چونڊ ڪهاڻيون (امر جليل)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,269
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    امر جليل جون ڪهاڻيون ، ناول ۽ ڪالم لکڻ جو انداز بلڪل نرالو هوندو آهي۔ سندس لازوال ۽ چونڊ ڪهاڻين تي مشتمل هي ڪتاب سنڌي عوامي اِي بوڪ پاران انٽرنيٽ تي آندو ويو آهي۔ هن ڪتاب ۾ سندس هيٺيون مشهور ڪهاڻيون شامل آهن:

    1۔ هڪ خطرناڪ سنڌ پرست جي ڳولها
    2۔ جنرل هوش محمد شيدي
    3۔ آدم جي ماء
    4۔ ڪپيل ٻانهن جو وارث
    5۔ پنجين موسم
    6۔ ڏند ڪٿا
    7۔ محرم علي
    8۔ عشق ۽ انٽرويو
    9۔ دولت، ناموس ۽ ڪنوارو
    10۔ منهنجو ڏس آسمان کان پڇو

     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    341
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: چونڊ ڪهاڻيون (امر جليل)

    ادا سٺي ونڊ آهي ۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    SSA Thatta USAID Pakistan Reading Project
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    مھرباني سائين ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو آھي۔ اميد ته نئون ڪتاب به آڻي پڙھڻڻ جو موقعو ڏيندا۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليم رند

    سليم رند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 مئي 2012
    تحريرون:
    136
    ورتل پسنديدگيون:
    409
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سنڌ ۽ سنڌين سان محبت ڪرڻ
    ماڳ:
    ڪنده ڪوٽ سنده
    مھرباني سائين ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو آھي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. اندر ڪشن

    اندر ڪشن
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا ڪتاب ڊائون لوڊ لنڪ ڪم نه ٿو ڪري۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,269
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ادا لنڪ درست ڪئي وئي آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,397
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    ڪهاڻي جي لغوي معناعون ته ڪجهه هي آهن ۔۔هڪ وڏو منگهڙت قصو ، حڪايت ، ڳالهه ، آکاڻي ، ذڪر ، رجوعات ، قِصو ، ڪَٿا ، وارتا ،داستان ، پٽاڙ ، بيان ، افسانو ، تذڪرو ، شب افسانو ، مگر ڪهاڻي آهي ڇا اچون ٿا ان پاسي، ڪهاڻي ادب جي هڪ اهم حصو آهي ڪهاڻي کانسواء ادب پڻ اڌورو آهي بي جان آهي بي مزي آهي۔ ۽ ان ادب جي به ڪا ڪهاڻي نه آهي جنهن ادب م ڪهاڻي جي صنف نه آهي۔ ادب ۾ استعمال ٿيندڙ ڪهاڻي جي تاريخ به اوتري قديم ۽ اوائلي آهي جيترو هي انسان۔ ڪهاڻي يا قصو افسانو انسان جي زندگي سان لازم ملزوم رهي ٿو، ۽ ڪهاڻي انسان جي سائي سان گڏ گڏ سفر ڪري رهي آهي، ۽ جئين انسان پنهنجو سفر ڪندو رهيو آهي اهڙي ريت هي ڪهاڻي به پنهنجو سفر جاري ۽ ساري رکيو آهي۔۽ انسان جو ساٿ ناهي ڇڏيو، جهڙي ريت هن انسان ترقي ڪئي آهي اهڙي ريت هن ڪهاڻي به پنهنجي سفر ۾ ترقي ڪئي آهي۔ ۽ وقت جي حساب سان ڪهاڻي ۾ به مختلف رنگ اچڻ لڳا، ۽ اهي ڪهاڻيون نه صرف خيالي قصا ۽ افسانه رهيا مگر انهن ۾ حقيقت جون نشاندهيون پڻ شامل ڪيون ويون ۽ هي ڪهاڻي پراڻي رنگ مان نڪري ڪري هڪ اهڙي رنگ ۾ اچي پير رکيو آهي جنهن سان معاشري ۾ ٿيندڙ نا انصافين ۽ ظلمن خلاف هڪ تحريڪ هلائي آهي،جيڪا هڪ مڃيل حقيقت آهي،
