ڪجهه ڏينهن اڳ ادا طاهرسنڌي جو فون آيو ته سندس فليش ڊرائيو (يو ايس بي ڊرائيو) ۾ انتهائي اهم ڊيٽا گم ٿي ويو آهي۔۔۔ جڏهن ته فليش ڊرائيو جي پراپرٽيز چيڪ ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته مواد ڊرائيو ۾ موجود آهي۔۔۔ مون کيس ٻڌايو ته اهو ان ڪري ٿيندو آهي ته توهان پنهنجي فليش ڊرائيو کي ڪنهن وائرس ورتل ڪمپوٽر سان لڳايو هجي۔۔۔ جنهن ڪري توهان واري يو ايس بي ڊرائيو به متاثر ٿيندي۔۔۔ ان جو حل اهو آهي ته توهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ گم ٿيل (هڊن) فائيلز کي ڏيکارڻ (شو) ڪرڻ جو آپشن فعال بڻايو جيڪو مائي ڪمپيوٽر کولي ٽولز مينو جي آپشن ۾ رکيل آهي۔۔۔ پاڻ ٻڌاين ته اتفاق سان جنهن ڪمپيوٽر تي ويٺا آهن ان تي يا ته اهو آپشن موجود ئي نه آهي يا وري کين نه پيو ملي ۔۔۔ دوستو ۔۔۔ ادا طاهر سنڌي ته ڪنهن ٻئي ڪمپيوٽر تي ويهي ڪوشش ڪري پنهنجو مواد واپس آڻي ورتو۔۔۔ پر اڪثر ائين ٿيندو آهي جو ڪافي دوست فليش ڊرائيو کي بچائڻ لاءِ ان کي فارميٽ ڪندا آهن جنهن سان مواد ته کين نه ملندو آهي مورڳو فليش ڊرائيو ئي هٿن مان ويندي آهي۔۔۔ اهڙي صورتحال ۾ وائرس طاقتور هجي ته ڊيٽا ته واپس آڻڻ سولي نه ٿيندي مورڳو فليش ڊرائيو خراب ٿيڻ جو انديشو رهندو آهي۔۔۔ ان ڪري اڄ آ توهان سان هڪ ننڍڙو ٽول متعارف ڪرائي رهيو آهي جنهن کي آساني سان آپريٽ ڪري توهان پنهنجي فليش ڊرائيو ۾ موجود قيمتي ڊيٽا آساني سان ٻيهر حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔ هي آهي۔۔۔ USB Show ٽني سافٽويئر۔۔۔۔۔۔ سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
جواب: وائرس ورتل يو ايس بي مان گم ٿيل فائيلز ۽ فولڊر کولڻ جو آسان حل۔۔۔۔ تمام بهترين سافٽوئير آهي ليڪن آزمائڻ کان بعد وڌيڪ راء ڏبي۔ اوهان جي مهرباني۔
جواب: وائرس ورتل يو ايس بي مان گم ٿيل فائيلز ۽ فولڊر کولڻ جو آسان حل۔۔۔۔ تمام سٺو سافٽوير آهي ونڊ ڪرڻ جي مهرباني
جواب: وائرس ورتل يو ايس بي مان گم ٿيل فائيلز ۽ فولڊر کولڻ جو آسان حل۔۔۔۔ ادا رشيد واقعي به اهو هڪ تمام اهم مسئلو آهي ان مسئلو جو جاندار حل ڳولهڻ تي توهان کي جس هجي بهترين ٿريڊ آهي سدائين گڏ
جواب: وائرس ورتل يو ايس بي مان گم ٿيل فائيلز ۽ فولڊر کولڻ جو آسان حل۔۔۔۔ اڄ اسان واري دوست رنجيت سان به ساڳيو مسئلو پيش آيو۔۔۔ کيس هن موضوع جو لنڪ موڪليم۔۔۔ پر اڃان تائين ڪنهن به دوست هن سافٽويئر کي آزمائڻ کان پوءِ ٻڌايو نه آهي ته کين هي سافٽويئر فائديمند لڳو يا نه۔۔۔ هاڻي رنجيت مان ته جواب موڪلڻ جي توقع ئي نه رهي آهي۔۔۔ متان ڪو ٻيو دوست ٻڌائي۔۔۔
جواب: وائرس ورتل يو ايس بي مان گم ٿيل فائيلز ۽ فولڊر کولڻ جو آسان حل۔۔۔۔ ابا ايڏا به ويل ناهيون۔۔۔ خيئر توهان ان سافٽويئر جي ڪري جس لهڻو۔۔۔ لڳي ٿو مُنهنجو ڪم ٿئي پيو۔۔۔ ۽ ها جن جن ريپلائي نه ڪئي آهي ان جو مطلب اهو آهي ته اهي ايڏا ته خوش ٿي ويا جو واپس ورجڻ سمجهه ۾ ئي نه آيو۔۔۔ هاههااههاها باقي جادوگر سائين واقعي جادوگر آهيون۔۔ مون وارو ڀائٽيو توهان کي دعائن جون ڳنڍيون ٻڌي ٿو موڪلي اميد ته جلد ئي اثر ٿيندو۔۔۔ مولائي
جواب: وائرس ورتل يو ايس بي مان گم ٿيل فائيلز ۽ فولڊر کولڻ جو آسان حل۔۔۔۔ ادا رشيد اوهان کي هٿ ٻڌي عرض آھي ته منهنجي ميموري ڪارڊ مان تصويرون اڏامي ويون آهن، جڏهن ته اهو ساڳيو ميموري ڪارڊ ڪئمرا ۾ پيو وجهان ته سڀ مواد کيس اندر پيل آھي پر ڪمپيوٽر ۾ شو نٿوٿئي انتهائي قيمتي فوٽو آهن مهرباني ڪري ان جو حل ٻڌايو
جواب: وائرس ورتل يو ايس بي مان گم ٿيل فائيلز ۽ فولڊر کولڻ جو آسان حل۔۔۔۔ توهان مٿيون سافٽويئر استعمال ڪيو آهي... ؟
ادا ذيشان اهو ته ڪارائتو سافٽويئر آهي۔ مون وٽ به ڪافي دوست اهڙو مسعلو کڻي ايندا آهن ته اسان جي يو ايس بي يا ميموري ڪارڊ ۾ ڊيٽا گم ٿي وئي آهي نظر نه پئي اچي۔ ان جي حل ۾ آئون تقريباَ آپشن مان هيڊن سسٽم فالم کي شو ڪري اهو فائلون انهن کي ڪاپي ڪري ڏيندو آهيان۔ پر هاڻ اوهان جي ڏسيل سافٽويئر کي به آزمائي ڏسبو ته توهان وانگر جادو ڏيکاري ٿو يه نه۔ خير ونڊ ڪرڻ لائي مهربانيون۔
ادا اتفاق سان هن سافٽ ويئر جي اڄ وري سخت ضرورت پئجي وئي، جيڪو هتي فورم تي اچي ڳوليم هڪ خوشي جي ڳالھ ٻي به ملي ته سافٽ ويئر جلدي ڳولها ٿي ويو، اڳ ته ڪافي سارا رزلٽ ايندا هئا جنهن مان ڳولڻ اڃا وڌيڪ ڏکيو ٿي ويندو هو. جس لهڻا ادا جادوگر صاحب...