رينجرز اهلڪارن ٻنهي کي روڪي 18 جون2009ع تي ٻنهي کي بيگناهه قتل ڪيو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2011۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪراچي ۾ 2 سال اڳ رينجرز هٿان مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي 2 نوجوانن جا خون پوليس لوڙهي ڇڏيا، عدالتي حڪم تي داخل ڪيس پوليس وارن خارج ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مقتولن جي گهرن ۾ اڄ به سوڳ واري صورتحال ڇانيل آهي، گڏ ڪيل معلومات موجب لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهرآباد محلي جو رهواسي سجاد حسين عباسي جيڪو ٽائل ماربل لڳائڻ جو ڪاريگر هو ۽ مراد واهڻ محلي جو رهواسي زوهيب عباسي جيڪو تعميرات جو ڪم ڪندو هو. ٻئي لاڙڪاڻو کان ڪراچي مزدوري ڪرڻ لاءِ ويا، جتي مقتول سجاد عباسي ڪراچي جي سفاري پارڪ ڀرسان مگسي ذات جي رهواسين جي بنگلي تي ٽائل ۽ ماربل لڳائڻ جو ڪم ڪري رهيو هو ۽ ساڻس گڏ زوهيب عباسي مزدوري پئي ڪئي. ٻئي پورهيت ڪراچي يونيورسٽي روڊ سان هڪ موٽرسائيڪل تي وڃي رهيا هئا ته 18 جون 2009ع ۾ ڊبل سواري تي پابندي دوران کين رينجرز اهلڪارن يونيورسٽي روڊ تان پڪڙي فائرنگ ڪرڻ سان گڏ مٿن بدترين تشدد ڪري کين ماري ڇڏيو هو، ان بعد ٻنهي ڄڻن خلاف گلشن اقبال جي مبينا ٽائون ٿاڻن تي مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، پهريان وارثن کي لاش نه پئي ڏنا ويا، بعد ۾ وارثن جي احتجاج کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا هئا. واقعي کانپوءِ وارثن ڪراچي ايسٽ جي سيشن جج جي عدالت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي، ان بعد عدالتي حڪم تحت جولاءِ 2009ع ۾ مبينا ٽائون ٿاڻي تي مقتول سجاد عباسي جي چاچي لياقت عباسي پاران رينجرز اهلڪارن جاويد اقبال، غلام قاسم ۽ مبينا ٽائون جي ايس ايڇ او شبير حسين ۽ جوهر ٿاڻي جي ايس ايڇ او نصرالله خلاف ٻن نوجوانن کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي هئي، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جاچ پوليس پٽي ڀائين جو ساٿ نڀائيندي ڪيس ڪينسل ڪلاس ۾ خارج ڪري ڇڏيو، نه جوابدارن خلاف ڪارروائي ٿي، نه گرفتاري ٿي ۽ نه وري وارثن کي انصاف مليو، ڪيس ڪينسل ڪلاس ۾ خارج ٿيڻ کانپوءِ وارث نااميد ٿي ويهي رهيا. ان سلسلي ۾ زوهيب عباسي جي ڀاءُ جهانگير عباسي ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ انتهائي شريف ۽ غريب هو، ان مٿان ڪڏهن به ڪو ڪيس داخل ٿيل نه هو، نه وري هو ڪنهن غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث هو، ڪوڙي مقابلي ۾ بيگناهه کيس قتل ڪيو ويو، عدالتي حڪم تحت جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو پر جاچ پوليس ڪيس ئي خارج ڪري ڇڏيو، ملڪ جي صدر، وزيراعظم ۽ چيف جسٽس کي اپيل ٿا ڪريون ته مامري جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، اڄ به ڀاءُ اسان کان نه وسريو آهي، کيس گهر ۾ ياد ڪندي سمورا گهر ڀاتي روئي ڏيون ٿا، هر وڏي ڏينهن تي ڀاءُ کي ياد ڪندي سندس وڏي کوٽ محسوس ڪندا آهيون، جڏهن ته مقتول سجاد عباسي جي ڀاءُ جاويد عباسي چيو ته منهنجو ڀاءُ ٽائل ماربل جو وڏو ڪاريگر هو، هو روزانو هزارين رپيا ڪمائيندو هو، ڪڏهن به ڪنهن اڻ وڻندڙ سرگرمي ۾ ملوث نه هو، ان جي شادي کي اڃا 7 مهينا ٿيا هئا ته بيگناهه بيدرديءَ سان ڪوڙي مقابلي ۾ کيس قتل ڪيو ويو، انصاف نه ملڻ تي اسين مايوس ٿي ويا آهيون، ڇاڪاڻ ته عدالتي حڪم تي ڪيس ته داخل ٿيو پر پوليس وارن ڪيس کي ڪوڙو قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏيو، انصاف نه ملڻ سبب اسان مايوس ٿي ويا آهيون پر ڀاءُ کي ڪڏهن به نه وساريو آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ٿا ڪريون ته مامري جو فوري نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هن ٻڌايو ته واقعي واري ڏينهن ڀاءُ پنهنجي دوست زوهيب سان گڏ صبح جو ڪراچي يونيورسٽي روڊ تان موٽرسائيڪل تي چڙهي ماني وٺڻ وڃي رهيو هو ته رينجرز اهلڪارن ڊبل سواري تي پابندي جو بهانو ڄاڻائي ٻنهي کي روڪي 18 جون 2009ع تي ٻنهي کي بيگناهه قتل ڪيو.مقتول سجاد عباسي جي ڀاءُ جاويد ڪاوش سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته اهلڪارن ڀاءُ ۽ سندس دوست کي پهريان گرفتار ڪيو هو ۽ مٿن وحشياڻو تشدد ڪري ٻنهي جون ڄنگهون ۽ ٻانهون ڀڳيون هيون، ان بعد مقابلو ڏيکاري کين ماري ڇڏيو.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: رينجرز اهلڪارن ٻنهي کي روڪي 18 جون2009ع تي ٻنهي کي بيگناهه قتل ڪيو

    انا لله وانا عليه راجعون

    رب العالمين سنڌي محنت ڪش نوجوانن جي مغفرت فرمائي کين جنت نصيب ڪري ۽ پاڪستان جي ظالم ادارن جي ظالم انسانن کان حساب وٺي ۔۔ آمين

    هن ملڪ ۾ ته ادا سائين ائين ٿيندو آيو آهي، ٿيندو رهندو ان ۾ نه ته ڪا تبديلي ايندي بلڪ جهڙا نمونا نظر اچن ٿا ته اڃان اهو ظلم وڌندو، رب العالمين پناهه ۾ رکي ظالم قومن سان گڏجڻ جو نتيجو ته اسانکي ئي حاصل ٿيندو ۔۔۔

    الامان يا رب العاليمن
     
  3. غلام شبير ڪيريو

    غلام شبير ڪيريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2011
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد حسن ڪيريو نزد هالانوان
    جواب: رينجرز اهلڪارن ٻنهي کي روڪي 18 جون2009ع تي ٻنهي کي بيگناهه قتل ڪيو

    الله وٽ ته انصاف آهي اهو انصاف ضرور ڪندو هي دنيا وارا ڪهڙو حساب ڪندا ٿيڻ ته ائين گهرجي جو انهن بي رحمن کي سرعام ڦاسي اچي پر پاڪستان ۾ انصاف گهرڻ معني ۔۔۔۔۔ وقت وڃائڻ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو