غمن ۾ ڪا عيد ڪر

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
صبح صبح ڪا ديد ڪر
غمن ۾ ڪا عيد ڪر

روئينديون رهيون دير
خراب نه هي مزيد ڪر

رهڻ گهران تو ڀر ۾
هٽائي نه بعيد ڪر

گهڻو ڪيو آ انتّظار
هٿان هوا نويد ڪر

اداسي ئي اداسي آهي
پيدا ڪا اميد ڪر

رقيبن ۾ ويهي ڏاڏل
پيار جي تجديد ڪر


 
جواب: غمن ۾ ڪا عيد ڪر

ڏاڏل سائين سلام

ادا هيڏا غم آهن۔خوشيون ڳوليون ٿا پر لڀن ڪونه ٿيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پوء به جيون پيا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

بقول لطيف سائين جي ته

پئي کڻي پساهه پسڻ ڪارڻ پريئن جي
 
جواب: غمن ۾ ڪا عيد ڪر

سائين اسان ته زماني جو حال ڏسي پيا رڙهون انهن حالن ۾ جي ڪا نظر ٿي پوي ته عيد ٿي ويندي۔
وسلام
 
Back
Top