    اسان جي سنڌي ادب ۾ به تمام سٺيون ڪهاڻيون لکيون وڃن ٿيون ۽ انهن ڪهاڻين ۾ سماج جي تمام براين کي وائکو پڻ ڪيو وڃي ٿو، ۽ سنڌي ادب ۾ جمال الدين ابڙو، امر جليل، نور الهده شاهه، بهترين ڪهاڻيڪار آهن ، انهن جي ڪهاڻي ۾ اسان جي معاشري جي هيٺئين طبقي سان ٿيندڙ نا انصافين کي عام ماڻهون جي اڳيان آندو ويو آهي، ۽ انهن جي انهيء انداز ئي انهن کي پنهنجي شخصيت ۾ منفرد حيثيت وارو بڻائي ڇڏيو آهي۔نور الهده شاهه ته حويلين ۾ ٿيندڙ غير فطري غير انساني حرڪتن کي به قلم بند ڪرڻ کان ناهي ڪيٻايو ۽ هق سچ جي راه جي راهي بڻي آهي۔ ۔ هون ته ڪنهن به ٻولي جو شاعر به هڪ بهترين ڪهاڻيڪار هوندو آهي ۽ اهو پنهنجي شاعري ۾ پڻ ڪهاڻي پيش ڪندو آهي، جيئن اسان جي سنڌ جي شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح پنهنجي شاعري ۾ ڪهاڻيون پيش ڪيون آهن، ( جنهن تي ڪم ٿيڻ باقي آهي ڊاڪٽريت جي مقالي جي حساب سان ) مگر منهنجي خيال ۾ اڃان به سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي تي اهو ڪم ناهي ٿيو جيڪو ٿيڻ گهرجي، ان جو شايد سبب ساڳو آهي جيڪو اسان جي سنڌي ادب جي ٻين وصفن سان آهي ۽ ان جو قدر ناهي ڪيو ويو، ان جو ڪارڻ اسان جي ماڻهون جو ڪتابن کان پري رهڻ آهي، مون کي اهيا اميد آهي ته اسان جو نوجوان ڪهاڻي جي بهترين صنف تي محنت ، سچائي ۽ بيباقي سان ڪم ڪندو ته جيئن ڪهاني جي صنف ۾ جيڪي جهول آهن اهي ختم ڪيا وڃن، ته جيئن سماج ۾ هڪ نئون ذهن آڻي سگهجي جنهن سان تعليم عام ٿئي ۽ جهالت وهم وسوسه، توهم پرستي ۽ ذهني ڪمزوري کي ختم ڪجي۔

    امر جليل صاحب اسان جي سنڌ جو اهو واحد عالم اديب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ڪهاڻيڪار، نثر نويس، ڪالم نگار ۽ ٽي ويءَ جو ڊرامانگارآهي جيڪو دور حاضر جي حڪمرانن تي به بيباڪي سان تنقيد ڪرڻ ڄاڻندو آهي ۽ اها کيس پرواهه ئي ناهي رهندي ته منهنجي هن بيباڪي جي ڪري مون کي ڪو نقصان به پهچي سگهي ٿو۔۔۔۔۔۔۔، مان هي ڳالهه ڪا عام رواجي طور تي نه ڪريو رهيو آهيان، بلڪه هي هڪ حقيقت آهي، جنهن جو عڪس توهان پاڻ امر جليل صاحب جي پروگرام سنڌ ٽي وي تي ڪلاس روم ۾ ڏسي سگهو ٿا، يا وري سندس لکيل ڊرامن ڪالمن ۽ ڪهاڻين ۾ ڏسي پسي ۽ محسوس ڪري سگهو ٿا۔
    امرجليل 8 نومبر 1936ع تي سنڌ جيمشهور شهر روهڙيءَ ۾ ڄائو. سندس اصل نالو عبدالجليل ولد عبدالغني قاضي آهي. پاڻ ابتدائي تعليم، ڪراچيءَ جي رتن تلاءُ پرائمري اسڪول مان ورتائين. وڌيڪ بي. اي. تائين -تعليم- نوابشاهه مان ورتائين. پوءِ ٻيهر ڪراچي آيو ۽ڪراچي يونيورسٽيءَ مان اقتصاديات ۾ ايم. اي ڪيائين. ان کان سواءِ ايم. اي هسٽري به آهي. ان دوران هن ڪرڪيٽ راند ۾ به نالو ڪڍيو. اسڪول، ڪاليج ۽يونيورسٽيءَ ۾ ٽيمن جو ڪپتان رهيو. سنڌ جو ناميارو مصور ظفر ڪاظمي ۽ امرجليل ڪراچيءَ ۾ گڏ ڪرڪيٽ کيڏندا هئا. هن کي ننڍپڻ کان ئي لکڻ جو چاهههو. 1956ع ۾ سندس پهرين ڪهاڻي ”اندرا“ جي عنوان سان نوابشاهه مان نڪرندڙسنڌي رسالي ”ادا“ ۾ ڇپي. 1963ع ۾ سندس پهريون اسٽيج ڊرامو ”-انسان-“،نئشنل ٿيئٽر، ڪراچيءَ ۾ پيش ڪيو ويو
    سندس ڪهاڻين ۾ دور حاضر جي حڪمرانن وڏيرن جاگيردارن پيرن ميرن جي نا انصافين ۽ غير اخلاقي ڪردارن نروار۽ ظاهر ڪرڻ وارو انداز ملي ٿو۔سندس ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر“ ڇپجڻ سبب، پابنديءَ هيٺ رهي مگر انهن سختين هوندي به امر جليل صاحب نه لکڻ ڇڏيو نه وري لکڻ وارو انداز ڇڏيو۔.
    امرجليل صاحب نه رڳو سنڌي لکڻ ڄاڻي پر پاڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ايڊيوڪيشنل ٽيڪنالاجيءَ جو وڏو ماهر آهي۔۔۔
    سندس مشهور ڪهاڻي آهي اروڙ جو مست۔ ۽ امر جليل صاحب پاڻ کي به اروڙ جو مست سڏائيندو آهي۔۽ مذهبن کي مڃڻ جو به هڪ پنهنجو انداز آهي، جنهن جي ڪري مٿس تنقيد به ٿيندي رهندي آهي۔سندس مذهبي فڪر سان ڪجهه ڳالهين ۾ اختلاف به ڪري سگهجي ٿو مگر ڪجهه ڳالهيون اهڙيون آهن جنهن سان اتفاق به ڪري سگهي ٿو۔
    امر جليل جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو جو نالو ”دل جيدنيا“ آهي، جيڪو پهريون دفعو 1968ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جا ڪيترا ايڊيشن ڇپجيچڪا آهن. اهو ڪتاب ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ٿيو آهي. (2) ”تاريخ جو ڪفن“، (3) ”جڏهن مان نه هوندس“، (4) ”ٽيون وجود“، (5) ”منهنجو ڏس -آسمان- کان پڇو“، (6) ”رني ڪوٽ جو خزانوجيجل منهنجي ماءُ“، (8) ”-امر جليل- جون اوائلي ڪهاڻيون“ (9) ”چنڊوسامي ويو“ (6) ”رني ڪوٽ جو خزانو وغيره ذڪر لائق آهن.امر جليل صاحب ڪهاڻين سان گڏ ناول به لکيا۔ سندس مشهور ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو ته پنهنجو مٽ پاڻ آهي جنهن جهڙو ناول شايد سنڌي ۾ ڪنهن لکيو هجي۔هن ناول ته امر جليل صاحب کان ڏيهه پرڏيهه ۾ مشهور ڪري ڇڏيو۔
    سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو ڪهاڻيڪار طارق اشرف ماهوار ”سهڻي“ جي ”امر جليل نمبر“ ۾ ”جليل جيئن ڏٺو اٿم“ ۾ لکيو آهي ته: ”اڄ جليل سنڌي ادب جو سڀ کان مشهور ڪهاڻيڪار آهي، سنڌيءَ ۾ جليل کان وڌيڪ ڪوبه ڪهاڻيڪار ايڏو مشهور نه ٿيو ۽ نه ئي ڪنهن ڪهاڻيڪار جا ايڏا چاهيندڙ پيدا ٿيا آهن جيتوڻيڪ سندس هم عمر ڪهاڻيڪارن ۾ آغا سليم، نسيم احمد کرل،غلام نبي مغل، قمر شهباز ۽ عبدالقادر جوڻيجو پڻ بهترين ڪهاڻيڪار آهن، حقيقت اها آهي ته جليل اهو ئي ڪجهه لکي ٿوجيڪو پڙهندڙ جي ذهن ۾ آهي، هو جيڪو ڪجهه لکي ٿو انهيءَ سان پڙهندڙن جي جذبات جي ترجماني ٿئي ٿي، جليل سندن دل جي ڳالهه ڪري ٿو، جليل ذهن ۾ متل باهه تي تيل وجهي ٿو، پوءِ ڇونه اهي ڪهاڻيون مشهور ٿين.
    هن مختصر لکڻي ۾ به مان محترم سليمان وساڻ صاحب جو شڪر گذار آهيان جو سائين امر جليل صاحب جي ڪهاڻين واري ڪتاب کي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شامل ڪري اسان سنڌ سلامت کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڏسندڙ لاء سنڌي ادب جي هن صنف جو بهترين مواد مهيا ڪري ڏنو آهي۔
    امر جليل صاحب پنهنجي ذاتي ۽ علمي ادبي جيون ڪٿا پڻ لکي رهيو آهي جيڪا ڪافي حد تائين ڇپجي چڪي آهي سندس آتن ڪٿا مان ڪجهه ٽڪرو هت پيش ڪجي ٿو، جنهن مان سندس سهڻي لکڻي جو انداز ظاهر ٿئي ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    آتم ڪٿا لکڻ جو فيصلو نه ڪيو اٿم، پر لڳيم ٿو، ڄڻ زندگيءَ جي جھنگ ۾ جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو اٿم. زندگيءَ جي جھنگ جو جائزو وٺڻ لاءِ جيترو جھنگ جھاڳيو اٿم، تنهن ۾ ٻيهر موٽ کائڻ جو فيصلو ڪيو اٿم، يا کڻي ائين چوان ته زندگيءَ جي رڻ ۾ ڀٽڪندي جيڪي ورهيه وڃايا اٿم، تن ورهين جا پيرا کڻڻ جو فيصلو ڪيو اٿم. سمنڊ جو اُهي ڇوليون جيڪي ڪنارن کي سجدو ڪري موٽي ويون آهن تن ڇولين کي ورائڻ جو فيصلو ڪيو اٿم، يادگيرين جي آئيني تان دز لاهڻ جو فيصلو اٿم، آئيني جي عڪس ۾ پنهنجو چچريل چهرو ڏسڻ جو فيصلو ڪيو اٿم، انهن چهرن کي ٻيهر ڏسڻ جو فيصلو جن چهرن سج وانگر منهنجي زندگيءَ کي روشني ڏني آهي.زندگي ڪنهن ترتيب ۽ سٽاءَ سان نه گذري آهي. زندگي بدحواسيءَ، افراتفريءَ ۽ بدنظمي ۾ گذري آهي. تسلسل جي غير موجودگيءَ جو اوهين ان مان اندازو لڳائي سگھو ٿا جو منهنجي ڪنهن به ڪهاڻيءَ کي نه شروعات هوندي آهي ۽ نه ڪا پڄاڻي. منهنجون ڪهاڻيون اڌ مان شروع ٿينديون آهن ۽ اڌ ۾ ختم ٿي وينديون آهن. اڌ ۾ ڇڏيل ڪهاڻيءَ مان ٻي ڪهاڻيءَ جنم وٺندي آهي، ۽ اها ڪهاڻي به پڄاڻيءَ کان اڳ اڌ ۾ ختم ٿي ويندي آهي. مون کي احساس آهي ته آتم ڪٿا ۾ تسلسل نه هوندو. بيان جو سلسلو لاڳيو هلي نه سگھندو. سلسلو ڳنڍبو ۽ ٽُٽندو رهندو. آتم ڪٿا جي انت تائين وقفي وقفي کان پوءِ ساڳين مرشدن، مهربانن، دوستن، رهبرن ۽ رهزنن، جو ذڪر اٿلندو رهندو. مان جن جو اولڙو آهيان، مان جن جو عڪس آهيان، مان جن جو پاڇو آهيان تن جو ذڪر هلندو رهندو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    مهرباني اڱڻ انتظاميه جي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو