وريا واهرو - لطيفيات (عبدالواحد آريسر)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عبدالواحد آريسر جا فڪري ۽ ڏاهپ وارا مضمون پڙهڻ لائق هوندا آهن۔ سندس هي ڪتاب ”وريا واهرو“ لطيفيات تي هڪ بهترين ڪتاب آهي۔ هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي فڪر کي اجاگر ڪيو ويو آهي ۽ لطيف کي هڪ نئين رخ کان نظر وڌي وئي آهي۔


    ڪجهه ڪتاب بابت:

    ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم آفتاب احمد ڪئي آهي ۽ وائس آف سنڌ پاران ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن انٽرنيٽ تان متعارف ڪرايو ويو آهي۔

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: وريا واهرو - لطيفيات (عبدالواحد آريسر)

    سائين ڪتاب پڙهي ڪري پو۽ ئي پنهنجي را۽ ڏيبي

    تيستائين ائين چئي سگهان ٿو ته

    سائين عبدالواحد آريسر صاحب جو ڪتاب آهي

    ماشاالله زبردست هوندو

    سدائين گڏ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    اڳ ۾ ئي پڙهيل آهي تمام ذبردست انداز ۾
    لطيف تي نئين انداز ۾ پيش ڪيو آهي
    آريسر صاحب،سائين جي ايم سيد ۽ آريسر
    صاحب لطيف تي سنڌ ۾ سڀ کان پهرين
    دور حاضر ۾ سائنسي طريقي سان
    لکيو ۽ خوب نڀايو آهي۔۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ادا ڊائونلوڊنگ لنڪ درست ڪريو!
     
  5. تصور مهدي

    تصور مهدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 جنوري 2014
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين مهرباني ٿيندي جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کي سائين آريسر صاحب جو ڪتاب ڀٽو ۽ مجيب آهي ته موڪليندا
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

    آريسر صاحب جو مختصر تعارف​
    عبدالواحد آريسر موجوده جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) جو سربراه آهي. پاڻ ديوبند جا فارغ تٍصيل عالم آهن، لطيف رح سائين جا بهترين پارکو ۽ شارح آهن، جي ايم سيد سان هن جي گهري وابستگي رهي آهي. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين جن سنڌ جي نوجوان طبقي کي متاثر ڪيو. ويجهي ماضيءَ ۾ سندس تقريرون ايتريون ته پراثر هونديون هيون جو ٻڌندڙ پاڻ مرادو خاموش ٿي سندس دانشمندانه ڳالهيون غور سان ٻڌندا هئا. سندس مشهور ڪتابن مان هڪ ”سائين جي ايم سيد“ آهي جيڪو ڪتاب جي ايم سيد جي ذاتي ۽ سياسي زندگيءَ متعلق لکيل آهي.
    آريسر صاحب جو لکڻ، پڙهڻ ۽ سياسي جدوجهد اڃا تائين جاري آهي. پاڻ اڃا تائين جي ايم سيد جي ڏنل سنڌ جي آزاديءَ واري پروگرام سان سلهاڙيل آهي. ان کان علاوه سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن انهن مان ڪجه هيٺ ڏجن ٿا:
    سر ۾ سانجهيءَ وير۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ترم ياترا۔۔۔۔۔۔۔۔وريا واهرو۔۔۔۔۔۔۔چانڊوڪيون ۽ چيٽ۔۔۔ماڻهو ميگه ملهار
    آريسر جي ڪتاب چانڊوڪيون ۽ چيٽ مان ورتل ٽڪرو
    اڄ جي سنڌ غلامن جو ٻيڙو آهي ٻيڙي جي هر پهريدار جي هٿ ۾ هڪ هنٽر آهي، جيڪو پوري قوت سان ان ٻيڙي ۾ سوار هر سرڪش غلام جي جسم تي ڦهڪا ڪندو ٿو رهي، پوء به ان ٻيڙي جا پهريدار ڪن مردن ۽ عورتن کي چوندا ٿا وتن ته اسان توهان نه رڳو ڀائر آهيون پر اوهان کي حاڪم مڃڻ لاء به تيار آهيون ۽ اهي نادان هنٽر جي ڦهڪاء کي ڀٽائيء جي تنبوري جو آواز سمجهيو ويٺا آهن۔

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ابو مُرڪ

    ابو مُرڪ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    عمرڪوٽ حيدرآباد
    عبدالواحد آريسر جا هن وقت تائين 33 ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن. آريسر جي ٻولي ۾ رهاڻين جو رَس هوندو آهي. سندس تخليق ۾ پوري دنيا جا حوالا شامل هوندا آهن ۽ ڪنهن به اهم نُڪتي کي ثابت ڪرڻ لا هو ڪيترائي دليل ڏئي سگهي ٿو، اهو وٽس نرالو ڏان آهي، جيڪو سنڌ جي ادبي حلقي ۾ صرف ٻن ماڻهن وٽ هو، هڪڙو شيخ اياز ۽ ٻيو عبدالواحد آريسر. ٻنهي جو نثر ڪمال جو آهي ۽ ٻنهي لا نصير مرزا لکيو آهي ته: جديد سنڌي نثر جا باني عبدالواحد آريسر ۽ شيخ اياز آهن.
    1_ پرهه جو پيغام (تقريرون)
    2_صدين جون صدائون (تقريرون)
    3_وريا واهرو (لطيفيات)
    4_ ٽهڪي نڪتا ٽوهه (مضمون، ڪالم، تبصرا)
    5_ سر ۾ سانجهي وير (مضمون)
    6_ماڻهو ميگهه ملهار (خاڪا)
    7_جي. ايم. سيد (سائين جي. ايم. سيد کي ڀيٽا)
    8_ وطن پرستي (جائزو)
    9_ قومي تحريڪ (جائزو)
    10_ قومي تحريڪ ۾ رڪاوٽون (وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو)
    11_ ٿي نه محبت مات (عدالتي بيان)
    12_ترم ياترا (جيل ڊائري)
    13_ماڙين ماريس ڪينڪي (جيل ڊائري)
    14_اسان جيئن جيئي ڪو (ٽارچر سيل جي ڪٿا)
    15_ مجيب ۽ ڀٽو (شيخ مجيب ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي سياسي زندگي تي تجزيو)
    16_ ڇا ته شخص هو (سائين جي. ايم سيد کي ڀيٽا)
    17_ مٽي هاڻا ماڻهو (فرانز فينن جي ڪتاب جو ترجمو)
    18_ سِر جي صدا سُر ۾ (تقريرون_تحريرون)
    19_ سچ وڏو ڏوهاري (مخدوم بلاول تي نئين نقطه نظر)
    20_ رُوح جا ريلا (برسات اخبار ۾ لکيل ڪالم)
    21_ رُو داد هڪ رات جي (اسيري جي هڪ رات)
    22_ اُميد جو قتل (شهيد بينظير ڀٽو جي قتل تي سياسي نقطه نظر)
    23_ زندگي آزادي ۽ محبت (تقريرون_تحريرون ۽ انٽرويو)
    24_ڳچي ڳانا لوهه جا (ٽيئي جيل ڊائريون)
    25_ چانڊوڪيون ۽ چيٽ (نثري ٽڪرا)
    26_ ڪنڌي ٽڙن ڪنول (گڏيل)
    27_ کٽڻهار کڙيا (گڏيل)
    28_ تاريخ جي جهروڪي مان (گڏيل)
    29_ سنڌي سماج جو جائزو (جائزو)
    30_رُڃ جهڙيون راتيون ڏونگر جهڙا ڏينهن (جيل دوران گم ٿيو)
    31_ مولانا ابوالڪلام آزاد
    32_ شيخ اياز، نياز همايوني ۽ تنوير عباسي (جائزو_اڻڇپيل)
    33_ سيد ۽ آئون (اڻڇپيل)
    34_ ماهوار پيغام جا ڪيترائي پرچا ڪڍيا، جنهن تي بندش پئي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو