وائرس ورتل يو ايس بي مان گم ٿيل فائيلز ۽ فولڊر کولڻ جو آسان حل۔۔۔۔

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪجهه ڏينهن اڳ ادا طاهرسنڌي جو فون آيو ته سندس فليش ڊرائيو (يو ايس بي ڊرائيو) ۾ انتهائي اهم ڊيٽا گم ٿي ويو آهي۔۔۔ جڏهن ته فليش ڊرائيو جي پراپرٽيز چيڪ ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته مواد ڊرائيو ۾ موجود آهي۔۔۔
    مون کيس ٻڌايو ته اهو ان ڪري ٿيندو آهي ته توهان پنهنجي فليش ڊرائيو کي ڪنهن وائرس ورتل ڪمپوٽر سان لڳايو هجي۔۔۔ جنهن ڪري توهان واري يو ايس بي ڊرائيو به متاثر ٿيندي۔۔۔ ان جو حل اهو آهي ته توهان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ گم ٿيل (هڊن) فائيلز کي ڏيکارڻ (شو) ڪرڻ جو آپشن فعال بڻايو جيڪو مائي ڪمپيوٽر کولي ٽولز مينو جي آپشن ۾ رکيل آهي۔۔۔
    پاڻ ٻڌاين ته اتفاق سان جنهن ڪمپيوٽر تي ويٺا آهن ان تي يا ته اهو آپشن موجود ئي نه آهي يا وري کين نه پيو ملي ۔۔۔
    دوستو ۔۔۔ ادا طاهر سنڌي ته ڪنهن ٻئي ڪمپيوٽر تي ويهي ڪوشش ڪري پنهنجو مواد واپس آڻي ورتو۔۔۔ پر اڪثر ائين ٿيندو آهي جو ڪافي دوست فليش ڊرائيو کي بچائڻ لاءِ ان کي فارميٽ ڪندا آهن جنهن سان مواد ته کين نه ملندو آهي مورڳو فليش ڊرائيو ئي هٿن مان ويندي آهي۔۔۔

    اهڙي صورتحال ۾ وائرس طاقتور هجي ته ڊيٽا ته واپس آڻڻ سولي نه ٿيندي مورڳو فليش ڊرائيو خراب ٿيڻ جو انديشو رهندو آهي۔۔۔ ان ڪري اڄ آ توهان سان هڪ ننڍڙو ٽول متعارف ڪرائي رهيو آهي جنهن کي آساني سان آپريٽ ڪري توهان پنهنجي فليش ڊرائيو ۾ موجود قيمتي ڊيٽا آساني سان ٻيهر حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔ هي آهي۔۔۔ USB Show ٽني سافٽويئر۔۔۔۔۔۔


    [​IMG]

    سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 جون 2014
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: وائرس ورتل يو ايس بي مان گم ٿيل فائيلز ۽ فولڊر کولڻ جو آسان حل۔۔۔۔

    تمام بهترين سافٽوئير آهي ليڪن آزمائڻ کان بعد وڌيڪ راء ڏبي۔ اوهان جي مهرباني۔
     
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: وائرس ورتل يو ايس بي مان گم ٿيل فائيلز ۽ فولڊر کولڻ جو آسان حل۔۔۔۔

    تمام سٺو سافٽوير آهي
    ونڊ ڪرڻ جي مهرباني
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: وائرس ورتل يو ايس بي مان گم ٿيل فائيلز ۽ فولڊر کولڻ جو آسان حل۔۔۔۔

    ادا رشيد واقعي به اهو هڪ تمام اهم مسئلو آهي

    ان مسئلو جو جاندار حل ڳولهڻ تي توهان کي جس هجي

    بهترين ٿريڊ آهي

    سدائين گڏ
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: وائرس ورتل يو ايس بي مان گم ٿيل فائيلز ۽ فولڊر کولڻ جو آسان حل۔۔۔۔

