• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ادا اهو عشق آهي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
ادا اهو عشق آهي

سياڻن چريو چوائي
هٿان لوڪ کلائي
ماري مور نه پرچائي
ڪُڏي ڪنڌ ڪپائي
ادا اهو عشق آهي

مري ٿو ته به مُرڪي
کائي گهاءُ ڪي نه ڪُرڪي
نگاه نرمل ڏي سِرڪي
اکيون اکين ۾ ملائي
ادا اهو عشق آهي

سمجهي سڀ راز
محبوب جا جي ناز
قربت جا ڳولي جواز
جيت کي هارائي
ادا اهو عشق آهي

جت محبوب جو راز
اتي پهچي ٿي شهباز
ڪُڏي ڪپجڻ عجب انداز
موت کان مور نه لنوائي
ادا اهو عشق آهي

موت کي ڏئي موت
جوت کي ڏئي جوت
هوت سان رهي هوت
جيئن چوي تيئن چوائي
ادا اهو عشق آهي

ڏاڏل سلي نه سک
توڙي مري بک
ڪروڙين نه لک
هي دولت ڇا آهي
ادا اهو عشق آهي
 
جواب: ادا اهو عشق آهي

سياڻن چريو چوائي
هٿان لوڪ کلائي
ماري مور نه پرچائي
ڪُڏي ڪنڌ ڪپائي
ادا اهو عشق آهي



ادا اها ڪهڙي شيء آهي جو اوهان کي ٿي شاعري تي هرڪائي
لڳي ٿو اهو عشق آهي۔

سائين خوش طبعي معاف ڪندا
 
جواب: ادا اهو عشق آهي

سياڻن چريو چوائي
هٿان لوڪ کلائي
ماري مور نه پرچائي
ڪُڏي ڪنڌ ڪپائي
ادا اهو عشق آهي



ادا اها ڪهڙي شيء آهي جو اوهان کي ٿي شاعري تي هرڪائي
لڳي ٿو اهو عشق آهي۔

سائين خوش طبعي معاف ڪندا

سائين مذاح جا ڪروڙين قرب
 
Back
Top