وساري نه ڇڏجو - شاعري (ادل سومرو)

'شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ادل سومري جي خوبصورت شاعريء جو هي ڪتاب ” وساري نه ڇڏجو“ سندس چونڊ شاعريء تي مشتمل آهي۔ ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم عبداللطيف انصاريء جي ڪاوشن جو نتيجو آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت سٽي سکر پاران اِي بوڪ ايڊيشن انٽرنيٽ تي متعارف ڪيل آهي۔

     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    محترم دوست سليمان وساڻ صاحب جي هميشه اهيا ڪوشش رهي آهي ته سنڌ سلامت جي هن سيڪشن جي وسيلي سنڌي ادب جا گهڻي مان گهڻا ڪتاب دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ ويٺل دوستن تائين پهچائجن۔ ۽ الحمدالله وساڻ صاحب ان ڪوشش ۾ سٺو ڪامياب ويو آهي، ۽ دعا آهي رب پاڪ کيس پنهنجي ذاتي زندگي ۽ هن علمي ادبي زندگي ۾ آسانيون پيدا ڪري ته جئين سنڌي ٻولي ۽ ادب جي سهڻي نموني خدمت ڪري سگهن۔۔۔۔۔۔۔
    دنيا هر ٻولي ۾ ادب جي ميدان ۾ هميشه ٻه صنفون رهيون آهن هڪ نثر ٻيو نظم،۽ شاعري نظم واري سيڪشن جو حصو آهي، تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي شاعريءَ جي شروعات عربن جي دؤر ۾ ٿي، پر ڪجهه عالمن جو اهو پڻ رايو آهي ته سنڌي شاعريءَ جي ابتدا سومرن جي دؤر ۾ ٿي.روايتن موجب اهو جملو هيئن آهي؛ "اره اصره ڪڪرا. ڪي ڪره مندره" هن جملي بابت چيو وڃي ٿو ته ڪو سنڌي مائهو بغداد ويو ۽ اتي يحيى بن برمڪيءَ جي روبرو اهو جملو پڙهيائين. انهي جملي جي معنى هن ريت ٻڌائي وڃي ٿي. "جڏهن اسان وٽ نيڪين جو ٿئي ٿو ته ان وقت تنهنجو ئي نالو ورتو ويندو آهي". هن جملي بابت ڪيترن ئي ماهرن جا تحقيقي مقالا ڇپجي چڪا آهن ۽ اڪثر ماهرن جي اها راءِ آهي ته اهو جملو ڪنهن افريقي ٻولي جو آهي. جيڪو حضرت بلال رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ چيو هيو. بحر حال جيڪڌهن هن جملي کي سنڌي ڪري به مڃجي تڏهن هن دؤر کي "سنڌي ادب جو دؤر" نٿو چئي سگهجي. سنڌي ادب جي باقائده شروعات سومرن جي دؤر ۾ ٿي جنهن کي "سنڌي ادب جو اوائلي دؤر" به سڏيو وڃي ٿو.۽ ان دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌي زبان جا بهترين شاعر پيدا ٿيندا رهيا آهن، ۽ پنهنجي شاعري جي ذريعي هن عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪندا رهيا آهن،۽ انهن شاعرن جي صف مان اسان جي سنڌي ٻولي جا محسن سائين ادل سومرو صاحب هڪ آهن۔ادل سومرو صاحب جو اصلي نالو عبدالڪريم سومرو آهي، سندس والد جو نالو محمد سالح سومرو آهي۔ ادل سومرو جو جنم سنڌ جي تاريخي شهر سکر ۾ ٿيو، سندس پيدائش جي تاريخ 15 آگسٽ 1955ع آهي۔
    ادل سومرو صاحب سنڌي ادب ۾ لکڻ جي شروعات سال 1971ع کان ڪئي، ۽ اڄ ڏينهن تائين تمام سهڻو لکندا پيا اچن۔ تعليم جي حساب سان پاڻ ايم اي سنڌي ۽ ايم اي اقتصاديات آهن، پاڻ تعليم جي شعبي سان وابسته رهيا ۽ پنهنجون خدمتون خيرپور ميرس ۾ شاهه لطيف يونيورٽي ۾ ڏيندا رهيا آهن۔
    سنڌي ادب سان دلچسپي جي نتيجي ۾ پاڻ 1999ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري پڻ ورتائون۔ سندس مقالي جو عنوان هو۔ سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۽ ڪردار۔
    محترم سائين ادل سومرو صاحب جو هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ بهترين واڌارو آهي، هن ڪتاب کي جنهن برقي لباس پارايو آهي اهو آهي اسان جو دوست محترم عبداللطيف انصاري صاحب، جنهن سان ڪنهن ڪم جي رهنمائي جي حساب سان ٻه چار دفعا فون تي سلام دعا پڻ ٿئي آهي، ۽ رهنمائي جي حساب سان تمام سٺي موٽ ڏنائون۔ جنهن لاء مان اڄ به ٿورائتو آهيان۔

