بيدار ڪر فڪري نور

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
بيدار ڪر فڪري نور

بيدار ڪر فڪري نور
ممڪن ناهي مومن مجبور

غيب جا پردا هٽندا
مهدي جو تو ۾ ظهور

غير الله تي ٿي غالب
تو ۾ آهي الاهي دستور

ڪر تقدير کي تبديل
آڻي پاڻ ۾ شعور

ڇو ٿو ڳولين هيڏي هوڏي
تو ۾ راز الاهي ڀرپور

تون هر زماني جو آدم
تو ۾ موسى تو ۾ طور

لا الا جي ڏاڏل سواري
پوءِ‌ منزل ناهي ڪا ڏور
 
Back
Top