجي جيءَ سان، پنهنجي ڏات سان دشمني آهي.
سچ ته سنڌ جا سڄڻ آڌي جو، پياڪن جي واپسي، هي زندگي ڏانهن غير سنجيدگيءَ جي بي ترتيبي، هيءُ رومانس، سنڌ جي ڏات، شاعري، تخليق جي ٽارگيٽ ڪلنگ واري واٽ هئي ۽ ان واٽ تي هلندي حسن جي ساٿين اهڙي ئي رومانس وارو خنجر سندس سيني ۾ لاٿو هو، پر اِن لائف اسٽائل جي رومانس ۾ ويڙهيل خنجر جو سنڌ ۾ نه حسن پهريون ۽ نه ئي سندس آخري شڪار آهي. ان ئي لائف اسٽائل جو سماجي ساراهه وارو رويو آهي، جيڪو ڳپل وقت کان سنڌ جي ڏات ۽ سونهن کي ٽارگيٽ ڪلنگ واري سفاڪ قاتل جيان نشانو بنائي بيٺو آهي.
مون کي پتو ناهي ته ڇو ان ٽارگيٽ ڪلنگ جهڙي رويي کي ان وقت به غلط نه سمجهيو ويو، ان وقت به ان رويي کي guilt ۽ روح تي شرمندگي جو ڳڻ نه سمجهيو هو، جڏهن ڪنهن اهڙي ئي سياهه رات ۾ سنڌ جو عجيب کاهوڙي، لاکيڻو اي جي چانڊيو پريس ڪلب ۾ ان شام جي گلاسن واري دؤر جي وٺ وٺان ۾ زندگيءَ کان هارائي ويو هو.
دوست ته دوستن جا ڪُلها ٿيندا آهن، هي ڪانڌپي تي راضي ڇو ٿيا هئا، هي ڪهڙا دوست هئا... مون سمجهيو هو ته اي جي چانڊئي وارو اهو اويلو موت سندن سيني ۾ ايڏو درد ڪندو جو هو شام جي پيالي سان زندگي جي رس سان رهاڻ ته ضرور ڪندا پر اُن کي موت جي سوڙهي پيچري بنائڻ کان ضرور ڇرڪندا. جڏهن به جنهن پل سندن گلاس زندگي جي معنى کي وڃائڻ لڳندا، تڏهن اي جي چانڊئي جي پريس ڪلب جي ڏاڪڻ تي پيل زندگي لاءِ پُڪار... کين زندگي ڏانهن واپس ورائيندي موت جي بي معنويت تي سوچڻ تي مجبور ڪندي.
پر ائين نه ٿيو هو. اِن ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار عزيز پلي به ٿيو ته ياسر ڪاڇيلو به انهن شامن جو شڪار ٿيو.
ناز کان پڇو... هُن جڏهن پونم تي اسر ويل هن چنڊ حسن جي جسم کي ڀاڪر وجهي اسپتال لاءِ ٻي گاڏي ۾ منتقل ڪيو، تڏهن کيس ان دوست جو بار ڪيئن ڪائنات جو سڀ کان ڳرو بار لڳو هوندو... دوست جي جوان موت جو بار آخر ڪهڙو ڪافر کڻي سگهندو هو.
سنڌ ۾ گهوڙن، ڳجهن ۽ مورن جي جيوت جي بچاءَ لاءِ ته پاڻ وٽ پراجيڪٽ هئا پر پاڻ سنڌ جي هنن ڏات ڌڻين جي نسل جي بقا جو هُنر ڄاڻي نه سگهياسين. ڳجهون، گهوڙا ۽ مور بچائيندي پاڻ حسن جهڙا شاعر ڏات ڌڻي مرڻ ڏنا... پاڻ هُن جا ڪُلها نه ٿياسين، ڪُلهي ڪانڌي ٿياسين. ان بيترتيبي جي تال تي، ان رولاڪي، ان زندگي کي سنجيدگي سان نه وٺڻ واري رويي جي سماجي ساراهه هڪ حسن نه ماريو، هن ڪيتري وقت کان هڪ هڪ ڪري پي نشانو چٽيو آهي ۽ پوءِ سرعام... سڙڪ تي اسان حسن کي به ماري ڇڏيو، جوان عمري ۾، سندس سموري شاعري جو باب بند ڪندڙ اِهو موت مون لاءِ سچ پڇو ته حُسناڪ نه پر ڪربناڪ آهي، دهشتناڪ آهي، لڱ ڏڪائيندڙ آهي... مون وٽ ان موت لاءِ ڪائي به محبت نه... اَٿاهه نفرت، ان خلاف ڪروڌ ۽ غصو ڀريل آهي.
amarsindhu@yahoo.com
(سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ۾ حسن درس تي پڙهيل تاثر)