    اڄ اسان واري دوست رنجيت سان به ساڳيو مسئلو پيش آيو۔۔۔ کيس هن موضوع جو لنڪ موڪليم۔۔۔
    پر اڃان تائين ڪنهن به دوست هن سافٽويئر کي آزمائڻ کان پوءِ ٻڌايو نه آهي ته کين هي سافٽويئر فائديمند لڳو يا نه۔۔۔
    هاڻي رنجيت مان ته جواب موڪلڻ جي توقع ئي نه رهي آهي۔۔۔ متان ڪو ٻيو دوست ٻڌائي۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: وائرس ورتل يو ايس بي مان گم ٿيل فائيلز ۽ فولڊر کولڻ جو آسان حل۔۔۔۔

    ابا ايڏا به ويل ناهيون۔۔۔
    خيئر توهان ان سافٽويئر جي ڪري جس لهڻو۔۔۔ لڳي ٿو مُنهنجو ڪم ٿئي پيو۔۔۔
    ۽ ها جن جن ريپلائي نه ڪئي آهي ان جو مطلب اهو آهي ته اهي ايڏا ته خوش ٿي ويا جو واپس ورجڻ سمجهه ۾ ئي نه آيو۔۔۔
    هاههااههاها

    باقي جادوگر سائين واقعي جادوگر آهيون۔۔
    مون وارو ڀائٽيو توهان کي دعائن جون ڳنڍيون ٻڌي ٿو موڪلي اميد ته جلد ئي اثر ٿيندو۔۔۔

    مولائي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: وائرس ورتل يو ايس بي مان گم ٿيل فائيلز ۽ فولڊر کولڻ جو آسان حل۔۔۔۔

    تمام بهترين
     
  8. عرفان ديشي

    عرفان ديشي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    212
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: وائرس ورتل يو ايس بي مان گم ٿيل فائيلز ۽ فولڊر کولڻ جو آسان حل۔۔۔۔

    ادا رشيد اوهان کي هٿ ٻڌي عرض آھي ته منهنجي ميموري ڪارڊ مان تصويرون اڏامي ويون آهن، جڏهن ته اهو ساڳيو ميموري ڪارڊ ڪئمرا ۾ پيو وجهان ته سڀ مواد کيس اندر پيل آھي پر ڪمپيوٽر ۾ شو نٿوٿئي انتهائي قيمتي فوٽو آهن مهرباني ڪري ان جو حل ٻڌايو
     
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: وائرس ورتل يو ايس بي مان گم ٿيل فائيلز ۽ فولڊر کولڻ جو آسان حل۔۔۔۔

    توهان مٿيون سافٽويئر استعمال ڪيو آهي... ؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. شاهد علي راهمون ڪڍڻ

    شاهد علي راهمون ڪڍڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2012
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ماستر (اين سي ايڇ ڊي) ۽ مرزا مل ۾ ملازم
    ماڳ:
    شهر ڪڍڻ ضلع و تعلقه بدين سنڌ
    ادا سافٽ ويئر واقعي ڀلوآهي پر چيڪ ڪري پو رايو ڏينداسين
     
  11. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    ادا ذيشان اهو ته ڪارائتو سافٽويئر آهي۔ مون وٽ به ڪافي دوست اهڙو مسعلو کڻي ايندا آهن ته اسان جي يو ايس بي يا ميموري ڪارڊ ۾ ڊيٽا گم ٿي وئي آهي نظر نه پئي اچي۔ ان جي حل ۾ آئون تقريباَ آپشن مان هيڊن سسٽم فالم کي شو ڪري اهو فائلون انهن کي ڪاپي ڪري ڏيندو آهيان۔ پر هاڻ اوهان جي ڏسيل سافٽويئر کي به آزمائي ڏسبو ته توهان وانگر جادو ڏيکاري ٿو يه نه۔

    خير ونڊ ڪرڻ لائي مهربانيون۔
     
  12. سعيد احمد سومرو

    سعيد احمد سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2012
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جي مونکي سمجهه ۾ کون آيو
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ادا اتفاق سان هن سافٽ ويئر جي اڄ وري سخت ضرورت پئجي وئي، جيڪو هتي فورم تي اچي ڳوليم
    هڪ خوشي جي ڳالھ ٻي به ملي ته سافٽ ويئر جلدي ڳولها ٿي ويو، اڳ ته ڪافي سارا رزلٽ ايندا هئا جنهن مان ڳولڻ اڃا وڌيڪ ڏکيو ٿي ويندو هو.
    جس لهڻا ادا جادوگر صاحب...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو