منهنجي مدد ڪريو

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2011۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    السلام عليڪم دوستو۔۔۔۔

    ڪافي وقت کانپو منهنجو سنڌ سلامت تي اچڻ ٿيو آهي۔۔۔ اڄ مون کي ايم ايس ايڪسل ۾ ڪرڻو پئجي ويو۔۔۔ ڪافي ڪم ڪري چڪو آهيان پر جڏهن اهو ڪم پنهنجي باس کي ڏيکاريم ته انهن مونکي وڌيڪ فڪر ۾ وجهي ڇڏيو ۽ حڪم ڏنائين ته ڪيل ڪم کي يعني ايم ايس ايڪسل ۾ موجود ٽيڪسٽ کي اپر ڪيس ۾ تبديل ڪرڻو آهي ۔۔۔ ايم ايس ورڊ ۾ ته اهي آپشن تمام سولو هئو اتي تمام ٽيڪسٽ کي سليڪٽ ڪري شفت ايف ٿري سان اپر ڪيس ۾ تبديل ٿي ويندو هئو پر ايم ايس ايڪسل ۾ مون کان اهو ڪم نٿو ٿئي مهرباني ڪري ڪو به دوست انهي جو حل ٻڌائي۔۔۔

    يا وري ڪا انهي جي شارٽ ڪٽ ڪمانڊ هجي ته به هتي ونڊ ڪري۔۔۔۔۔
     
  2. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: منهنجي مدد ڪريو

    وعليڪم السلام

    ايڪسل ۾ Case تبديل ڪرڻ جا ٻه طريقا مون کي سمجهه ۾ اچن ٿا، پهريون طريقو آهي هيٺين فارمولن تي عمل ڪريو:

    اپر ڪيس لاءِ:
    =Upper(A1)

    لوور ڪيس لاءِ:
    =Lower(A1)

    ٽائٽل ڪيس لاءِ:
    =Proper(A1)

    ڏنگين ۾ سيل نمبر (جنهن جو ڪيس تبديل ڪرڻ چاهيو ٿا) ڏيڻو پوندو.

    البته هن طريقي تي عمل ڪرڻ لاءِ توهان کي الڳ ڪالم ايڊ ڪرڻا پوندا. يقينا سموري سيٽنگ خراب ٿي ويندي ۽ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي. ٻئين طريقي لاءِ هيٺ ڏنل سافٽويئر انسٽال ڪريو.

    [​IMG]

    Excel Change Case to Proper, Upper, Lower & Sentence Software

    سافٽويئر انسٽال ڪرڻ کان پوءِ ايڪسل کي کوليو ۽ ٽول ۾ مائيڪرو سيڪيورٽي کي ميڊيم رکو. هاڻي ايڪسل کي بند ڪريو ۽ ٻيهر ايڪسل کوليو. هن ڀيري Enable جي آپشن کي سليڪٽ ڪريو. ائين ڪرڻ سان ايڪسل ۾ هيلپ کان پوءِ هڪڙي ٽول بار ظاهر ٿيندي. جنهن ذريعي بغير ڪو ڪالم ايڊ ڪندي، توهان سنئون سڌو ٽيڪسٽ کي اپر ڪيس، لوور ڪيس يا ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ تبديل ڪري سگهو ٿا.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: منهنجي مدد ڪريو

    بلڪل آسان آهي

    هڪ ننڍڙو فارمولو استعمال ۡڪيو:


    [​IMG]
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: منهنجي مدد ڪريو

    فقير سائين خوش آمديد

    شڪر ڪيون جو توهان سان ڪو مسئلو پيش آيو ان بهاني ئي ديدار ته ڪرايو

    ادا ابو زين جا ٻڌايل طريقا به لاجواب آهن

    پر مون کي ادا سليمان وساڻ جا ٻڌايل طريقو صفا اصل آسان آهي

    ٻيو حڪم فقير سائين

    سدائين گڏ
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: منهنجي مدد ڪريو

    ادا زاهد سلام
    دوستن توهان جي مسئلي کي حل ڪرڻ جا طريقا ته خوب ٻڌايا۔۔۔ پر مون کي توهان جي قابليت کي زنگ لڳڻ جو ڏک ٿين لڳو آهي۔۔۔ توهان جي نوڪري جي نوعيت ڇا تبديل ٿي توهان ته نيٽ (سنڌ سلامت) ۽ ڪمپيوٽر فيلڊ کان ئي پري ٿي ويو۔۔۔
    جيتري قدر توهان جي مسئلي جو تعلق آهي ته بهترين حل ته مٿي دوستن موڪليا آهن۔۔۔ انهن جي مقابلي هڪ ننڍڙو ۽ آسان حل مون وٽ به آهي پر اهو ايڪسل ۾ موجود توهان جي ڪم تي منحصر آهي۔۔۔ بحرحال حل مطابق سڀ کان پهريان ايڪسل مان اهي سيل سليڪٽ ڪريو جن کي توهان کي اپر ڪيسز ۾ تبديل ڪرڻو آهي۔۔۔ انهن جي ڪاپي ڪريو۔۔۔

    [​IMG]

    ۽ ورڊ پروگرام ۾ وڃي پيسٽ ڪريو۔۔۔

    [​IMG]

    جتان توهان سمورن اکرن کي آرام سان اپر ڪيسز ۾ تبديل ڪري سگهو ٿا۔۔۔

    [​IMG]

    جنهن کان پوءِ ساڳين کي ٻيهر ڪاپي ڪريو۔۔۔

    [​IMG]

    ۽ ٻيهر ايڪسل پروگرام ۾ پيسٽ ڪريو۔۔۔

    [​IMG]

    ان کي چئبو آهي تڪڙي حل لاءِ ”جڳاڙ“۔۔ ڪيئن رهيو۔۔؟
     
  6. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: منهنجي مدد ڪريو

    آئون ادا ذاهد سومري جو شڪر گزار آهيان جنهن جي هڪ سوال جي ڪري ڪيتري نه گهڻي معلومات اسان کي ملي ويئي. خاص انهن دوستن جو به شڪر گزاز آهيان جنهن اسان کي پنهنجي علم مان ڪجھ اسان کي به سيکاريو. مهربانيون.
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: منهنجي مدد ڪريو

    فقير سائين زاهد پيارا آهيو ڪٿي نه ڪو سلام نه ڪو ڪلام هڪ ٻه دفعو فون به ڪئي آهي اٽينڊ ئي ڪو نه ٿا ڪيو لڳي ٿو ته تمام مصروف آهيو۔ بهرحال الله تعالى توهان کي خوش رکي اميد ته سڀني دوستن جي ڀرپور مدد سان اوهان جو مسئلو حل ٿي ويو هوندو۔
     
  8. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: منهنجي مدد ڪريو

    مان تمام دوستن جو شڪر گذار آهيان جن منهنجي ننڍڙي عرض تي ايتري محنت ڪئي ۽ مسئلي جو حل ٻڌايو۔۔۔۔۔۔۔۔
    بلخصوص فقير ڦلپوٽو صاحب جن ۽ سائين محترم مولوي رحيم بخش صاحب جن جو شڪر گذار آهيان جن مون سان رابطي ۾ رهڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي۔۔۔ پر افسوس جو مان سندن سان رابطي ۾ نه رهي سگهيس۔۔۔۔۔۔

    دوستن کي عرض ڪندو هلان ته مان گرمين جي موڪلن تي ڳوٺ ويل هيس تازو ئي ڪراچي واپس آيو آهيان اميد ته دوستن سان رابطا قائم رهندا۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  9. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ

    بلڪل سائين رشيد اوهان جڳاڙ جا ماهر آهيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو