هر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ بجلي غائب!
حسين آباد ۾ لوڊشيڊنگ ته جاري آهي، پر اها به اهڙي جو هر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ بجلي غائب ٿي وڃي ٿي. لائين لاسز جا يونٽ پورا ڪرڻ لاءِ حيسڪو لطيف آباد ڀٽائي فيڊر پاران هٿ ٺوڪي لوڊشيڊنگ ڪري حسين آباد جي رهواسين کي آزار ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پڇڻ تي ٻڌايو وڃي ٿو ته فيڊر مان اوور لوڊ هئڻ جي ڪري سسٽم ٽرپ ٿي وڃي ٿو. بجلي نه هجڻ باوجود هر مهيني ڳرا بل جاري ڪيا وڃن ٿا. بجلي جي هٿرادو پيدا ڪيل ان بحران سبب حسين آباد جا رهواسي واٽر سپلاءِ جي پاڻيءَ کان محروم آهن. بجليءَ جي اکٻوٽ دوران ماڻهن جي بجليءَ جو سامان ٽي وي، پکا، ڪمپيوٽرز، فرج وغيره سڙي ويا آهن. شڪايت ڪرڻ جي باوجود اعليٰ عملدارن پاران ڪابه موٽ نه ملي آهي. اسان پاڻي ۽ بجليءَ جي وفاقي وزير کي اپيل ٿا ڪريون ته ان مسئلي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ حسين آباد جي رهواسين جي بجليءَ جي لوڊشيڊنگ مان جان ڇڏائي وڃي.
امتياز احمد لاشاري/حسين آباد (حيدرآباد)