واه واه بجلي !!!!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ muhammad طرفان آندل موضوعَ ‏17 جون 2011۔

  1. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    هر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ بجلي غائب!

    حسين آباد ۾ لوڊشيڊنگ ته جاري آهي، پر اها به اهڙي جو هر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ بجلي غائب ٿي وڃي ٿي. لائين لاسز جا يونٽ پورا ڪرڻ لاءِ حيسڪو لطيف آباد ڀٽائي فيڊر پاران هٿ ٺوڪي لوڊشيڊنگ ڪري حسين آباد جي رهواسين کي آزار ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پڇڻ تي ٻڌايو وڃي ٿو ته فيڊر مان اوور لوڊ هئڻ جي ڪري سسٽم ٽرپ ٿي وڃي ٿو. بجلي نه هجڻ باوجود هر مهيني ڳرا بل جاري ڪيا وڃن ٿا. بجلي جي هٿرادو پيدا ڪيل ان بحران سبب حسين آباد جا رهواسي واٽر سپلاءِ جي پاڻيءَ کان محروم آهن. بجليءَ جي اکٻوٽ دوران ماڻهن جي بجليءَ جو سامان ٽي وي، پکا، ڪمپيوٽرز، فرج وغيره سڙي ويا آهن. شڪايت ڪرڻ جي باوجود اعليٰ عملدارن پاران ڪابه موٽ نه ملي آهي. اسان پاڻي ۽ بجليءَ جي وفاقي وزير کي اپيل ٿا ڪريون ته ان مسئلي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ حسين آباد جي رهواسين جي بجليءَ جي لوڊشيڊنگ مان جان ڇڏائي وڃي.

    امتياز احمد لاشاري/حسين آباد (حيدرآباد)
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: واه واه بجلي !!!!!

    سائين سڄي سنڌ ان آزار ۾ ورتي پئي آهي

    آخر دانهن ڪنهن کي ڏيجي

    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: واه واه بجلي !!!!!

    ڪجهه نه ٿيو آهي ۽ نه وري ڪجهه ٿيڻ جا ڪي آثار نظر اچن ٿا ۔۔۔

    اسانکي ڇا هيٺيان قدم کڻڻ گهرجن؟

    1۔ ملڪ ڇڏي ڀڄي وڃجي؟
    2۔ جيئن آهي ان تي صبر ڪري ويهي رهجي؟
    3۔ ان خلاف ڀرپور تحرڪ پئدا ڪري انقلاب آڻجي؟
    4۔ ٻين چورن جيئان چوريون ڪري، رشوتون کائي۔ حرام جو پئسو گڏ ڪري سهولتون حاصل ڪجن جهڙوڪ جنريٽر، يو پي ايس ۽ مختلف طريقن سان گهڻا ڪنڪيشن هڻائي وغيره وغيره ۽ آرام وٺجي ۔۔۔؟

    فيصلو اسانکي ئي ڪرڻو آهي، ڇا ڪجي جيڪا سنگت جي صلاح ۔۔۔ اسين پنهنجن پيرن تي پاڻ ئي ڪهاڙا هڻي پٽيون ڪرڻ جي پويان هوندا آهيون، هاڻ وري اليڪشن ويجها ٿيندا وڃن، ووٽ به اسين انهنکي ئي ڏينداسون ۔۔۔ پي پي پي، مسلم ليگ ۽ ٻيا ڌاڙيل پڻ ميدان ۾ هوندا ۔۔۔ اسين مجبور ماڻهون ووٽ به انهنکي ئي ڏيڻا آهن ۔۔۔ ڏينداسون حاضر ۔۔۔۔

    جهڙي قوم، تهڙا حڪمران ۽ اهڙا ئي عمل ٿيندا، سوس بئنڪ ۾ هن وقت به پاڪستاني سياستدانن ۽ مٿئين طبقي جي ڪجهه ماڻهن جا 18000 ارب روپيا صرف ڪيش پئي آهي، اهو ايترو انگ آهي جو پاڪستان خوشحال ٿي وڃي، پر ائين نه ٿيو آهي ۽ نه ٿيندو ...؟؟؟؟؟

    ٿوريو لکيو گهڻو سمجهندا
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: واه واه بجلي !!!!!

    سائين توهان جي ڳالهين ۾ وڏو وزن آهي وڏو دم آهي

    بلڪل ڪافي ڳالهيون آهن جيڪي اسانکي پاڻ کي سڌيون ڪرڻيون آهن پر ڪنداسين نه

    ڪو هڪ ماڻهو ائين نه ٿو ڪري سگهي اسان سڀني کي پنهنجون سوچون تبديل ڪرڻيون پونديون

    فلحال مان ايترو چئي سگهان ٿو ته الله انهنکي ماري پڇا ضرور ڪندن

    سدائين گڏ
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: واه واه بجلي !!!!!

    جيڪا قوم پنهجي حقن جي لاء آواز نٿي اٿاري ان سان ائين ٿيڻ گهرجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ائين لڳي پيو ڄڻ هڪ معزور قوم آهيون

    اسان سان ائين ٿيڻ گهرجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جهڙي ملڪي صورتحال آهي ان لاء ته ڪنهن انقلاب جي ضرورت آهي نه بجلي نه پاڻي، نه گيس نه تيل مهنگائي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي ماڻهون بک ء بدحاليء جي ڪري خودڪشي ڪري رهيا آهن، انصاف نالي ڪاشي ئي ڪانه آهي۔۔۔۔۔۔۔ ء حڪمرانن جا دورا ختم ڪون ٿا ٿين جو عوام لاء سوچين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ساء نثار جو مشورو ته هن ملڪ مان ڀڄي وڃجي، ڪون ڀڄنداسين اسانجي جي چپن تي چپ جو تالو ء قدمن ۾ زنجيرون لڳل آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو