سج تريء هيٺان - شاعري (ڊاڪٽر تنوير عباسي)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
تنوير عباسيء جو شمار سنڌ جي چوٽيء جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو۔ سندس شاعريء جو هي ڪتاب ”سج تريء هيٺان “ سندس چونڊ شاعريء تي مشتمل آهي جيڪو 1977 ۾ نذر سنس حيدرآباد پاران ڇپايو ويو هو۔ هن ڪتاب مان ڪجهه چونڊ شاعري:


او تنوير اسان ستلن جي ننڊ ڦٽائڻ آيا آهيون،
اسان ته شاعر آهيون سائين، اسان ته ڳائڻ آيا آهيون۔
تو ڪيئن ڀانيو هن محفل ۾ پاڻ وڻائڻ آيا آهيون،
اسان ته تنهنجي ازلي سونهن تي جان گنوائڻ آيا آهيون۔



هن ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ مرحوم ڊاڪٽر تنوير عباسيء جي فرزند محترم سرمد عباسيء جي آهي ۽ هُن پاڻ ئي انٽرنيٽ تي اِي بوڪ ايڊيشن تنوير عباسي ڊاٽ اور جي نالي ويب سائيٽ تان متعارف ڪرايو آهي۔


 
Back
Top