• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لال شهباز قلندر جي ولادت وارو ڏينهن

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ muhammad
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

muhammad

سينيئر رڪن
لال شهباز قلندر جي ولادت وارو ڏينهن

سيوهڻ ۾ لال شهباز قلندر جو ساليانو ميلو هر سال 17 شعبان کان 20 شعبان تائين ٿيندو آهي، سندن وفات 21 شعبان تي ٿي، جنهن تي اڪثر عالم متفق آهن. سندن جنم لاءِ ڪافي مورخن ماهه رجب کي مڃيو آهي. ماهه رجب جي ڪهڙي تاريخ؟ اهو احوال ڪٿان به نٿو ملي. لال شهباز قلندر جي عرس واري موقعي تي سڄي ملڪ سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين زائرين اچن ٿا. ميلي ۾ هر سال ادبي ڪانفرنس ٿئي ٿي، جنهن ۾ سنڌ جا ننڍا وڏا اديب، محقق مقالا پڙهن ٿا، مگر اڄ تائين سندن ولادت جي ڏينهن ۽ تاريخ تي ڪنهن به قلم نه کنيو آهي. سيوهڻ ۾ هلندڙ سينه بسينه روايتن ۽ هيٺ ڄاڻايل سببن جي ڪري منهنجي راءِ آهي ته سندن جنم ڏهاڙو 21 رجب المرجب جو ڏينهن هجڻ گهرجي. آڳاٽي دور کان وٺي هن مهل تائين سيوهڻ جي قديم ماڳ يڪٿنڀي يا چوٿنڀي تي 21 رجب جي رات هر سال هڪ خاص رسم ادا ڪئي وڃي ٿي. گهڻو اڳ اتي راڳ، سرود سماع ۽ ڌمال ڪئي ويندي هئي. صوفياڻي راڳ رنگ مان اها محفل هاڻي هڪ ميلي ۽ عام راڳ جي صورت اختيار ڪري وئي آهي. هن موقعي تي هڪ پٿر جي تنور ۾ مانيءَ جو هڪ روٽ، جنهن کي قلندر سائينءَ جو فقرائي روٽ چيو وڃي ٿو، پچڻ لاءِ وڌو وڃي ٿو. هن کي سيوهڻ جا ماڻهو ”ٻوڪيءَ“ جي رسم چون ٿا. پري پري کان آيل قلندر شهباز جا عقيدتمند نسل در نسل ان محفل ۾ شريڪ ٿيندا رهن ٿا. ماهه رجب کان علاوه سيوهڻ ۾ هر ماهه جي 21 تاريخ جي اهميت جي حوالي سان ان رات درگاهه تي ٿيندڙ روزانه ڌمال ۾ وڏا نقارا ڪڍي ڌمال جي رڌم سان گڏ ”شادمانو“ رڌم ساز ۾ وڄايو ويندو آهي. شادمانو خوشيءَ يا استقبال جي علامت آهي. گڏوگڏ 20 رجب جي ڏينهن فجر مهل کان پوءِ شام يعني 21 هين جي رات تائين سڄو ڏينهن وقفي وقفي سان هڪ ننڍي نقاري تي طبل رڌم وڄايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد به ان رات کي اهميت ڏيڻ ۽ شهر واسين توڙي زائرين کي ان رات جي آگاهي ڏيڻ هوندو آهي. قلندر شهباز جي حوالي سان 21 هين رجب جي رات مشهور آهي. هن رات ۽ ڏينهن تي سيوهڻ ۾ خير خيراتون ۽ لنگر ورهايا ويندا آهن. اهو سلسلو هاڻ به سيوهڻ جي ساداتن ۽ اوقاف وارن طرفان جاري آهي. 21 رجب المرجب کي سندن جنم ڏينهن قرار ڏئي ان ڏينهن به هر سال سندن فڪر ۽ پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ ڪي اهتمام ٿيڻ گهرجن، تمام پڙهندڙن ۽ نقادن کي راءِ ڏيڻ جي اپيل ٿا ڪريون.

نظير حيات سيوهاڻي/ سيوهڻ
 
جواب: لال شهباز قلندر جي ولادت وارو ڏينهن

ادا لاجواب پر يار هر سال ميلو 17 شعبان کان 20 شعبان تائين ٿيندو آهي، جي 21 رجب آهي ته حڪومت کي ان حساب سان عرس ملهائڻ گهرجي ۔۔۔۔۔۔۔ پر حڪومت کي ڪهڙو مٿي جو سور آهي جو ان مسئلي کي ڇيڙي۔
 
Back
Top