    ڊاڪٽر عبدالڪريم (ادل سومرو) جو مختصر تعارف خاڪو

    پورونالو ۔۔ عبدالڪريم
    پيءُ جو نالو۔۔۔۔ محمد صالح
    ادبي نالو ۔۔۔ادل سومرو
    ذات ۔۔۔۔سومرو
    ڄم جي تاريخ ۔۔۔۔ 15 آگسٽ 1955ع
    ادبي سٿ ۾ شموليت ۔۔۔ 1971ع کان
    ڪرت/ڌنڌو/نوڪري۔۔۔۔۔ يونيورسٽي ٽيچر (چيئر مين سنڌي شعبو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ)
    سرگرميون ۔۔۔۔ لکڻ پڙهڻ ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو وٺڻ
    پسنديده شاعر/اديب ۔۔۔۔۔شاهه عبداللطيف، شيخ اياز، تنوير عباسي، غالب، پير حسام الدين راشدي، ڪاڪو، ڀيرومل، آغا سليم، امر جليل
    پسند جو ڪتاب ۔۔۔۔ شاهه جو رسالو
    پسند جو شعر ۔۔۔۔جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي، اچي اوطاقان مون پرين پري ڪيو. (شاهه)
    پسنديده صنف ۔۔۔۔۔ وائي، بيت، غزل، آتم ڪهاڻي
    پنهنجو پهريون شعر ۔۔۔۔۔ ”ماءُ بنا ٻار جو نظم“ هلال پاڪستان 1969ع
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ڊاڪٽر عبدالڪريم (ادل سومرو) جا ڇپيل۽ اڻڇپيل ڪتاب
    1984 وليون وڻ ڦلارئا (شاعري)
    1991 اسين مسافر پيار جا (نثر)
    1994 سمنڊ جاڳي ٿو (شاعري)
    2004 وساري نه ڇڏجو (شاعري)
    1977 روز ٽڙن رابيل (ٻارن لاءِ شاعري)
    1979 چنڊ پشم گولو (ٻارن لاءِ شاعري)
    1979 آچر جا احوال (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)
    1983 پتلين جو تماشو (ٻارن لاءِ شاعري)
    1984 جيتن جي ڪانفرنس (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)
    1990 نئين دؤر جا نوان سبق (ٻارن لاءِ ڪالم)
    2006 مٽيءَ جا رانديڪا (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)
    1981 سنڌالاجي ۽ ساميءَ جا مٽ (سگا مرڪز) مرتب
    1991 سنگت ڪهاڻي نمبر (مرتب)
    1993 سنگت شاعري نمبر (مرتب)
    1994 سنگت ڪارڪردگي نمبر (مرتب)
    رنگ برنگي ڦوڪڻا (ٻارن لاءِ شاعري) سنڌالاجي ڄامشورو (مرتب)
    1997 ٻارن لاءِ چونڊ ڪهاڻيون ـ اڪيڊمي آف ليٽرز اسلام آباد (مرتب)
    1997 ٻارن لاءِ گيت (سگا روشن تارا اسڪول لاءِ) (مرتب)
    2000 سرمست (خيرپور) مرتب
    2002 سنگت ڪهاڻيون (مرتب)
    نيروليءَ جو خواب (مضمون ۽ خاڪا)
    ڏات جي ڏيهه مان (فنڪارن جا تعارفي خاڪا)
    انقلاب، اسٽين گن ۽ ڪتو (ڪهاڻيون)
    سنڌي ادبي سنگت، تاريخ ۽ ڪردار (ڊاڪٽريٽ جو مقالو)
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ڊاڪٽر عبدالڪريم (ادل سومرو) کي مليل ا دبي ۽ علمي ا يو ا ر ڊ
    انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ادبي انعام 1983ع
    ينگ رائٽرس گلڊ ايوارڊ 1979ع
    عبدالله هارون ادبي گولڊ ميڊل ايوارڊ 1983ع سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سنڌ
    ڪينجھر اڪيڊمي ايوارڊ 1983ع
    هري دلگير ايوارڊ 1986ع سنڌي ادبي سنگت سنڌ
    انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ادبي انعام 1986ع
    پوپٽ ادبي ايوارڊ 1984ع سنڌ ٻالڪ تنظيم
    سنڌي اسپيڪرس فورم سنڌ جو ”شهيد ڀٽو“ ادبي گولڊ ميڊل ايوارڊ 1988ع
    سنڌ ثقافت کاتي جو ادبي ايوارڊ 1990ع
    استاد عبدالرشيد رڪ ادبي ايوارڊ 93 ـ 1992ع
    سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد جو ادبي ايوارڊ 1993ع
    استاد محبوب علي جوکيو مڃتا ايوارڊ 1994ع
    گولڊن جوبلي ايوارڊ 1999ع ماهوار نئين زندگي
    سچل سرمست يادگار ايوارڊ1999ع بطور بهترين شاعر
    سنگت مڃتا ايوارڊ 1999ع (ڊاڪٽريٽ ڪرڻ تي) سنڌي ادبي سنگت
    ٻالڪ ساهت جو سج مڃتا شيلڊ 1991ع ماروئڙا ٻالڪ سنڌ
    وائس چانسلر ميڊل 1979ع سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ايم ـ اي (سنڌي ادب) فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن کڻن تي
    نشان اعزاز و تحسين 1999ع (ڊاڪٽريٽ ڪرڻ تي) مهراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽي سکر سنڌ پاران
    اعزازي شيلڊ 1994ع سيد الهندو شاهه جي ياد ۾ مدرسه نوشهرو فيروز
    اعزازي شيلڊ 1989ع بين الاقوامي سچل ڪانگريس ـ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سنڌ
    اعزازي شيلڊ 1995ع تاريخي ڪانفرنس سيوهڻ سنڌ
    شهيد دودو سومرو تعليمي ايوارڊ، 2000ع سومرا ويلفيئر ڪشمور سنڌ
    اعزازي شيلڊ 1992ع سانگھڙ ثقافتي ميلو
    سنڌي ادبي سنگت گولڊن جوبلي ايوارڊ 1997ع
    شيلڊ آف آنر 2002ع سنڌ چلڊرين اڪيڊمي خيرپور ، تخليق فائونڊيشن ڪراچي
    شيخ اياز شيلڊ 2003ع
    سائوٿ ايشيا پبليڪيشن گولڊ ميڊل 2003ع
    گوبند مالهي ايوارڊ 2004ع سنڌي ادبي سنگت نوشهرو فيروز
    سائوٿ ايشيا پبليڪيشن ملينيم ايوارڊ 2005ع
    سائوٿ ايشيا پبليڪيشن اسٽار ايوارڊ 2003ع
    ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ 2006ع
    ڪاروان ادب ايوارڊ 2005ع
    سنڌ رويو، بيسٽ سيڪريٽري جنرل ايوارڊ 2003ع
    اعزازي شيلڊ، سنڌ انٽرنيشنل ڪانفرنس 2006ع
    ۔۔۔۔۔۔۔۔
    ڊاڪٽر عبدالڪريم (ادل سومرو) جا علمي ۽ ا د بي ا عز ا ز ۽ مقر ر يو ن
    سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت سکر سنڌ، (1995 ــ 1973ع)
    نائب صدر سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سکر سنڌ. 1978ع.
    سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت سنڌ (ٻه ڀيرا) 1992ع کان 1994ع ــ 2001ع کان 2003ع تائين.
    مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ۽ پبليڪيشن 81 ــ 1980ع
    مکيه صلاحڪار، بزم بيدل بيڪس 88 ــ 1985ع.
    وائيس چيئرمين ـ بيدل بيڪس آرٽس ڪائونسل 90 ـ 1986ع،
    ميمبر سينيٽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور. (ٻه ڀيرا) فرسٽ سينيٽ 1988ع ۽ 1994ع
    ريسرچ ايسوسيئيٽ، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ.
    ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪائونسل (آرٽس) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن خيرپور.
    ميمبر بورڊ آف اسٽڊيز، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ.
    صلاحڪار ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ.
    ميمبر، انٽرنيشنل بايوگرافيڪل سوسائٽي لنڊن، انگلينڊ.
    سرپرست، گلن جهڙا ٻارڙا تنظيم سکر 1975ع.
    صلاحڪار، بيدل يادگار ڪميٽي روهڙي سکر.
    سرپرست، شاهه لطيف ادبي سوسائٽي، ڊگري ڪاليج سکر 1992ع.
    ميمبر سکر هسٽاريڪل سوسائٽي 1992ع.
    انعام ڪتابن لاءِ جج: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو سنڌ.
    ٻارن جي ڪتاب لاءِ ايڪسپرٽ: سنڌي لينگوئيج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ.
    ريسرچ گائيڊ. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ.
    ميمبر صلاحڪار بورڊ، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ.
    سيڪريٽري : سچل يادگار ڪميٽي خيرپور سنڌ 2000ع.
    ميمبر : ادبي، ثقافتي ڪميٽي: شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ.
    ميمبر آرگنائيزنگ ڪميٽي: سچل يادگار ڪميٽي خيرپور سنڌ
    [​IMG]<="" p="">​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. شبير احمد

    شبير احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تمام بهترين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. اظهرمهر

    اظهرمهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مئي 2013
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    38
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تمام بهترين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو